Village Kuli - Social Issues

Village Kuli - Social Issues Voice of the People ✊
Highlighting social issues & community problems in Village Kuli (UC Matoo @ Kuli). Together we can bring change.

اسان جي علائقي جو سڀ کان وڏو مسئلو رڳو خراب حڪمراني نه، پر اها چمچاگيري به آهي، جيڪا هر ناڪامي تي پردو وجهي ٿي.ڪجهه ماڻه...
12/07/2026

اسان جي علائقي جو سڀ کان وڏو مسئلو رڳو خراب حڪمراني نه، پر اها چمچاگيري به آهي، جيڪا هر ناڪامي تي پردو وجهي ٿي.

ڪجهه ماڻهو هر وقت "وڏيرا صاحب، سردار صاحب" جا قصيدا پڙهندا رهن ٿا، ڄڻ PS-13 ۽ NA-195 يان يوسي ماٽو ڪلي پئرس يا لنڊن بڻجي ويا هجن. جيڪڏهن واقعي ايتري ترقي ٿي آهي، ته پوءِ ٽٽل رستا، بند نالا، گندگي، اونداهيون گهٽيون، پيئڻ جي پاڻي جا مسئلا ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ آخر ڇو آهي؟

چاپلوسي سان نه ترقي ايندي، نه عوام جا مسئلا حل ٿيندا. جمهوريت ۾ نمائندن کان سندن ڪارڪردگي بابت سوال ڪرڻ هر شهري جو حق آهي، ۽ نمائندن جي ذميواري آهي ته هو عوام کي پنهنجي ڪم جو حساب ڏين.

عزت خوشامد سان نه، پر ڪردار، سچ ۽ عوام جي خدمت سان ملندي آهي.

چمچاگيري ڇڏي، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪريو. شخصيتن جي نه، ڪارڪردگي جي حمايت ڪريو.

هاڻي وقت تعريفن جو نه، احتساب جو آهي.
هاڻي وقت خاموشي جو نه، حق جي آواز جو آهي.

ايم پي اي، ايم اين اي، يو سي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي حڪمراني جو مقصد آخر ڇا آهي؟جيڪڏهن حڪمراني جو نتيجو صرف:  ٽٽل رستا،  ...
06/07/2026

ايم پي اي، ايم اين اي، يو سي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي حڪمراني جو مقصد آخر ڇا آهي؟
جيڪڏهن حڪمراني جو نتيجو صرف: ٽٽل رستا، خراب نيڪال، صفائي جو ناقص نظام، اونداهيون گهٽيون، نظرانداز ٿيل اسڪول، ۽ اڻپورا عوامي منصوبا هجن...
ته عوام کي سوال پڇڻ جو مڪمل حق آهي.
حڪمراني صرف تقريرن، تصويرن ۽ واعدن جو نالو ناهي؛ حڪمراني جو اصل معيار زمين تي ٿيل ڪم هوندو آهي.
اڄ به عوام ترقي نه، پر بنيادي سهولتن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي.
عوام کي بيان نه، ڪم گهرجي. واعدا نه، نتيجا گهرجن. اختيار نه، ذميواري نڀائڻي پوندي.

28/06/2026

ڳوٺ ڪُلي جو هڪ رهواسي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري رهيو آهي...

ٽٽل روڊ، بند ناليون، گندو پاڻي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ—اهي ئي اسان جي روزاني زندگي جا مسئلا آهن.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام جو آواز ٻڌو وڃي.

جي ڪم نه، ته ووٽ به نه!
ڳوٺ ڪُلي کي ترقي گهرجي، واعدا نه.

📢 هي وڊيو آخر تائين ڏسو ۽ پنهنجو آواز به بلند ڪريو.

#احتساب
DC Larkano Deputy Commissioner Larkana Team Adil Altaf Unar

صفائي جو نظام ڪٿي آهي؟محرم الحرام جهڙو مقدس مهينو اچي ويو آهي. امام بارگاهن، مجلسن ۽ جلوسن جي رستن جي صفائي ۽ انتظام ڪرڻ...
23/06/2026

صفائي جو نظام ڪٿي آهي؟

محرم الحرام جهڙو مقدس مهينو اچي ويو آهي. امام بارگاهن، مجلسن ۽ جلوسن جي رستن جي صفائي ۽ انتظام ڪرڻ لاڳاپيل ادارن ۽ چونڊيل نمائندن جي ذميواري آهي.

پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ به ڳوٺ جا نوجوان ۽ شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت صفائي مهم هلائڻ تي مجبور آهن.

رستا پاڻ صاف ڪريو.
گند ڪچرو پاڻ هٽايو.
امام بارگاهن جي آس پاس صفائي پاڻ ڪريو.

ته پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو:

چونڊيل نمائندا آخر ڪهڙي ڪم لاءِ چونڊيا ويا آهن؟
يو سي جو بجيٽ آخر ڪهڙي ڪم تي خرچ ٿي رهيو آهي؟
عوام هر ڪم پاڻ ڪندي ته پوءِ ذميوار ادارن جو ڪردار ڪٿي آهي؟

عوام کي تڪليف ان ڳالهه جي ناهي ته هو پنهنجي ڳوٺ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. عوام هميشه پنهنجي علائقي لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي.

تڪليف ان ڳالهه جي آهي ته جتي خدمت ڪرڻي هجي اتي خاموشي آهي، پر جتي بجيٽ ۽ فنڊن جو سوال هجي اتي سڀ سرگرم نظر اچن ٿا.

اڄ به امام بارگاهن جي آس پاس ۽ عوامي هنڌن تي صفائي جو ڪم نوجوان پنهنجي خرچ ۽ پنهنجي محنت سان ڪري رهيا آهن.

عوام جو پئسو عوام جي خدمت تي خرچ ٿيڻ گهرجي، نه ته عوام کي هر ڪم پنهنجي کيسي ۽ پنهنجي محنت سان ڪرڻو پوي.

عوام سوال پڇندي رهندي.
ڪم نظر ايندو ته ساراهه به ٿيندي.

ڇا اسان کي مرڻو ناهي؟دڙو دودائڪو قبرستان ۽ معصومن جي مقام جو مسئلو – ڪڏهن حل ٿيندو؟اسان پنهنجون زرعي زمينون وڌايون ٿا، پ...
16/06/2026

ڇا اسان کي مرڻو ناهي؟
دڙو دودائڪو قبرستان ۽ معصومن جي مقام جو مسئلو – ڪڏهن حل ٿيندو؟

اسان پنهنجون زرعي زمينون وڌايون ٿا، پنهنجا گهر ٺاهيون ٿا ۽ پنهنجي مستقبل جي منصوبابندي ڪريون ٿا، پر ڇا اسان کي مرڻو ناهي؟

ڇا اسان جي وڏڙن، عزيزن ۽ ايندڙ نسلن جي آخري آرامگاهن جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري ناهي؟

افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته دڙو دودائڪو ۽ معصومن جي مقام ڏانهن ويندڙ رستو انتهائي خراب حالت ۾ آهي. خاص طور تي برساتن دوران صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ٿي. رستي ۾ پاڻي بيهي رهندو آهي، گپ ۽ کڏا پيدا ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهن کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليف پيش ايندي آهي.

ان کان علاوه قبرستان جي زمين ۽ حدن بابت پڻ ڳڻتيون موجود آهن. جيڪڏهن اڄ انهن مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته مستقبل ۾ صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿي.

هي صرف رستي جو مسئلو ناهي، هي پنهنجي وڏڙن جي آخري آرامگاهن جي تحفظ جو مسئلو آهي.

اسان لاڳاپيل اختيارين، ضلعي انتظاميه، روينيو کاتي ۽ چونڊيل نمائندن کان پُرزور مطالبو ڪريون ٿا ته:

✅ دڙو دودائڪو ۽ معصومن جي مقام ڏانهن ويندڙ رستي جي فوري مرمت ڪرائي وڃي.
✅ برساتي پاڻي جي نيڪال جو مناسب انتظام ڪيو وڃي.
✅ قبرستان جي حدن جو واضح تعين ۽ تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
✅ قبرستان جي زمين بابت موجود خدشن جو نوٽيس ورتو وڃي.

جيئرن جي مسئلن تي ڳالهائڻ ضروري آهي، پر مرحومن جي آخري آرامگاهن جو تحفظ به اوترو ئي ضروري آهي.

اڄ سوال صرف اهو آهي:
جيڪڏهن اسان کي مرڻو به آهي، ته ڇا اسان پنهنجي قبرستانن جي حفاظت لاءِ اڄ آواز نه اٿاريون؟
DC Larkano

سرڪاري رڪارڊ موجب:🏫 گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪُلي🔹 ڪُل SSB بجيٽ: 346,000 رپيا🔹 جاري ڪيل رقم: 164,500 رپيا🔹 باقي رقم:...
15/06/2026

سرڪاري رڪارڊ موجب:
🏫 گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪُلي
🔹 ڪُل SSB بجيٽ: 346,000 رپيا
🔹 جاري ڪيل رقم: 164,500 رپيا
🔹 باقي رقم: 181,500 رپيا

🏫 گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪُلي
🔹 ڪُل SSB بجيٽ: 394,000 رپيا
🔹 جاري ڪيل رقم: 202,250 رپيا
🔹 باقي رقم: 191,750 رپيا

📊 ٻنهي اسڪولن جي گڏيل SSB بجيٽ: 740,000 رپيا
📊 جاري ڪيل رقم: 366,750 رپيا
📊 باقي رقم: 373,250 رپيا

هاڻي عوام، والدين ۽ شاگردن جو سوال آهي:

هن بجيٽ سان ڪهڙا ڪم ڪيا ويا آهن يا ڪهڙا ڪم ڪيا ويندا؟

ڇاڪاڻ⁠تہ اڄ به:

🔹 پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ناهي.
🔹 واش روم / باٿ روم جي سهولت ناهي.
🔹پکن جي سهولت ناهي.
🔹 سولر سسٽم موجود ناهي.
🔹 شاگردن لاءِ مناسب فرنيچر موجود ناهي.
🔹 تدريسي عملي (استادن) لاءِ به مناسب فرنيچر موجود ناهي.
🔹 بنيادي سهولتن جي کوٽ برقرار آهي.

جيڪڏهن اسڪولن لاءِ بجيٽ جاري ٿي چڪي آهي ته عوام کي واضح طور ٻڌايو وڃي ته:

❓ رقم ڪهڙن ڪمن تي خرچ ٿي آهي؟
❓ ڪهڙا ڪم مڪمل ٿيا آهن؟
❓ باقي رقم ڪهڙن ڪمن تي خرچ ڪئي ويندي؟

تعليم تي خرچ ٿيندڙ هر روپيو ٻارن جي مستقبل جي امانت آهي. عوام کي شفافيت، جوابدهي ۽ اسڪولن ۾ عملي بهتري گهرجي.

ُلي #تعليم #اسڪول

عوامي سوال – ڳوٺ ڪُلييو سي جي سالياني بجيٽ1 ڪروڙ 44 لک رپيا آهي، ته پوءِ عوام پڇڻ ۾ حق بجانب آهي:آخر هي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي ...
12/06/2026

عوامي سوال – ڳوٺ ڪُلي

يو سي جي سالياني بجيٽ1 ڪروڙ 44 لک رپيا آهي، ته پوءِ عوام پڇڻ ۾ حق بجانب آهي:

آخر هي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي؟

🔹 گهٽيون ٽٽل پيل آهن.
🔹 نيڪال جو نظام خراب آهي.
🔹 اسٽريٽ لائيٽون نصب ناهن.
🔹 ڪو به نمايان عوامي منصوبو نظر نٿو اچي.

جڏهن زمين تي ڪم نظر نٿو اچي، تڏهن سوال پيدا ٿين ٿا.

بجيٽ ڪاغذن تي خرچ ٿي رهي آهي يا عوام جي ڀلائي تي؟
عوام کي مڪمل حساب ۽ شفافيت گهرجي.

جيستائين ڳوٺ ڪُلي جي مسئلن جو حل نه ٿيندو، تيستائين عوام سوال پڇندي رهندي.

10/06/2026

جنهن چونڊيل نمائندي کي اسان جي پوسٽن يا سوالن تي ڪاوڙ اچي ٿي، اهو ڪاوڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ڪم ڪرائي ڏيکاري.

صرف هڪ ڪلاڪ جي معمولي برسات ئي 2 سالن جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي، ۽ 4 سالن يونين ڪائونسل جي عهديدارن جي ڪارڪردگي جو اصل چ...
03/06/2026

صرف هڪ ڪلاڪ جي معمولي برسات ئي 2 سالن جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي، ۽ 4 سالن يونين ڪائونسل جي عهديدارن جي ڪارڪردگي جو اصل چهرو سامهون آڻي ڇڏيو.

اڄ تائين نه ڪو روڊ ٺهيو، نه نيڪال جو مسئلو حل ٿيو، نه ئي ڪا اهڙي ترقي نظر آئي جنهن تي عوام فخر ڪري سگهي.

اليڪشن وقت وڏا وڏا واعدا ڪيا ويا هئا، پر زميني حقيقت اها آهي ته عوام اڃا تائين ساڳين مسئلن ۾ ڦاٿل آهي.

سوال رڳو هڪ آهي:
جيڪڏهن ترقياتي ڪم ٿيا آهن، ته پوءِ انهن جا نشان ڪٿي آهن؟

ُلي






🚨 ڳوٺ واسين لاءِ اهم آگاهي 🚨موسميات کاتي موجب ايندڙ ڪلاڪن دوران تيز هوائن، گجگوڙ سان برسات ۽ طوفاني موسم جو امڪان آهي. س...
02/06/2026

🚨 ڳوٺ واسين لاءِ اهم آگاهي 🚨

موسميات کاتي موجب ايندڙ ڪلاڪن دوران تيز هوائن، گجگوڙ سان برسات ۽ طوفاني موسم جو امڪان آهي. سڀني ڳوٺ واسين کي گذارش آهي ته احتياط کان ڪم وٺن.

✅ گهرن جي ڇتين، دروازن ۽ ڪمزور ديوارن جي چڪاس ڪريو.
✅ سولر پينلن، پاڻي جي ٽانڪن ۽ ٻين سامان کي مضبوط نموني ٻڌي محفوظ ڪريو.
✅ بجلي جي تارن، ٿنڀن ۽ وڏن وڻن کان پري رهو.
✅ برسات دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪريو.
✅ موٽر سائيڪل هلائيندڙ خاص احتياط ڪن.
✅ ٻارن ۽ بزرگن کي محفوظ جڳهن تي رکو.
✅ هنگامي حالت لاءِ ٽارچ، موبائل ۽ ضروري سامان تيار رکو.

⚠️ تيز هوائون سولر پينلن، وڻن ۽ ڪمزور اڏاوتن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، تنهن ڪري اڳواٽ احتياطي قدم کڻڻ ضروري آهي.

اچو ته گڏجي احتياط اختيار ڪري پنهنجي جان، مال ۽ ڳوٺ جي حفاظت ڪريون.

احتياط، حفاظت جي ضمانت آهي.
#برسات #طوفان ِ_اهم_اطلاع #حفاظت #سنڌ

Address

Village Qadir Bux Bhutto Kuli Taluka Bakrani
Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Kuli - Social Issues posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share