Team Haji Muhammad Ayoub Dohat

Team Haji Muhammad Ayoub Dohat Publications

🌹 جشنِ آمدِ رسول ﷺ — ميلادِ مصطفى ﷺ 🌹دوداڻي دسترخوان تي 12 ربيع الاول، شام جي وقت، مدني سرڪار حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جي آمدِ...
27/08/2026

🌹 جشنِ آمدِ رسول ﷺ — ميلادِ مصطفى ﷺ 🌹

دوداڻي دسترخوان تي 12 ربيع الاول، شام جي وقت، مدني سرڪار حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جي آمدِ مبارڪ جي خوشيءَ ۾ محفلِ ميلادِ مصطفى ﷺ جو بابرڪت پروگرام منعقد ڪيو ويو.
محفلِ پاڪ ۾ علماءِ ڪرام سميت ڳوٺ جي معززين، عزيزن، دوستن، مٽن مائٽن ۽ ڳوٺاڻن وڏي عقيدت، محبت ۽ ادب و احترام سان شرڪت ڪري محفلِ ميلادِ پاڪ جي روحاني فيض مان فيضياب ٿيا.
تقريب جي شروعات تلاوتِ قرآنِ پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ عاشقانِ رسول ﷺ پاران نعتِ رسولِ مقبول ﷺ پيش ڪئي وئي.
ان موقعي تي شيرين زبان، حافظ احمد رضا سڪندري صاحب محبوبِ خدا، حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جي شانِ اقدس بابت نهايت خوبصورت ۽ پُراثر بيان فرمايو، جنهن سان محفل جو روحاني رنگ وڌيڪ نروار ٿي ويو.

آخر ۾ صلوات و سلام پيش ڪرڻ کان پوءِ تقريب جي صدارت ڪندڙ، ٿرپارڪر جي معروف علمي ۽ ادبي شخصيت، ولي ابنِ ولي، قبله سائين حاجي عبدالرحمان سنگراسي صاحب، اسمِ پاڪ جي محفل کان پوءِ خصوصي دعا فرمائي.

اللّه پاڪ هن بابرڪت محفل کي قبول فرمائي، سڀني شرڪت ڪندڙن کي عشقِ رسول ﷺ سان مالامال فرمائي ۽ اسان سڀني تي رحمتون ۽ برڪتون نازل فرمائي. آمين يا رب العالمين 🤲🌹
✨ سعادتِ اهتمام:
امتياز، ايوب ڏوهٽ، الطاف، امداد، طفيل، اڪرم ۽ دوداڻي برادرس

  Nawaz Somro🎂💙
17/08/2026

Nawaz Somro🎂💙

ڀلين آئين ڀلا پرين جانب شل جئين اهڙا پير پريت جا ڏيهاڙي ڏئين اکين ۽ هنئين ڄڻ حضوري حج ڪيوامتياز ايوب ڏوهٽ جي طرفان دوداڻ...
16/08/2026

ڀلين آئين ڀلا پرين جانب شل جئين اهڙا پير پريت جا ڏيهاڙي ڏئين اکين ۽ هنئين ڄڻ حضوري حج ڪيو

امتياز ايوب ڏوهٽ جي طرفان دوداڻي هائوس، اوڏاڻي تي
هڪ پُرنور ۽ بابرڪت چانهه پارٽيءَ جو اهتمام ڪيو ويو
جنهن ۾
محققِ اهلِ سنت، جانشينِ نائبِ شيرِ مصطفىٰ ﷺ، حضرت علامه مولانا، مفتي ابنِ مفتي، قبله سائين ڊاڪٽر حق النبي سڪندري الازهري صاحب جن جي پُرنور تشريف آوري ٿي.
سائين جن جي آمد اسان جي ڳوٺ لاءِ وڏي برڪت، سعادت ۽ روحاني خوشيءَ جو سبب بڻي.
سائين جن سان ملاقات ۽ سندن صحبت ۾ ڪجهه گهڙيون گذارڻ اسان لاءِ ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ ناهي
اوهان جي آمد اسان جو اعزاز
اوهان جي زيارت اسان جو نصيب
دوداڻي دسترخوان تي آيل معزز مهمانن سان محبت، عقيدت ۽ خلوص سان گڏجاڻي ٿي. ان موقعي تي استادِ محترم حاجي محمد ايوب جي مغفرت ۽ بلنديءَ درجات لاءِ خصوصي دعا
پڻ گهري وئي
سائين جن ٿر تي رحمت جي برسات، خوشحالي، امن ۽ آبادڪاري لاءِ پڻ خصوصي دعا فرمائي
آخر ۾ آيل معزز مهمانن کي ٿر جي ثقافت جي خوبصورت سوکڙي، لوئي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا، ته جيئن محبت، مهمان نوازي ۽ ٿر جي ثقافتي روايتن جو هي رنگ
هميشه ياد

اللّه پاڪ سائين ڊاڪٽر حق النبي سڪندري الازهري صاحب جن جي عمر، علم، عمل ۽ فيض ۾ برڪت عطا فرمائي، ۽ اسان سڀني کي نيڪين، محبتن ۽ بزرگن جي صحبت نصيب فرمائي

آمين يا ربّ العالمين🤲🤲

اسلام ڪوٽ/امتياز ايوب ڏوهٽ صلاحاڻي هائوس اسلام ڪوٽ پهچي پياري دوست وريام لنجو صلاحاڻي کي عمري جي سعادت ماڻي واپس خير و آ...
16/08/2026

اسلام ڪوٽ/

امتياز ايوب ڏوهٽ صلاحاڻي هائوس اسلام ڪوٽ پهچي پياري دوست وريام لنجو صلاحاڻي کي عمري جي سعادت ماڻي واپس خير و آفيت سان وطن پهچڻ تي مبارڪباد ڏني

چاچا حاجي عاقيل لنجو صاحب سان پڻ ملاقات ڪئي

انهي موقعي تي الطاف امداد ڏوهٽ دودوخان ڏوهٽ محمد عثمان طفيل احمد اعظم ڏوهٽ ساڻس گڏ موجود هئا

ويجهيار/امتياز ايوب ڏوهٽ الطاف امداد ڏوهٽ ڳوٺ ويجهيار پهچي پياري دوست نواز سومرو صاحب جي والد صاحب ۽ چاچا صاحب کي حج جي ...
04/07/2026

ويجهيار/

امتياز ايوب ڏوهٽ الطاف امداد ڏوهٽ ڳوٺ ويجهيار پهچي پياري دوست نواز سومرو صاحب جي والد صاحب ۽ چاچا صاحب کي حج جي سعادت ماڻي واپس خير و آفيت سان وطن پهچڻ تي مبارڪباد ڏني

انهي موقعي تي محمد عثمان ڏوهٽ مير محمد لنجو طفيل احمد ايم صديق دوداڻي موجود هئا

مٺي/امتياز ايوب ڏوهٽ بلالاڻي هائوس مٺي پهچي محبوب قائد ايم پي اي سنڌ فقير شير محمد بلالاڻي سان ملاقات ڪئيطفيل بن اڪرم اي...
03/07/2026

مٺي/

امتياز ايوب ڏوهٽ بلالاڻي هائوس مٺي پهچي محبوب قائد ايم پي اي سنڌ فقير شير محمد بلالاڻي سان ملاقات ڪئي

طفيل بن اڪرم ايم صديق دوداڻي موجود هئا
Team Haji Muhammad Ayoub Dohat

اوڏاڻي / دوداڻي دستر خوانامتياز ايوب ڏوهٽ جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيل چانهه پارٽي ۾ قبله سائين، پيرِ طريقت، رهبرِ شريعت، حض...
30/06/2026

اوڏاڻي / دوداڻي دستر خوان

امتياز ايوب ڏوهٽ جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيل چانهه پارٽي ۾
قبله سائين، پيرِ طريقت، رهبرِ شريعت، حضرت علامه و مولانا سائين بابا جان عرف شير محمد پتافي صاحب
جي باوقار آمد سان محفل کي چار چنڊ لڳي ويا
سائين دسترخوان تي تشريف فرما ٿيڻ کان پوءِ ذڪرِ الٰهي،
نعتِ رسولِ مقبول ﷺ، صلوٰة و سلام پيش ڪيو ويو.

ان کان پوءِ سائين، مرحوم حاجي محمد ايوب ڏوهٽ سميت سڀني مرحوم عزيزن ۽ اقارب جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ سمورن حاضرين جي خير و برڪت لاءِ خصوصي دعا فرمائي.

محفل جي پڄاڻيءَ تي مهمانِ خاص کي سنڌ ۽ ٿر جي ثقافت جي علامت طور روايتي اوڍاڻيون پيش ڪري عزت افزائي ڪئي وئي.

هن روحاني ۽ بابرڪت محفل ۾ سائين مولوي غلام محمد سيفي، حاجي علم الدين ڏوهٽ، مولوي راضي ڏوهٽ، راوت ڏوهٽ، عثمان ڏوهٽ، مير محمد لنجو، وسايو ڏوهٽ، شڪرالدين ڏوهٽ، ايم اقبال ميراڻي ۽ دوداڻي برادري جي نوجوانن سميت وڏي انگ ۾ معزز شخصيتن شرڪت ڪري محفل جي رونق وڌائي.

اللّه پاڪ هن بابرڪت محفل جون سڀ نيڪ دعائون قبول فرمائي ۽ سڀني مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين. 🤲🌹

امتياز ايوب ڏوهٽ دلن جو تڙ پهچي حاجي اڪبر قاسم دل ماستر بادل دل جي والده جي جنازه نماز ۾ شرڪت ڪئيڳوٺ ڀوڄاسر جاني لنجو په...
21/06/2026

امتياز ايوب ڏوهٽ دلن جو تڙ پهچي حاجي اڪبر قاسم دل ماستر بادل دل جي والده جي جنازه نماز ۾ شرڪت ڪئي

ڳوٺ ڀوڄاسر جاني لنجو پهچي حاجي عبدالستار لنجو کي حج شريف جي سعادت ماڻي واپس ڏيهه پهچڻ تي مبارڪباد ڏني

مُهنتار پهچي حاجي دوست علي ويسر کي حج شريف جي سعادت ماڻي واپس ڏيهه پهچڻ تي مبارڪباد ڏني

اسلام ڪوٽ شهر پهچي فقير منور ساگر جي امڙ جي وفات تي فاتح ڪئي

مصري ميمڻ پهچي حاجي فيض محمد ميمڻ صاحب کي حج شريف جي سعادت ماڻي واپس وطن پهچڻ مبارڪباد ڏني
مفتي بلبل ٿر حافظ عبدالغني ميمڻ سان پُڻ ملاقات ڪئي

الطاف امداد ڏوهٽ عثمان ڏوهٽ طفيل بن اڪرم ايم صديق دوداڻي ساڻس گڏ موجود هئا

پاڪستان پيپلز پارٽي ايم پي اي سنڌ فقير شير محمد بلالاڻي ٽگٺيو پهچي حاجي اويس مڏو جي وفات تي پوئنيرن سان تعزيت ڪئي هنگورج...
14/06/2026

پاڪستان پيپلز پارٽي ايم پي اي سنڌ فقير شير محمد بلالاڻي ٽگٺيو پهچي حاجي اويس مڏو جي وفات تي پوئنيرن سان تعزيت ڪئي

هنگورجه آباد لڳ اوڏاڻي پهچي بچل هنگورجو جي وفات تي پوئنيرن سان تعزيت ڪئي

چيلھار شهر پهچي رگھو مل ڏيڏاڻي جي امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي

انهي موقعي تي امتياز ايوب ڏوهٽ طالب ڏوهٽ ثناءاللّه هنگورجو منيش ڌناڻي ساڻس گڏ

الحمدلله ❤️مرشدن جي نگري درگاه بڪيرا شريف، ٽنڊو الهيار مان آيل معزز مهمانن سيد دامن علي شاه صاحب، انتظار راجپوت صاحب، مع...
06/06/2026

الحمدلله ❤️

مرشدن جي نگري درگاه بڪيرا شريف، ٽنڊو الهيار مان آيل معزز مهمانن سيد دامن علي شاه صاحب، انتظار راجپوت صاحب، معشوق ٿيٻو صاحب ۽ اويس نصرپوري صاحب جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، جن پنهنجي محبتن سان اسان کي نوازيو ۽ اسان کي پنهنجي خدمت ڪرڻ جو شرف بخشيو.

دوداڻي دسترخوان اُوڏاڻي تي اوهان جي آمد اسان لاءِ اعزاز، خوشي ۽ سعادت جو سبب بڻي. اوهان جهڙن عزت وارن مهمانن جي ميزباني ڪرڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. الله پاڪ اوهان سڀني کي صحت، سلامتي، عزت، برڪت ۽ خوشين سان مالا مال فرمائي.

اوهان جون محبتون، دعائون ۽ شفقتون هميشه ياد رهنديون. الله پاڪ اسان جي وچ ۾ محبتن، خلوص ۽ ادب جو هي رشتو هميشه قائم ۽ دائم رکي. آمين.

الله پاڪ اوهان سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي. 🤍🌹

🌹 دل جي گهراين سان شڪريو 🌹

دوداڻي دسترخوان اُوڏاڻي

Address

Village Udani P/o Chachro Tharparkar
Mithi
33601

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Team Haji Muhammad Ayoub Dohat posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share