ينگ ويلفيئر يوسي ماٽو

ينگ ويلفيئر يوسي ماٽو Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from ينگ ويلفيئر يوسي ماٽو, Youth Organization, Mehrab Sandilo, Larkana.

الحمدلله ❤️ٻه ڏينهن اڳ هڪ سفيد پوش گهراڻي لاءِ بيٽري جي فراهمي لاءِ اپيل ڪئي وئي هئي، ۽ اڄ الله پاڪ جي فضل ۽ اوهان سڀني ...
06/08/2026

الحمدلله ❤️
ٻه ڏينهن اڳ هڪ سفيد پوش گهراڻي لاءِ بيٽري جي فراهمي لاءِ اپيل ڪئي وئي هئي، ۽ اڄ الله پاڪ جي فضل ۽ اوهان سڀني جي تعاون سان اها بيٽري مستحق گهراڻي جي حوالي ڪئي وئي آهي.
اسان دل جي گهراين سان انهن سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن جا شڪرگذار آهيون، جن هن نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو وڌو. الله پاڪ اوهان جي مال، صحت ۽ اولاد ۾ برڪت عطا فرمائي. آمين.

اسان وٽ اڃا به ڪيترائي مستحق ۽ سفيد پوش خاندان موجود آهن، جيڪي اوهان جي مدد جا منتظر آهن. جيڪڏهن اوهان به ڪنهن ضرورتمند جي چهري تي مُرڪ آڻڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي وس آهر مالي تعاون ضرور ڪريو.
EasyPaisa / JazzCash
Title: Athar Ali Brohi
03333668146
توهان جو ٿورو تعاون به ڪنهن ضرورتمند لاءِ وڏي آساني جو سبب بڻجي سگهي ٿو. الله پاڪ اوهان کي ان جو بهترين اجر عطا فرمائي. آمين.

دوستو! ڪالهه هڪ سفيد پوش گهراڻي لاءِ 100 واري بيٽري جي ضرورت بابت پوسٽ ڪئي هئي.الحمدلله، اوهان جي تعاون سان هينئر تائين ...
04/08/2026

دوستو! ڪالهه هڪ سفيد پوش گهراڻي لاءِ 100 واري بيٽري جي ضرورت بابت پوسٽ ڪئي هئي.
الحمدلله، اوهان جي تعاون سان هينئر تائين 7,400 رپيا جمع ٿي چڪا آهن.
بيٽري جي ڪل قيمت: 14,000 رپيا آھي ھن وقت جمع ٿيل رقم: 7,400 رپيا آھي
اڃا ضرورت: 6,600 رپيا
"ڦڙي ڦڙي تلاءُ ٿيندو آهي."
دوستو، مهرباني ڪري پنهنجي وس آهر هن نيڪ ڪم ۾ حصو وٺو. توهان جي ٿوري مدد به ڪنهن ضرورتمند لاءِ وڏي آساني بڻجي سگهي ٿي.
EasyPaisa / JazzCash:
03333668146
اڪائونٽ هولڊر:
Athar Ali Brohi
الله پاڪ اوهان جي مال، رزق ۽ زندگيءَ ۾ برڪت عطا فرمائي، ۽ هر نيڪيءَ جو بهترين اجر عطا ڪري. آمين.

هڪ سفيد پوش گهراڻي کي بيٽري جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ الله جي رضا خاطر هن نيڪ ڪم ۾ حصو وٺڻ چاهي ته مهرباني...
03/08/2026

هڪ سفيد پوش گهراڻي کي بيٽري جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ الله جي رضا خاطر هن نيڪ ڪم ۾ حصو وٺڻ چاهي ته مهرباني ڪري پنهنجي وس آهر مالي مدد ڪري.
EasyPaisa / JazzCash:
03333668146
Tittle Athar Ali Brohi
الله پاڪ توهان جي هر روپئي کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي، توهان جي رزق ۾ برڪت عطا ڪري ۽ توهان جي هر جائز دعا قبول فرمائي. آمين.
مهرباني ڪري هن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو، شايد توهان جي هڪ شيئر سان ڪنهن ضرورتمند جي مدد ٿي وڃي.

الحمدلله، ينگ ويلفيئر طرفان عيد کان اڳ بيواھن ۽ بي پهچ ماڻهن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو آهي۔هي هڪ ننڍڙو قدم آهي پر ڪيترن ئي گه...
31/05/2026

الحمدلله، ينگ ويلفيئر طرفان عيد کان اڳ بيواھن ۽ بي پهچ ماڻهن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو آهي۔
هي هڪ ننڍڙو قدم آهي پر ڪيترن ئي گهرن لاءِ وڏي خوشي جو سبب بڻجي ٿو۔
✨ توهان به هن نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري سگهو ٿا
🤝 اچو ته گڏجي ڪنهن جي زندگي بهتر بڻايون
03333668146
🏦 اڪائونٽ ٽائيٽل: Athar Ali Bohi
💳 EasyPaisa / JazzCash موجود آهي

اسلام عليڪم دوستو 🌙جيئن ته عيدالاضحيٰ ويجهو اچي رهي آهي، اچو ته پنهنجي خوشين ۾ ضرورتمندن کي به شامل ڪريون۔پنهنجي وس آهر ...
21/05/2026

اسلام عليڪم دوستو 🌙
جيئن ته عيدالاضحيٰ ويجهو اچي رهي آهي، اچو ته پنهنجي خوشين ۾ ضرورتمندن کي به شامل ڪريون۔
پنهنجي وس آهر Young Welfare کي ڊونيشن ڏيو ته جيئن بيواهه عورتن ۽ مستحق خاندانن ۾ راشن تقسيم ڪري سگهجي۔ 🤲💝
📲 EasyPaisa / JazzCash
03333668146
👤 Account Title: Athar Ali Bohi
توهان جي ننڍڙي مدد ڪنهن جي عيد خوشين ڀري بڻائي سگهي ٿي۔ ✨

12/04/2026

دوستو 🙏
جيئن ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان هاشم علي گاڏهي جي مدد لاءِ اپيل ڪئي هئي، اوهان سڀني دوستن جي مهرباني سان جيڪا به امانت (مدد) ملي، اها مڪمل ايمانداري سان هاشم علي گاڏهي جي حوالي ڪئي وئي آهي.

اسان دل جي گهراين سان اوهان سڀني جا ٿورائتا آهيون، جن پنهنجي وس آهر هن نيڪ ڪم ۾ حصو ورتو. الله پاڪ اوهان جي هر هڪ روپئي کي قبول فرمائي ۽ اوهان کي ان جو بهترين اجر عطا فرمائي، آمين 🤲

💳 اڪائونٽ تفصيل (مدد لاءِ):
Account Number: 03333668146
Account Title: Athar Ali Bohi
EasyPaisa / JazzCash

09/04/2026

دوستو 🙏
هي آهي هاشم علي گاڏهي، جيڪو ڄائي ڄم کان پوليو سبب هڪ ڄنگھ کان معذور آهي. ان معذوري باوجود به هو پنهنجي محنت سان گڏھ گاڏو هلائي رزقِ حلال ڪمائي پنهنجي ٻچن جي پرورش ڪندو رهيو آهي.
پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته تازو هن سان حادثو پيش آيو آهي، ۽ ساڳي پوليو واري ڄنگھ ٻيهر سخت زخمي/ڀڄي پئي آهي، جنهن سبب هو هاڻي وڌيڪ تڪليف ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
دوستو، اوهان سڀني کي دل جي گهراين سان اپيل آهي ته پنهنجي وس آهر هن محنتي انسان جي مدد ڪريو ته جيئن هو علاج ڪرائي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي. 🤲
💳 اڪائونٽ تفصيل:
Account Number: 03333668146
Account Title: Athar Ali Bohi
EasyPaisa / JazzCash
الله پاڪ اوهان جي هر مدد کي قبول فرمائي ۽ اوهان کي ان جو بهترين اجر عطا فرمائي، آمين۔

إِنَّا لِلّٰهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَدل جي گهري ڏک سان اطلاع ڏجي ٿو ته ساجد علي ڀٽي، جيڪو ڪافي عرصي کان بيماري ۾ م...
19/03/2026

إِنَّا لِلّٰهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ
دل جي گهري ڏک سان اطلاع ڏجي ٿو ته ساجد علي ڀٽي، جيڪو ڪافي عرصي کان بيماري ۾ مبتلا هو، هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔ سندس وڇوڙو مٽن مائٽن، دوستن ۽ سڄي برادري لاءِ وڏو صدمو آهي۔
سڀني سڃاڻپ وارن کي گذارش آهي ته مرحوم لاءِ دعا مغفرت ڪن۔ جنازي نماز بابت تفصيل بعد ۾ ٻڌايا ويندا، مهرباني ڪري اعلان جو انتظار ڪيو۔
الله پاڪ مرحوم کي پنهنجي رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي، سندس گناهن کي معاف ڪري ۽ گهر وارن کي صبر جميل عطا فرمائي۔ آمين 🤲

14/03/2026

دوستو 🙏
هي ننڍڙو ٻار واحد بخش گاڏهي جو پٽ آهي، جنهن جي هڪ بڪي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هن وقت سندس علاج هلي رهيو آهي۔ سڀني دوستن کي دل سان اپيل آهي ته پنهنجي وس آهر هن معصوم ٻار جي علاج لاءِ مالي تعاون ڪن، جيئن هن جو علاج جاري رکي سگهجي ۽ هن جي زندگي بچائي سگهجي۔
الله تعاليٰ تعاون ڪندڙ سڀني دوستن کي جزاءِ خير عطا فرمائي ۽ سندن رزق روزي ۾ برڪت وجهي۔ 🤲
📱 03333668146
👤 Account Title: Athar Ali Bohi
💳 EasyPaisa / JazzCash

Address

Mehrab Sandilo
Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when ينگ ويلفيئر يوسي ماٽو posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share