IBA JESTs 2021 Larkana

IBA JESTs 2021 Larkana A unified voice for Larkana's IBA-qualified JESTs.

We are exclusively committed to fighting for our rights, protecting merit, and securing our professional future.

26/04/2026

📢 نون سرڪاري ٽيچر جي "آهه" ۽ سينيئرن جي "واهه واهه"!

آءِ بي اي (IBA) 2021 جو امتحان پاس ڪيو، 2022 ۾ مقرري ٿي. ائين محسوس ٿيو ته هاڻي زندگي سنورجي وئي آهي—سرڪاري نوڪري ملي وئي، ڄڻ ته هاڻي رڳو سڪون ئي سڪون هوندو. گهر وارن خوشي ۾ مٺايون ورهايون، دوستن مبارڪون ڏنيون. پر اصل حقيقت جو احساس تڏهن ٿيو جڏهن خبر پئي ته سرڪاري آفيس ۾ “تنخواه” تائين پهچڻ جو رستو پلِ صراط کان به وڌيڪ ڊگهو ۽ ڏکيو آهي۔

منهنجي پهرين تنخواه پوري ڏهه مهينن کان پوءِ ملي. انهن ڏهه مهينن ۾ ڪيئن گذارو ٿيو، اهو مان ۽ منهنجو رب ئي ڄاڻون ٿا۔ ادھار، قرض ۽ “اڳئين مهيني ضرور” جهڙن ڪوڙن واعدن تي زندگي هلندي رهي۔ پر ڏک رڳو تنخواه جي دير جو نه، پر انهن طنزيه جملن جو به آهي جيڪي اسڪول پهچندي ئي سينيئر استادن ۽ هيڊ ماسٽرن طرفان ٻڌڻا پيا۔

حوصلہ افزائي بدران عجيب منطق پيش ڪئي وئي: “پٽ! توهان ماڻهو تمام خوش نصيب آهيو۔ صحيح وقت تي آيا آهيو۔ 2030 تائين اسين سڀ رٽائر ٿي وينداسين، پوءِ ميدان صاف هوندو—پروموشن ئي پروموشن هونديون، مزا ڪندؤ!”

اسين به سادگي ۾ خوش ٿي وياسين ته چڱو، مستقبل روشن آهي۔ پر اهو نه ڄاتو هئاسين ته هن “روشن مستقبل” تائين پهچڻ کان اڳ اسان کي پنهنجي کيسي مان ڪيتريون قربانيون ڏيڻي پونديون۔

اسان جي حالت ان مجبور پيءُ جهڙي ٿي وئي آهي، جنهن جون اٺ ڌيئر شادي جي عمر تي هجن ۽ هو انهن جي رخصتي جي فڪر ۾ ڳري رهيو هجي۔ اسان لاءِ ڪجهه سينيئر استاد اهي “ڌيئر” ثابت ٿي رهيا آهن، جن جي سسرالن کي ڏاج ۾ “ماروتي 800” گهرجي۔

جون 2022 کان اپريل 2026 اچي ويو آهي، پر “فيئر ويل پارٽين” جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو جاري آهي۔ هر مهيني ڪو نه ڪو “باباءِ اسڪول” رٽائر ٿئي ٿو ۽ نون استادن کي حڪم ملي ٿو ته 1500، 2000 يا 3000 رپيا جمع ڪرائن۔

ستم ظريفي تڏهن عروج تي هوندي آهي، جڏهن الوداعي تقريب ۾ سينيئرن جا ويجها ساٿي جذباتي ٿي چون ٿا: “اسان جو ته 30 سالن جو ساٿ آهي، تمام گهڻيون يادون لاڳاپيل آهن!”

جيڪڏهن واقعي 30 سالن جو ساٿ آهي ته حصو به اوترو ئي هجڻ گهرجي، جيترو 3 مهينا اڳ آيل نئين استاد جو آهي! پوءِ اهي جذباتي اپيلون ڇو؟ جيڪڏهن ايتري محبت آهي ته خرچ به پنهنجي کيسي مان ڪريو—نون استادن تي اهو بار ڇو وڌو وڃي؟

اصولاً ائين ٿيڻ گهرجي ته رٽائر ٿيندڙ استاد جي اعزاز ۾ هڪ سادي ۽ باوقار تقريب رکي وڃي۔ جيڪو جيترو چاهي، پنهنجي خوشي سان تحفو ڏئي—سوئي کان وٺي جهاز تائين، پر پنهنجي حيثيت مطابق۔ زبردستي چندي جو اهو نظام هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي۔

مهانگائي جي هن دور ۾، جڏهن نون استادن جي تنخواه اڳ ئي محدود آهي، اهي تقريبون نه رڳو کيسي تي بار آهن پر ذهني دٻاءُ جو سبب به بڻجن ٿيون۔

تحرير: محمد شعيب

نوٽ: هن تحرير جو مقصد ڪنهن به سينيئر استاد جي دل آزاري نه، پر نون استادن جي معاشي مشڪلاتن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي۔

GASTA Election schedule 2026-28. Are you going to submit your nominations? Tell us in the comments please.
12/04/2026

GASTA Election schedule 2026-28.

Are you going to submit your nominations? Tell us in the comments please.

اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل (M&E) جو فيلڊ وزٽ ۽ ميٽنگن جو شيڊيول...... اسڪولس جو جائزو (چيڪنگ) وٺڻ سان...
12/04/2026

اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل (M&E) جو فيلڊ وزٽ ۽ ميٽنگن جو شيڊيول......
اسڪولس جو جائزو (چيڪنگ) وٺڻ سان گڏ DEOs ۽ CMOs سان اھم معاملن تي گڏجاڻيون ڪرڻ، اسڪولن جي ڪارڪردگي، حاضري، بايوميٽرڪ ۽ بجيٽ وغيره جو جائزو وٺڻ تہ جيئن تعليم جو نظام بهتر بڻائي سگهجي.

Share on your wallPSTs/ JESTs seniorty lists Marks ki base pr banani hain New Rules ke mutabiq, jab ke jo lists banai ja...
26/03/2026

Share on your wall
PSTs/ JESTs seniorty lists Marks ki base pr banani hain New Rules ke mutabiq, jab ke jo lists banai ja rhi hen wo bilkul Old Rules ke mutabiq banai ja rhi hn jo ke Sindh Civil Servants Rules ke khilaf hai or merit k khilaf he.

11/03/2026

📢 Important Circular

On the directions of the Government of Sindh, all Government Schools in District Larkana will observe Spring Holidays from 16th March 2026 to 31st March 2026.

However, Annual Examinations will continue as per the already announced schedule and are exempted from this closure. Students appearing in examinations must attend according to their examination timetable.

All Heads of Institutions are directed to ensure smooth conduct of examinations during this period.

District Education Officer (ES&HS)
Larkana

25/02/2026

خوشخبري
نون JEST جا تمام جلد HST | SST پروموشن ٿيڻ وارا آگسٽ تائين فرسٽ فيز يعني ٽاپ مارڪن وارا مٿي ھوندا

List of absconders for personal appearance, District Larkana.
23/02/2026

List of absconders for personal appearance, District Larkana.

23/02/2026
لاڙڪاڻي جي  JESTs جي لاءِ خوشخبري.جي اي ايس ٽي ٽو ايڇ ايس ٽي پروموشن مارچ جي آخر ۾ ٿيڻ جا امڪان.
23/02/2026

لاڙڪاڻي جي JESTs جي لاءِ خوشخبري.
جي اي ايس ٽي ٽو ايڇ ايس ٽي پروموشن مارچ جي آخر ۾ ٿيڻ جا امڪان.

Salary Database JESTs Larkana (Phase VII).Congrats 👏
20/02/2026

Salary Database JESTs Larkana (Phase VII).
Congrats 👏

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when IBA JESTs 2021 Larkana posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share