02/10/2025
طرقياتي ڪم
سج لهڻ کان اڳ، اميد جا ڏيئا ٻارياسين،
رستن تي پنهنجن خوابن جي مٽي وجهي سنوارياسين،
مصيبتن کان پوءِ به، اسان نه هارياسين*،
هيومن اپيل جي ساٿ سان، نئين دنيا سجائي سين 🌾
الحمد الله منھنجي ٿورڙي ننڍي ڪوشش سان
ڳوٺ رئيس علي حسن لاشاري ۾ ھيومن اپيل اداري طرفان ڳوٺاڻي سطح تي آفتن جي انتظامڪاري جي سکيا ۽ ڪجھ مالي مدد کان پوءِ ڳوٺ جي رهواسين غير معمولي جذبي
۽ اتحاد سان گڏجي ڀاري مشينري جو استعمال ڪندي ڳوٺ جي چئيني پاسن کان رستن جي سطح کي لڳ ڀڳ 4 فوٽ
مٽي وجهي بلند ڪيو پيو وڃي ،جنهن سان اهي رستا هر سال ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي کان بچي ويندا ۽ وڌيڪ مضبوط ٿي ويندا هي قدم ڳوٺ جي مستقبل لاءِ هڪ مضبوط بنياد آهي ۽ روزاني زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪندو .ڳوٺ علي حسن لاشاري جا رهواسين انتهائي خوشي ۽ جذبات سان پنهنجو شڪر ادا ڪندي چيو ته
هيومن اپيل جي سهڪار سان اسان جي ڳوٺ ۾ زندگي نئين سر آسان ٿي رهي آهي.
هي ڪم صرف رستن جي مرمت نه پر اسان جي مستقبل لاءِ روشن اميد آهي.”ڳوٺاڻا دل جي گهراين سان هيومن اپيل، FAO، WFP ۽ USAID جا ٿورائتا آهن، جن جي ڪوششن سان ڳوٺ جو خواب حقيقت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.
*Thanks and Regards*
*Mr.Irfan Ali Lashari*