29/07/2026
موسمياتي تبديلين بابت ھارين جي لوڪ ڪچھري
هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن، ڪيئر انٽرنيشنل جي سهڪار ۽ FCDO جي مالي مدد سان هلندڙ آواز II پروگرام تحت، ڳوٺ حاجي صحبت خان لغاري ضلع ميرپورخاص ۾ موسمياتي تبديلين بابت ڳوٺاڻن سان لوڪ ڪچهري رکي وئي.
هن ڪچهري ۾ ڳوٺ جي بزرگن، نوجوانن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا جتي ڳوٺاڻن هڪ ٻئي سان حال احوال اوريندي پنهنجن رندگين جي ڪاروھنوار بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي.
بزرگن ۽ اڌڙوٽ عمر جي ڳوٺاڻن ھارين پنهنجون يادون تازيون ڪندي ٻڌايو ته هڪ وقت هو، جڏهن زمين ڏاندن جي جوڙي سان هر هلائي پوکي ويندي هئي، پاڻي کوهن مان ڪڍيو ويندو هو، وڻن سان محبت ڪئي ويندي هئي ۽ ماڻهو فطرت سان هم آهنگ هئا سادي ۽ سڪون ڀري زندگي گذاريندا هئا. اڄ حالتون بدلجي ويون آهن. وڌندڙ مهانگائي، معاشي تڪليفن ۽ غربت سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجا وڻ به وڍرائي ۽ وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. جنهن جو سڌو اثر اسان جي ماحول تي پئجي رهيو آھي.
هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ٽيم موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ خطرن تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته وڻن جي واڍ، انڊسٽرين فيڪٽرين جي واڌ ۽ گاڏين جي وڌندڙ استعمال سبب گرمي جي شدت، هيٽ اسٽروڪ سبب گرمي پڌ تمام گهڻو وڌي رهيو آھي ان سان گڏ فصلن جي پوک ۽ لاباري جا روايتي موسم به تبديل ٿي ويا آھن، جنهن جو اثر نه صرف هارين جي زندگيءَ تي پر پوري ماحول ھاڃيڪار ٿي رهيا آهن.
ڳوٺاڻن پڻ پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته اڳي ماڻهو ڍڳي گاڏين، سميت ٽانگن ۽ سائيڪلن تي سفر ڪندا هئا، جنهن سان نه ماحول آلودہ ٿيندو هو ۽ نه ئي تيل تي وڏو خرچ ايندو هو. اڄ ٽيڪنالاجي زندگي کي آسان ضرور ڪيو آهي، پر ماحول تي گهرا اثر به ڇڏيا آھن.
ڪچهري دوران وڻڪاري ڪرڻ، موجوده وڻن جي حفاظت، شمسي توانائي (Solar Energy)، هوائي توانائي (Wind Power) ۽ ماحول دوست طريقن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.
هن خوبصورت ڪچهري جو هڪ يادگار پهلو سنڌ جي صوفي روايتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ڀڳت ڪبير ۽ روحل فقير جي انسانيت، محبت ۽ فطرت سان عشق واري پيغام تي ويچار ونڊيا ويا.
لطيفي ايوارڊ يافته مقامي لطيف جو راڳي فقير مدد علي جت ۽ سندس گروپ ۾ متارو جت پنهنجي سُريلي آواز ۽ تنبوري جي سازن سان شاهه لطيف جي وائي پيش ڪئي.
جڏهن ته فقيرو ڪولهي به ڀڳت ڪبير جا ڀڄن ڳائي محفل کي روحاني رنگ ڏئي ڇڏيو. ڳوٺاڻن نه رڳو انهن کي وڏي دلچسپي سان ٻڌو، پر تاڙيون وڄايون، گڏ ڳايو ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي تي فخر جو اظهار ڪيو.
آخر ۾ اهو احساس وڌيڪ مضبوط ٿيو ته جڏهن ماحول جي حفاظت، علم، ثقافت ۽ ڪميونٽي هڪ هنڌ گڏ ٿين ٿا، تڏهن ئي حقيقي تبديلي جنم وٺندي آهي.
اچو ته گڏجي وڻ پوکيون، وڻ بچايون، پنهنجي ثقافت سان محبت ڪريون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ سرسبز، صحتمند ۽ محفوظ مستقبل جو بنياد رکون..
Climate Action through Community Dialogue and Cultural Heritage
Hari Welfare Association (HWA), under the AAWAZ II Programme
led by CARE Pakistan and funded by UK International Development (FCDO), organized a Lok Katcheri (Community Dialogue) on Climate Change in Village Haji Sohbat Khan Laghari, District Mirpurkhas.
The gathering brought together village elders, farmers, youth, and children to reflect on how climate change is affecting their lives and livelihoods. Elders recalled a time when farming relied on bullocks, water was drawn from wells, trees were valued and protected, and people lived in harmony with nature. Today, rising inflation, poverty, and economic hardship have forced many families to cut down and sell trees, contributing to environmental degradation.
HWA's team highlighted how deforestation, industrial expansion, and the increasing use of vehicles are intensifying extreme heat, heatwaves, and heatstroke while disrupting traditional cropping and harvesting seasons. These changes are posing serious challenges to farmers, rural communities, and the environment.
Participants emphasized the need to promote tree plantation, protect existing forests, adopt renewable energy solutions such as solar and wind power, and encourage environmentally friendly practices to build climate resilience.
The event also celebrated Sindh's rich cultural and spiritual heritage. Discussions reflected on the timeless messages of Shah Abdul Latif Bhittai, Sachal Sarmast, Bhagat Kabir, and Rohal Fakir, whose teachings inspire humanity, peace, love, and respect for nature. The gathering was enriched by soulful performances from Latifi Award-winning folk singer Fakir Madad Ali Jat and his group, while Fakiro Kolhi captivated the audience with Bhagat Kabir's devotional bhajans. Villagers enthusiastically joined in, celebrating their shared cultural identity.
The dialogue concluded with a powerful message: lasting change happens when communities unite to protect the environment, preserve their cultural heritage, and work together for a sustainable future.
🌱 Let's plant more trees, protect our natural resources, cherish our cultural heritage, and build a greener, healthier, and more resilient future for generations to come.