15/02/2025
إِنَّا لِلَّهِ وَإِنَّآ إِلَيْهِ رَٰجِعُونَ.
عالِم يا اُستاد جو موت حقيقت ۾ عالَم يعني ڪائنات جو موت آهي ۽ انهن شخصيات جو حيات هجڻ سماج جو جياپو ۽ سونهن آهي.
اهڙن ئي مڙني خصوصيتن سان مالا مال منهنجو استاد سائين غلام مصطفي ساريو صاحب اڄ اسانکان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
سندس پوري زندگي علم جي روشني عام ڪرڻ ۾ گذري ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس خصوصيت هي هئي ته پاڻ پنهنجي نالي جو مانُ رکيو ۽ واقعي پوري زندگي مصطفي(ص)۽ سندس آل پاڪ(ع)جي سچي عشق ۽ محبت ۾ بصر ڪري اڄ وڃي سندن ڪچهري ۾ پهتو.
مولا سندس درجا بلند فرمائي،لواحقين جي خدمت ۾ تعزيت عرض آهي.
سيد ديدار حسين شاه بخاري