20/12/2025
امر شهيد ڀڳت ڪنور رام ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ امر شهيد ڀڳت ڪنور يادگار ڪميٽي جي طرفان
22 ڊسمبر کان نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ مفت انگريزي ٽيوشن جو سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي.
هي قدم ان مقصد سان کنيو ويو آهي ته جيڪي نوجوان اڳتي هلي ڪنهن يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، يا پرڏيهي تعليم کي جاري رکڻ جو ارادو رکن ٿا، يا ڪنهن به اداري ۾ نوڪري ڪرڻ چاهين ٿا، تن جي بنيادي انگريزي ۽ ڪميونيڪيشن اسڪلز مضبوط بڻائي سگهجن.
اسان اوهان سڀني کان گذارش ڪريون ٿا ته اوهان پنهنجن پنهنجن ٻارن کي لازمي طور تي هن ٽيوشن ۾ موڪليو، ته جيئن هو هن سهولت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن.
رجسٽريشن لاءِ رابطو ڪريو:
📞 +92 315 3062199
سر شهاب الدين بوزدار