Dhilyar Meghwar Youth Forum

Dhilyar Meghwar Youth Forum A forum of like-minded youth which stands for better and bright community engagements.

هر ڳوٺ ۽ سماج ۾ هِڪَ ٻه محدود فڪر رکندڙ ۽ منفي رويي وارا فرد موجود هوندا آهن جيڪي باشعور ۽ آگاهه نوجوانن جي مثبت قدم ۽ س...
26/09/2026

هر ڳوٺ ۽ سماج ۾ هِڪَ ٻه محدود فڪر رکندڙ ۽ منفي رويي وارا فرد موجود هوندا آهن جيڪي باشعور ۽ آگاهه نوجوانن جي مثبت قدم ۽ سجاڳيءَ کان هٻڪندا آهن، جنهن جو وڏو سبب اهو آهي ته نوجوان اسان جي ايندڙ مستقبل جا معمار آهن جيڪي عملي طور تي پنهنجي ڳوٺ، علائقي ۽ ڪميونٽيءَ جي ترقي ۽ ڀلائي لاء آواز اٿارڻ جو حوصلو رکن ٿا.

اڄ جو نوجوان عام ماڻهن کي سندن آئيني حقن بابت آگاهي ڏيڻ، سياسي نمائندن کان پڪن رستن، پڪين گهٽين ۽ سيوريج جي نظام جهڙن بنيادي حقن جو مطالبو ڪرڻ، اسڪولن جي حالت سڌارڻ ۽ صحت جي بهتر نظام لاءِ جهاد ڪرڻ سان گڏ هر سماجي مسئلي تي هيڪڙائيءَ سان بيھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ان ڪري اسان پنهنجي دراوڙ قوم جي سمورن باصلاحيت نوجوانن کي گذارش ڪنداسين ته جيڪڏهن هڪ-ٻه ترقيءَ جا مخالف فرد اوهان جي سماجي جفاڪشيءَ ۾ رڪاوٽون وجھن ٿا، ته اوهان انهن جي سازشن کي پنهنجي پرامن عملي جدوجهد سان ناڪام بڻائي اهڙن منفي ڪردارن کي پنهنجن گھرن تائين ئي محدود رکو. نوجوانو! سجاڳ ٿيو، وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪريو ۽ پنهنجي ڳوٺ، علائقي ۽ برادريءَ جي بي لوث خدمت کي پنهنجو شعار بڻايو.

ڪولهي، ڀيل ۽ مينگهواڙ دراوڙ ڪميونٽيون تعلقه کپرو ( ,  ) ۽ ضلعي سانگهڙ جي سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي ووٽ بئنڪ آهن. سالن کان پي...
26/09/2026

ڪولهي، ڀيل ۽ مينگهواڙ دراوڙ ڪميونٽيون تعلقه کپرو ( , ) ۽ ضلعي سانگهڙ جي سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي ووٽ بئنڪ آهن. سالن کان پيپلز پارٽي جا ايم اين اي، ايم پي اي ۽ بلدياتي نمائندا انهن ئي غريب هارين، مزدورن ۽ اقليتن جي ووٽن جي سگهه سان اليڪشن کٽي ايوانن ۾ پهچندا آهن.

تقريبن 14-15 سالن جي لڳ ڀڳ ڊگهي انتظار کانپوءِ گريڊ 1 کان 4 جون نوڪريون (جهڙوڪ چوڪيدار، پٽيوالو، مالهي، بورچي، نائب قاصد ۽ سوئيپر) آيون، جيڪي بنيادي طور غريب ۽ پورھيت طبقي جو ئي حق هيون. پر افسوس جو ضلعي سانگهڙ جي مقامي پي پي پي قيادت هنن بنيادي نوڪرين ۾ به اسان جي پورھيت اقليتي برادرين کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. هي عمل شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي غريبن، هارين ۽ مزدورن لاءِ ڏنل "روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان" واري تاريخي منشور ۽ سوچ جي بلڪل ابتڙ آهي.

خير، اسان تعلقه کپرو جي سياسي قيادت ۽ نمائندن کان سوال ڪنداسين ته جيڪڏهن توهان ميرٽ تي غريبن کي نوڪريون نه ٿا ڏئي سگهو، ته گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري پاليسي مطابق 5٪ اقليتي ڪوٽا تي ئي عمل ڪري ها!

وقت اچي ويو آهي ته اسان پاڻ سجاڳ ٿيون؛ کپرو ۽ ضلعي سانگهڙ جي اقليتي برادرين، خاص طور تي مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي برادريءَ جي نوجوانن کي گهرجي ته اهي پنهنجن ڳوٺن ۾ سجاڳي تحريڪ هلائين ۽ ووٽ وٺندڙ نمائندن کان پنهنجي آئيني حقن بابت سوال ڪن. ياد رکو! اڄ جي خاموشي اوهان جي ايندڙ نسلن کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم ڪري ڇڏيندي.

ان کان علاوه، دراوڙ قوم جي تمام ماروئڙن ۽ نوجوانن کي عرض آهي ته وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪريو. جڏهن اوهان وٽ تعليم هوندي، تڏهن ئي اوهان کي پنهنجي آئيني حقن جي ڄاڻ هوندي ۽ پنهنجو حق وٺڻ جي سگهه ۽ حڪمت عملي ملندي. حق گهرڻ سان نه، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد سان ملندا آهن!

ڍليار مينگهواڙ يوٿ فورم طرفان هن دفعي ديوالي جو هِڪَ شاندار پروگرام ڳوٺ ڍليار مينگهواڙ ۾ ڪيو ويندو، وڌيڪ تفصيل جلد اوھان...
25/09/2026

ڍليار مينگهواڙ يوٿ فورم طرفان هن دفعي ديوالي جو هِڪَ شاندار پروگرام ڳوٺ ڍليار مينگهواڙ ۾ ڪيو ويندو، وڌيڪ تفصيل جلد اوھان سان شيئر ڪنداسين. هن دفعي ديوالي جي پروگرام کي تمام مختلف انداز ۾ ڪرڻ جو ارادو آهي.

Dhilyar Menghwar Youth Forum organizing the grand Diwali Celebration Program, more details will be shared soon. This time the Diwali Program will be organized very differently.

موضوع: هاءِ اسڪول ڍليار کان ڳوٺ پٻو ڪولهي تائين وايا ڳوٺ ڍليار مينگھواڙ تقريبن 1.5 ڪلوميٽر روڊ جي منظوري لاءِ درخواستمحت...
23/09/2026

موضوع: هاءِ اسڪول ڍليار کان ڳوٺ پٻو ڪولهي تائين وايا ڳوٺ ڍليار مينگھواڙ تقريبن 1.5 ڪلوميٽر روڊ جي منظوري لاءِ درخواست

محترمه ايم اين اي شازيه مري صاحبه، سينيٽر قرت العين ايني مري صاحبه، ايم پي اي علي حسن هنگورجو،

اسان ڍليار، تعلقه کپرو ضلعي سانگھڙ جي رهاڪن ۽ پارٽي ورڪرن جي طرفان هڪ انتهائي اهم مسئلي ڏانهن اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيون ٿا.

هاءِ اسڪول ڍليار کان شروع ٿي، ڳوٺ ڍليار ميگھواڙ مان گذرندي ڳوٺ پٻو ڪولهي تائين تقريباً ڏيڍ ڪلوميٽر (1.5 ڪلوميٽر) جو ڪچو رستو آهي. هي ننڍو ٽڪرو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ئي رستي تي بنيادي صحت مرڪز (BHU) ڍليار، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڍليار ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول هيرو مل ميگھواڙ واقع آهن. پڪي روڊ نه هجڻ جي ڪري اسڪولي ٻارن، مريضن، حامله عورتن ۽ روزاني ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، خاص طور تي برسات جي موسم ۾.

ڳوٺ پٻو ڪولهي ۽ ڳوٺ ڍليار مينگھواڙ جي برادرين جي پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڏهاڪن کان وفاداري ۽ بي لوث حمايت رهي آهي. هر موقعي تي هنن پارٽي قيادت جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي.

بنيادي انفراسٽرڪچر ۽ صحت جي سهولت تائين رسائي جي اهم ضرورت کي نظر ۾ رکندي، اسان اوهان کي نهايت ادب سان گذارش ڪريون ٿا ته هن 1.5 ڪلوميٽر روڊ جي تعمير ۽ پڪو ڪرڻ جي منظوري لاڳاپيل ترقياتي اسڪيم تحت ڏني وڃي.

هن منصوبي جي منظوري سان نه صرف مقامي آبادي جي روزاني تڪليفن ۾ گهٽتائي ايندي، پر وقف پارٽي ورڪرن کي اهو يقين به ٿيندو ته سندن قيادت سندن بنيادي مسئلن کي ٻڌي ٿي ۽ حل ڪري ٿي. ضلع سانگهڙ جي عوام لاءِ اوهان جي مسلسل خدمتن ۽ جدوجهد جا اسان شڪرگذار آهيون.


گُذريل سال برسات جي موسم ۾ ڍليار طرف ويندڙ رستن جي تباھ ڪن حالت ھئي، عوام جي سوشل ميڊيا تي وٺ وٺان ھئي، گڏوگڏ آسپاس سماج...
23/09/2026

گُذريل سال برسات جي موسم ۾ ڍليار طرف ويندڙ رستن جي تباھ ڪن حالت ھئي، عوام جي سوشل ميڊيا تي وٺ وٺان ھئي، گڏوگڏ آسپاس سماجي ماڻهن جو پڻ اسانجي ڳوٺ ڍليار مينگهوار تي زور هو ته اوھان هن روڊ لاء ڪوششون ڪندا ته روڊ ممڪن ٿيندو ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو وڏو ووٽ بئنڪ اسانجي ڳوٺ کان وابسته آهي ڍليار جي پولنگ پڻ اسانجي اڪثريتي ووٽ جي ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کٽيندي اچي پئي سو اسان کي هن روڊ بابت جفاڪشي ڪرڻي پوندي, سو اسان پڻ سوشل ميڊيا تي عوام جي جائز مطالبي جي حمايت ڪندي ڀرپور ساٿ ڏنو، ان دوران اسان ڳوٺ ڍليار واسين گڏجي اسانجي تڪ جي ايم پي اي ضلع سانگهڙ صدر علي حسن هنگورجو صاحب وٽ هنگورجا هائوس کپرو تي احتجاجي ڌرڻو هڻي ويٺاسين، ڍليار مينگهواڙ يوٿ فورم جي دوستن ايم پي اي صاحب کي مختلف مسئلن سان آگاهي ڏني، ايم پي اي صاحب تمام سنجيدگي سان سڀئي مسئلا غور سان ٻڌا، ان بعد فورن اعتماد سان جواب ڏنو ته اوھانجو مطالبو حق تي آهي منهنجي پوري ڪوشش آهي ته ڍليار جي مين روڊ کان وٺي هٿونگو تائين روڊ ٺهي، گڏوگڏ اوھان جي ڳوٺ اندر گلين ۾ پڪا روڊ رستيون ھجن، ان کان علاوه اوھانجي ڳوٺ جي لاء ڊرينيجَ، سيوريج سان وابسته مسئلا پڻ حل ٿي وڃن. انکان پوءِ اسان لڳاتار ايم پي اي صاحب سان روڊ جي ڪم بابت رابطي ۾ رهياسين، اسانجي ڳوٺ اندر ڪجھ گلين جو ڪم ٿيو، ڊرينيج لاء مشين پڻ آئي، هاڻي ڍليار طرف ويندڙ روڊ جو پڻ ڪم جاري ساري آهي، ان سموري عملي ڪم کي سرانجام ڏيڻ تي اسان ايم پي اي علي حسن هنگورجو صاحب جا شڪرگذار آهيون جن پنهنجا واعدا وفا ڪيا، گڏوگڏ سندن ٽيم وارث درس صاحب، چمن داس شاندار ڪوششون ڪيون، ان کان علاوه روڊ کاتي جي ٽيم خاص طور انجنيئر خير هنگورجو سميت سماجي سياسي دوستن پڻ بهترين ڪاوششون ڪيون. اسانجي ڍليار مينگھوار يوٿ فورم جا دوست ڪافي عرصي کان تمام سنجيدگي سان ڍليار جي آسپاس ڳوٺن جا مسئلا اُجاگر ڪن پيا، سڀئي دوست، ڳوٺاڻا جس لهن.

سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ (MDCAT) جا امتحان هميشه کان بدعنوانين، پيپر ليڪ ٿيڻ ۽ بدانتظامي جو شڪار رهندا آيا آهن. مون کي اڄ به چڱي...
22/09/2026

سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ (MDCAT) جا امتحان هميشه کان بدعنوانين، پيپر ليڪ ٿيڻ ۽ بدانتظامي جو شڪار رهندا آيا آهن. مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آھي 2024 ۾ مسلسل پيپر آئوٽ ٿيا وڏو گوڙ ٿيو نيٺ وڃي معاملو عدالت سڳوري پھتو اسان جي خوشنصيبي چئجي جو اھو ڪيس جسٽس صلاح الدين پنھور صاحب جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو جڏهن تہ پيپر ليڪ ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي گردش ڪندڙ ھيون ۽ شاگردن ۽ سندن والدين ۾ شديد مايوسي جي لھر ھئي ڇو ته اسان وٽ تقريبن ادارا ڪرپٽ ۽ سسٽم جو حصو آھن. وڏي افسوس جي ڳالهه آھي جو اسان وٽ سسٽم لفظ استعمال ڪري سڄي ڳالھ تي ڍڪ رکي سڄي بدعنواني کي شيلٽر ڏنو ٿو وڃي.
جڏھن اھو معاملو ڪورٽ ۾ جسٽس صلاح الدين پنھور صاحب جي عدالت ۾ پھتو ته ان سڄي معاملي تي تشويش جو اظھار ڪندي ۽ بي قاعدگين کي ڏسندي غيرشفاف امتحان کي Null and Void قرار ڏئي نئين سر امتحان وٺڻ جو تاريخي حڪم جاري ڪيو. ان سان گڏ چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري بورڊز اينڊ يونيورسٽيز، پي ايم ڊي سي صدر، ۽ ڊائو، جناح، لياقت يونيورسٽي ۽ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلرز سميت اعليٰ عملدارن کي سموري رڪارڊ سان گڏ ان پرسن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت جڏهن پيش ڪيل رڪارڊ جو جائزو ورتو ته حيرت انگيز تضاد ۽ بي قاعدگيون سامهون آيون. مثال طور جن شاگردن بورڊ جي امتحانن ۾ انتهائي گھٽ مارڪون کنيون هيون، انهن ايم ڊي ڪيٽ ۾ 190 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪيون هيون. خاص طور تي راڻي پور جي هڪ ئي انسٽيٽيوٽ مان 30 کان وڌيڪ شاگردن جو 190 پلس مارڪون کڻڻ هن ڳالهه جو واضح ثبوت هو ته پيپر باقائدي ليڪ ٿيو هو.
معصوم ٻارن سان گڏ سندن والدين ۽ سڄي سماج ۾ مايوسي ڦھلجي وئي ھئي ته مسلسل ٽي دفعا پيپر ليڪ ٿيو آھي ٻارن جي مستقبل جو ڇا ٿيندو ان سڄي ماحول۾ اميد جي روشن ڪرن جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب جي روپ ۾ سامهون آئي. جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب جهڙي بھادر، جرئت مند ۽ باصلاحيت جج جڏهن هن معاملي جو نوٽيس ورتو، تڏهن هڪ اهڙو تاريخي فيصلو سامهون آيو جنهن غريب، مسڪين ۽ پورهيتن جي ٻارن لاءِ ميرٽ ۽ برابريءَ جا دروازا کوليا. هن عدالتي فيصلي سان نه صرف امتحانن ۾ شفافيت آئي بلڪه هڪ اهڙو مڪينزم جوڙيو ويو جنهن نظام کي هميشه لاءِ محفوظ بڻائي ڇڏيو.
جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب هن امتحان جي شفافيت لاءِ آءِ بي اي (IBA) سکر ۽ ان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي انھن کي اھا ذميواري سونپي. آءِ بي اي سکر اصل ۾ مرحوم سائين نثار صديقيءَ جو اهو علمي يادگار ۽ عظيم ادارو آهي، جنهن سنڌ ۾ تعليم جو نئون باب رقم ڪيو. سائين نثار صديقيءَ جي وڃڻ کان پوءِ، ان پيشه ورانه ۽ قومي امانت کي سائين آصف شيخ صاحب خوب نڀايو.
جڏهن جسٽس صلاح الدين پنهور هيءَ وڏي ۽ سنگين ذميواري آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر سائين آصف شيخ جي ڪلهن تي رکي، تڏهن آصف شيخ صاحب پنهنجي ٽيم سان گڏجي رات ڏينهن جا اوجاڳا ڪندي ۽ اڻٿڪ محنت سان گذريل ٽن سالن کان مسلسل شفافيت ۽ ميرٽ سان هي امتحان ڪنڊڪٽ ڪرائيندو اچي. شيخ صاحب جنهن بھادري، بي لوث جذبي ۽ جرئتمندي ۽ ايمانداريءَ سان ھي ادارو سنڀاليو آهي ۽ جيئن امتحان ڪنڊڪٽ ڪرايو آھي، اهڙو مثال ڪٿي به نٿو ملي ان جي جيتري ساراهه ڪجي گھٽ آهي. اڄ سنڌ جو ھر ٻار سائين کي جھڪي سلام پيش ڪري ٿو.
تاريخ ۾ جڏهن به سنڌ جي مظلوم ۽ مستحق ٻارن جي حقن جي دفاع جي ڳالهه ٿيندي، تڏهن سائين آصف شيخ جو ھي جرئت منداڻو ڪردار ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب جو هي جرئت مندانه ۽ تاريخي فيصلو هميشه سنهري اکرن ۾ لکيو ويندو.
اھو ئي سبب ھو جو جسٽس صلاح الدين پنھور صاحب کي ھميشه سائيڊ ۾ رکيو ويو، ھن جو ٽرن ھو ته ھو ھاء ڪورٽ سنڌ جو چيف جسٽس ٿئي ھا پر اسان جي ھن مارشلائي جمھوري نظام کي اھڙا قابل جج اھڙي منسب تي نه کپن، ڇويھ ۽ ستاويهين آئيني ترميم جي ٻين ڪھڙن نعمتن کان انڪار ڪندئو جنھن ۾ پنھور صاحب جھڙن ججز کي ائين سائيڊ ڪيو ويو. سنڌ جي ماڻھن ۾ ھڪ وڏي اميد ھئي ته پنھور صاحب چيف جسٽس ٿيندو ڪجھ تبديلي ايندي پر وڏيرن جي سرڪار کي اھڙا قابل جج چيف نه کپن. چيف ته پري جي ڳالهه پر ھن کي سالن جا سال ڊبل بينچ ۾ به ويھڻ نه ڏنو ويندو ھو پر پوء به ھن شخص کي جڏھن به وارو مليو ھن پنھنجو فرض سمجھي انصاف ڪيو ھن جا جرئتمندانا فيصلا تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيا ويندا.
اڄ ھڪ دفعو ٻيھر ايم ڊي ڪيٽ جو شفاف انداز سان امتحان ڪرائڻ تي سائين ڊاڪٽر آصف شيخ صاحب ۽ ھي تاريخي فيصلو ڏيڻ تي جسٽس صلاح الدين پنھور صاحب کي سلام پيش ڪيون ٿا.
ليکڪ ايڊووڪيٽ نويد جروار

سندھ میں ایم ڈی کیٹ (MDCAT) کے امتحانات ہمیشہ سے بدعنوانیوں، پیپر لیک ہونے اور بدانتظامی کا شکار رہتے آئے ہیں۔ مجھے آج بھی اچھی طرح یاد ہے کہ 2024ء کے دوران جب مسلسل پرچے آؤٹ ہوئے، تو پورے صوبے میں زبردست شور مچ گیا۔ میڈیا پر گردش کرتی خبروں نے طلبہ اور ان کے والدین میں شدید مایوسی اور ناامیدی پھیلا دی تھی؛ کیونکہ ہمارے ہاں تقریباً تمام ادارے کرپٹ اور سسٹم کا حصہ بن چکے ہیں۔ بڑی افسوسناک بات یہ ہے کہ ہمارے ہاں "سسٹم" کا لفظ استعمال کرکے پوری بدعنوانی اور جابرانہ نظام کو تحفظ (Shelter) فراہم کیا جاتا ہے۔
معصوم بچوں، ان کے والدین اور پورے معاشرے میں یہ مایوسی پھیل چکی تھی کہ مسلسل تین بار پرچہ لیک ہوا ہے، تو اس پورے ماحول میں بچوں کے مستقبل کا کیا ہوگا؟ ایسے ناامید ماحول میں امید کی روشن کرن جسٹس صلاح الدین پنہور صاحب کے روپ میں سامنے آئی۔ ہماری خوش قسمتی تھی کہ یہ کیس ہائی کورٹ میں جسٹس صلاح الدین پنہور صاحب کی عدالت میں پیش ہوا۔
جسٹس صلاح الدین پنہور صاحب نے اس تمام معاملے پر شدید تشویش کا اظہار کرتے ہوئے اور حیران کن بے ضابطگیوں کو دیکھتے ہوئے غیر شفاف امتحان کو باطل (Null and Void) قرار دے کر نئے سرے سے شفاف امتحان لینے کا تاریخی حکم جاری کیا۔ اس کے ساتھ ہی چیف سیکرٹری، سیکرٹری بورڈز اینڈ یونیورسٹیز، پی ایم ڈی سی (PMDC) صدر، اور ڈاؤ (DUHS)، جناح (JSMU)، لیاقت یونیورسٹی (LUMHS) اور بینظیر بھٹو میڈیکل یونیورسٹی لاڑکانہ کے وائس چانسلرز سمیت اعلیٰ حکام کو تمام ریکارڈ کے ساتھ بنفسِ نفیس (In Person) عدالت میں پیش ہونے کا حکم دیا۔
عدالت نے جب پیش کردہ ریکارڈ کا تفصیلی جائزہ لیا تو آنکھیں کھول دینے والے تضادات سامنے آئے—مثلاً جن طلبہ نے بورڈ کے سالانہ امتحانات میں انتہائی کم نمبر حاصل کیے تھے، انہوں نے ایم ڈی کیٹ میں 190 سے زائد نمبر حاصل کیے۔ خاص طور پر رانی پور کے ایک ہی انسٹی ٹیوٹ سے 30 سے زائد طلبہ کا 190 پلس نمبر حاصل کرنا اس بات کا واضح ثبوت تھا کہ پرچہ باقاعدہ لیک ہوا تھا۔
جسٹس صلاح الدین پنہور صاحب جیسے بہادر، جرات مند اور باصلاحیت جج نے جب اس معاملے کا نوٹس لیا، تو ایک ایسا تاریخی فیصلہ سامنے آیا جس نے غریب، مسکین اور محنت کشوں کے بچوں کے لیے میرٹ اور برابری کے دروازے کھول دیے۔ اس عدالتی فیصلے نے نہ صرف امتحانات میں شفافیت قائم کی بلکہ ایک ایسا محفوظ میکانزم ترتیب دیا جس نے نظام کو ہمیشہ کے لیے محفوظ بنا دیا۔
جسٹس صلاح الدین پنہور صاحب نے اس امتحان کی شفافیت کے لیے آئی بی اے (IBA) سکھر اور اس کی قیادت پر مکمل اعتماد کا اظہار کرتے ہوئے یہ ذمہ داری ان کے سپرد کی۔ آئی بی اے سکھر اصل میں مرحوم سائیں نثار صدیقی کا وہ عظیم علمی یادگار اور ادارہ ہے جس نے سندھ میں تعلیم اور میرٹ کا نیا باب رقم کیا۔ سائیں نثار صدیقی کے بعد، اس پیشہ ورانہ اور قومی امانت کو آئی بی اے سکھر کے وائس چانسلر سائیں آصف شیخ صاحب نے نہایت ایمانداری اور قوم پرور جذبے کے ساتھ سنبھالا۔
جب جسٹس صلاح الدین پنہور نے یہ بڑی اور سنگین ذمہ داری سائیں آصف شیخ کے کندھوں پر رکھی، تو آصف شیخ صاحب نے اپنی ٹیم کے ساتھ مل کر رات دن ایک کرتے ہوئے اور بے مثال محنت کے ساتھ گزشتہ تین سالوں سے مسلسل شفافیت اور میرٹ کے ساتھ امتحانات کا انعقاد ممکن بنایا۔ شیخ صاحب نے جس بہادری، بے لوث جذبے، جرات اور ایمانداری کے ساتھ اس ادارے کو سنبھالا اور امتحانات کا انعقاد کرایا، اس کی مثال کہیں نہیں ملتی—ان کی جتنی بھی تعریف کی جائے کم ہے۔ آج سندھ کا ہر بچہ اور ان کے والدین سائیں کو احترام کے ساتھ جھک کر سلام پیش کرتے ہیں۔
تاریخ میں جب بھی سندھ کے مظلوم اور مستحق بچوں کے حقوق کے دفاع کی بات ہوگی، تب سائیں آصف شیخ کا یہ جرات مندانہ کردار اور جسٹس صلاح الدین پنہور صاحب کا یہ تاریخی فیصلہ ہمیشہ سنہری حروف میں لکھا جائے گا۔
یہی بنیادی وجہ تھی کہ جسٹس صلاح الدین پنہور صاحب کو ہمیشہ سائیڈ لائن رکھا گیا۔ ان کی باری تھی کہ وہ ہائی کورٹ سندھ کے چیف جسٹس بنتے، لیکن ہمارے اس مارشلائی جمہوری نظام کو ایسے قابل جج اتنے اعلیٰ منصب پر قبول نہیں ہیں۔ 26ویں اور 27ویں آئینی ترمیم کی دیگر کن کن "نعمتوں" سے انکار کریں گے جن کے ذریعے پنہور صاحب جیسے روشن دماغ ججوں کو سائیڈ لائن کر دیا گیا۔ سندھ کے عوام میں ایک بڑی امید تھی کہ پنہور صاحب چیف جسٹس بنیں گے تو نظام میں کچھ تبدیلی آئے گی، لیکن وڈیروں کی سرکار کو ایسے قابل اور آزاد جج چیف جسٹس کے روپ میں نہیں چاہئیں۔
چیف جسٹس کا منصب تو دور کی بات، انہیں سالہا سال ڈبل بینچ میں بھی بیٹھنے نہیں دیا جاتا تھا؛ لیکن اس کے باوجود، اس عظیم شخصیت کو جب بھی موقع ملا، انہوں نے اپنا فرض سمجھتے ہوئے بلا خوف و خطر انصاف کیا۔ ان کے جرات مندانہ فیصلے تاریخ میں ہمیشہ یاد رکھے جائیں گے۔
ایڈووکیٹ نوید جروار

ڍليار روڊ جا منظر ڏسي دل خوش ٿي وئي، مهرباني ڪري روڊ تي اڳتي لاء ڪَنهِن به قسم جي حد دخلي نه ڪجو. 🙏
22/09/2026

ڍليار روڊ جا منظر ڏسي دل خوش ٿي وئي، مهرباني ڪري روڊ تي اڳتي لاء ڪَنهِن به قسم جي حد دخلي نه ڪجو. 🙏

22/09/2026

روڊ پٻو ڪولهي 👍

روڊ ٺهڻ سٺي ڳالهه آهي، پر ان سان گڏ پاڻي جي نيڪالي جو به سوچڻ ضروري آهي. روزانو استعمال ٿيندڙ پاڻي ۽ برسات جي پاڻي جو ني...
20/09/2026

روڊ ٺهڻ سٺي ڳالهه آهي، پر ان سان گڏ پاڻي جي نيڪالي جو به سوچڻ ضروري آهي. روزانو استعمال ٿيندڙ پاڻي ۽ برسات جي پاڻي جو نيڪال ڪيئن ٿيندو؟

باکريجي اسٽاپ کان ڍليار شهر تائين هاءِ اسڪول واري روڊ تي تمام گهڻي آبادي رهي ٿي، پر اتي پاڻي جي نيڪالي جو ڪو به نظام موجود ناهي. ماڻهو روزمره جو پاڻي گهرن اندر کڏا کوٽي ان ۾ جمع ڪن ٿا، جڏهن ته برسات جو پاڻي سڌو روڊ تي اچي بيهي ٿو.

ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان زميندارن پنهنجي ٻنين جي چوڌاري وڏا بند ٻڌي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري پاڻي جو قدرتي وهڪرو بند ٿي وڃي ٿو ۽ هفتن تائين روڊ تي بيٺل رهي ٿو. جيڪڏهن هن آبادي جو ڊرينيج ۽ سيوريج جو مسئلو حل نه ٿيو ته بيٺل پاڻي نئين ٺهيل روڊ کي به 6 مهينن اندر ئي تباهه ڪري ڇڏيندو.

اڳي هر ڳوٺ ۾ پاڻي جي نيڪالي لاءِ الڳ کڏ / ڇٻر / تڙ هوندو هو، جتي روزمره ۽ برسات ٻنهي جو پاڻي ويندو هو، پر افسوس سان هاڻي ماڻهن انهن سرڪاري کڏن تي قبضو ڪري اتي ٻنيون ٺاهي ڇڏيون آهن.

اسان جي ڳوٺ ۾ اهڙي کڏ اڃا به موجود آهي، جيتوڻيڪ ان جي وڏي حصي تي ڀر وارن زميندارن قبضو ڪيو آهي، پر پوءِ به ايتري جاءِ باقي آهي جو ڳوٺ جو روزانو ۽ برسات جو پاڻي اتي جمع ٿي سگهي ٿو. (تصوير پڻ ڏنل آهي)

روڊ سان گڏ جيڪڏهن ڊرينيج جو نظام نه ٺاهيو ويو ته هي ترقي اڌوري رهندي. اسان آسپاس ڳوٺاڻن کي اپيل ٿا ڪريون ته هن مسئلي تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي.

Address

Khipro
68330

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dhilyar Meghwar Youth Forum posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share