Zardari ittehad official

Zardari ittehad official زندگی

ڪردار بهترين هجي ته💯تعارف جي ضرورت ناهي پوندي🖤✨ ♥️✨
15/08/2026

ڪردار بهترين هجي ته💯
تعارف جي ضرورت ناهي پوندي🖤✨
♥️✨

جشن آزادی مبارک تمام زرداری برادری کو زرداری اتحاد پاکستان
12/08/2026

جشن آزادی مبارک
تمام زرداری برادری کو
زرداری اتحاد پاکستان

02/08/2026

*ناانصافي جي به ڪا حد هوندي آهي!*
UC چنيسر 01
۾ ٻين ڳوٺن ۾ نوان روڊ ٺاهي ماڻهن جي گهرن جي درن تائين پهچايا پيا وڃن، پر افسوس جو ڳوٺ امام بخش زرداري اڄ به نظرانداز ٿيل آهي.
اسان جو ڳوٺ 1992ع کان وٺي روڊ جي سهولت کان محروم آهي. اڄ به اسان جا غريب ۽ مسڪين ماڻهو پڪي روڊ لاءِ منتظر آهن.
اسان 1992ع کان وٺي PPP کي ووٽ ڏيندا پيا اچون، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ڳوٺ کي اڄ تائين بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون.
نه اسان جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا آهن،
نه ڪو مناسب اسپتال آهي،
نه ئي اسڪولن لاءِ ڪافي استاد آهن،
۽ نه ئي سوئي گئس جي سهولت موجود آهي.
ٻين ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، روڊ ٺهي رهيا آهن، پر اسان جي ڳوٺ کي ڇو نظرانداز ڪيو پيو وڃي؟ آخر اسان جو ڏوهه ڇا آهي؟
اسان ڪنهن سان دشمني نٿا رکون، نه ڪنهن کي گهٽ وڌ چوڻ مقصد آهي. هي پوسٽ صرف پنهنجي دل جي ڏک ۽ پنهنجي ڳوٺ جي غريب مسڪين ماڻهن جي احساسن کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهيان.
جڏهن پنهنجي حق جي ڳالهه ڪريون ٿا ته چيو وڃي ٿو ته غلط نه چئو، ۽ جڏهن خاموش رهون ٿا ته اسان جي محرومي ختم نٿي ٿئي.
بس، هاڻي الله پاڪ کي دانهن آهي. الله پاڪ پاڻ سڀني جو حساب وٺندو ۽ انصاف ڪندو.
اسان جو سوال صرف ايترو آهي:
آخر ڳوٺ امام بخش زرداري کي روڊ، سوئي گئس، صحت، تعليم ۽ روزگار جهڙين بنيادي سهولتن کان ڪڏهن تائين محروم رکيو ويندو؟
اسان به هن ڌرتيءَ جا ماڻهو آهيون. اسان جي غريبن ۽ مسڪينن جو به حق آهي.
اسان کي به اسان جو حق ڏنو وڃي.

نوابشاهه اھم خبر اسد زرداري گرفتار پوليس گاڏي ۾ رلائيدي رھي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اھم سرگرم اڳواڻ ۽ پ پ پ يوٿ ونگ ضلعي ...
24/06/2026

نوابشاهه
اھم خبر
اسد زرداري گرفتار پوليس گاڏي ۾ رلائيدي رھي

پاڪستان پيپلز پارٽي جو اھم سرگرم اڳواڻ ۽ پ پ پ يوٿ ونگ ضلعي شھيد بينظير آباد ضلعي صدر اسد زرداري پوليس ھٿان گرفتار گھر تي پوليس چڙھائي، خبر موجب ضلعي شھيد بينظير آباد صدر محمد سالم خان زرداري جو ڀاڻيجو ۽ يوٿ ونگ ضلعي صدر اسد زرداري سنڌ ناما سان فون تي رابطو ڪري ڳالهائيندي چيوته مون کي ميئر قاضيءَ رشيد ڀٽي جي پٽ شاھ رخ قاضي گرفتار ڪرايو آهي شاھ رخ ڀٽي نوابشاهه جو ڪرتو ڌرتو آھي ميونسپل ڪارپوريشن بلديا کي شاھ رخ قاضي ھلائي رھيو آھي ۽ تعصب پرستي طور مون کي گرفتار ڪرايو آھي منھنجو مامو سالم زرداري پ پ پ ضلعي صدر شھيد بينظير آباد آھي مان يوٿ ونگ ضلعي صدر آھيان منھنجي گھر تي پوليس ائين چڙھائي ڪئي آھي ڄڻ ڪو ڏوھاري ھجان منھنجو اھو ڏوھ آھي ته منھنجي گھر ٻاھران پاڻي لائن جو پائيپ ٽٽي پيو گھر م پاڻي اچي رھيو ھيو منھنجي گھر سميت پاڙي وارن جي گھرن ۾ به پاڻي داخل ٿيو پئي مون بلديا جي آفيسرن کي ڪال ڪئي ته پاڻي جي لائن ٺاھيو پر انھن چيو ته قاضي شاھ رخ ڪراچي آھي نوابشاهه م ناھي اھو حڪم ڪندو ته ڪم ڪنداسين ھن چيو ته قاضي شاھ رخ نه بلديا م ملازم آھي نه آفيسر بس جو ميئر قاضي رشيد ڀٽي جو پٽ آھي ۽ سڄي بلديا ۽ شھر کي ھلائي رھيو آھي مون پاڻي جي لائن بند ڪرائي چڏي ته جيئن نقصان نه ٿئي ان عمل تي منھنجي گھر تي پوليس چڙهائي ڪئي آھي

اسد زرداري چيو مون کي پوليس موبائيل ۾ ويھاري گھمائيندا پيا وتن ڪيڏي مھل اوڏانهن ڪيڏي مھل ھيڏانھن ھن چيو ته مان آزاد ٿيڻ کان پوء شاھ رخ خلاف ڌرڻو ھڻندس
ذريعن مطابق پاڻي جي لائن بند ڪرڻ خلاف مئير قاضي رشيد ڀٽي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کي ليٽر لکي موڪليو جنھن کا پوءِ اھڙي ڪاروائي ڪئي وئي آھي

نوابشاہ اہم خبر
اسد زرداری گرفتار،
پاکستان پیپلز پارٹی کے اہم سرگرم کارکن اور پی پی پی یوتھ ونگ ضلع شہید بینظیر آباد کے ضلعی صدر اسد زرداری کو پولس نے گرفتار کر لیا۔گھر پر پولس چھاپہ مار کر گرفتاری عمل میں آئی۔ سندہ نامہ سے فون پر بات کرتے ہوئے اسد زرداری نے بتایا کہ مجھے میئر قاضی رشید بھٹی کے بیٹے شاہ رخ قاضی نے گرفتار کروایا ہے۔
شاہ رخ قاضی نوابشاہ کا کرتا دھرتا ہے، وہ میونسپل کارپوریشن بلدیہ کو چلا رہا ہے۔ تعصب کی بنیاد پر مجھے گرفتار کروایا گیا ہے۔
میرا ماموں محمد سالم خان زرداری پی پی پی ضلع شہید بینظیر آباد کے صدر ہیں اور میں یوتھ ونگ کا ضلعی صدر ہوں۔ میرے گھر پر ایسے چھاپہ مارا گیا جیسے میں کوئی مجرم ہوں۔
میرا جرم یہ ہے کہ میرے گھر کے باہر پانی کی لائن کا پائپ پھٹا ہوا تھا جس کی وجہ سے گھر میں پانی داخل ہو رہا تھا۔ گھر سمیت محلے کے دیگر گھروں میں بھی پانی بھر رہا تھا۔
میں نے بلدیہ کے افسران کو کال کی کہ پانی کی لائن ٹھیک کروائیں تو انہوں نے کہا کہ قاضی شاہ رخ کراچی میں ہے، نوابشاہ میں نہیں۔ وہ حکم دے گا تو ہم کام کریں گے۔
اسد زرداری نے مزید بتایا کہ شاہ رخ قاضی نہ تو بلدیہ میں ملازم ہے اور نہ ہی کوئی افسر، وہ صرف میئر قاضی رشید بھٹی کا بیٹا ہے اور پوری بلدیہ اور شہر کو چلا رہا ہے۔
جب میں نے پانی کی لائن بند کروا دی تاکہ نقصان نہ ہو، تو اس عمل پر میرے گھر پر پولس چھاپہ مارا گیا۔
اسد زرداری کا کہنا تھا: مجھے پولس موبائل میں بٹھا کر گھماتے رہے، کبھی ادھر کبھی ادھر۔ آزاد ہونے کے بعد میں شاہ رخ قاضی کے خلاف دھرنا دوں گا۔
ذرائع کے مطابق، پانی کی لائن بند کرنے کے خلاف میئر قاضی رشید بھٹی نے ڈپٹی کمشنر شہید بینظیر آباد کو خط لکھا، جس کے بعد یہ کارروائی کی گئی۔

پيارو اسٽيشن ڳوٺ راوت خان زرداري  ۾ زرداري برادري ۽ قمبراڻي برادري جو فيصلو سردار در محمد خان بوزدار جي سرپئنچي ۾ ٿي گذر...
31/05/2026

پيارو اسٽيشن
ڳوٺ راوت خان زرداري
۾ زرداري برادري ۽ قمبراڻي برادري جو فيصلو سردار در محمد خان بوزدار جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ ڦر ڪندي مزاحمت تي زخمي ٿيل قيوم زرداري جو ڏوھ قمبراڻي برادري تي ثابت ٿيو
قمبراڻي ڌر تي 15 لک رپيه ڏنڊ ۽ تڏو ميڙ رکيو ويو
ڌريون کير کنڊ ٿي ويون
فيصلي ۾ زرداري اتحاد پاڪستان سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري امير علي زرداري ضلع دادو جي سرپرست اعلي محمد جمن زرداري سرپرست رئيس خدابخش زرداري زرداري اتحاد پاڪستان سنڌ ضلع دادو جو صدر سرائي طالب زرداري ۽ ڀيا شريڪ

Address

Ghulam Hyder Shah Colony
Nawabshah
67450

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Zardari ittehad official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share