15/06/2026
سرڪاري رڪارڊ موجب:
🏫 گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪُلي
🔹 ڪُل SSB بجيٽ: 346,000 رپيا
🔹 جاري ڪيل رقم: 164,500 رپيا
🔹 باقي رقم: 181,500 رپيا
🏫 گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪُلي
🔹 ڪُل SSB بجيٽ: 394,000 رپيا
🔹 جاري ڪيل رقم: 202,250 رپيا
🔹 باقي رقم: 191,750 رپيا
📊 ٻنهي اسڪولن جي گڏيل SSB بجيٽ: 740,000 رپيا
📊 جاري ڪيل رقم: 366,750 رپيا
📊 باقي رقم: 373,250 رپيا
هاڻي عوام، والدين ۽ شاگردن جو سوال آهي:
هن بجيٽ سان ڪهڙا ڪم ڪيا ويا آهن يا ڪهڙا ڪم ڪيا ويندا؟
ڇاڪاڻتہ اڄ به:
🔹 پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ناهي.
🔹 واش روم / باٿ روم جي سهولت ناهي.
🔹پکن جي سهولت ناهي.
🔹 سولر سسٽم موجود ناهي.
🔹 شاگردن لاءِ مناسب فرنيچر موجود ناهي.
🔹 تدريسي عملي (استادن) لاءِ به مناسب فرنيچر موجود ناهي.
🔹 بنيادي سهولتن جي کوٽ برقرار آهي.
جيڪڏهن اسڪولن لاءِ بجيٽ جاري ٿي چڪي آهي ته عوام کي واضح طور ٻڌايو وڃي ته:
❓ رقم ڪهڙن ڪمن تي خرچ ٿي آهي؟
❓ ڪهڙا ڪم مڪمل ٿيا آهن؟
❓ باقي رقم ڪهڙن ڪمن تي خرچ ڪئي ويندي؟
تعليم تي خرچ ٿيندڙ هر روپيو ٻارن جي مستقبل جي امانت آهي. عوام کي شفافيت، جوابدهي ۽ اسڪولن ۾ عملي بهتري گهرجي.
ُلي #تعليم #اسڪول