SUKAR RURAL development Organization

SUKAR RURAL development Organization SUKAR RURAL DEVELOPMENT ORGNIZATION Nara

11/08/2026

سڪار جي ٽيم طرفان اوھان کي سلام

10/08/2026

گورنمينٽ گرلس اليمينٽري اسڪول ڪريم بخش ڀنڀرو جي شاگردن سان روح رھاڻ.

06/08/2026

تعليم جا بند دروازا ۽ قوم جو اونداهو مستقبل۔۔۔۔!!!!
تعليم رڳو ڪتابن جا ورق، امتحانن جا نمبر يا ڊگريون حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي؛ تعليم تہ قومن جي ساهہ، سماجن جي سڃاڻپ ۽ نسلن جي مستقبل جو بنياد هوندي آهي. جن قومن قلم کي هٿيار بڻايو، انهن دنيا جون منزلون ماڻي ورتيون، ۽ جن تعليم کي نظرانداز ڪيو، اهي وقت جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويون.
اڄ جڏهن سنڌ ۾ بار بار اسڪولن کي بند ڪرڻ ۽ موڪلن ۾ اضافي جا فيصلا ٿين ٿا، تڏهن هر ذميوار دل کان هڪ ئي دانهن نڪري ٿي: آخر اسان پنهنجي ايندڙ نسل سان ڪهڙو انصاف ڪري رهيا آهيون؟ اڳي ئي سڄي سال جي 365 ڏينهن مان لڳ ڀڳ 145 ڏينهن تدريسي سرگرمين لاء بچڻ ٿا باقي ڏينهن مختلف موڪلن، امتحانن ۽ انتظامي سرگرمين جي ور چڙهيل آهن. عملي طور تي رڳو هڪ سئو پنجيتاليهه ڏينهن پڙهائي لاءِ بچن ٿا، ۽ هاڻي انهن ڏينهن مان به وڌيڪ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن نصاب اڳ ئي ايترو وسيع آهي جو استادن کي هر ٽاپڪ سمجهائڻ لاءِ مناسب وقت نٿو ملي، تڏهن اسڪولن جا دروازا وڌيڪ بند ڪرڻ سان شاگردن جي ذهنن ۾ علم جا ڏيئا ڪيئن روشن ٿيندا؟ ڇا ٻارڙن جا خواب به موڪلن جي ور چڙهي ويندا؟
هڪ استاد جڏهن ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿو ته هو رڳو ڪا ٽاپڪ نٿو پڙهائي، پر قوم جو مستقبل سنواري ٿو. هڪ شاگرد جڏهن اسڪول جي در مان اندر داخل ٿئي ٿو ته هو پنهنجي اکين ۾ هزارين خواب کڻي اچي ٿو. پر جڏهن بار بار اسڪول بند ٿين ٿا ته اهي خواب آهستي آهستي مايوسيءَ جي ڌنڌ ۾ گم ٿيڻ لڳن ٿا.
سڀ کان وڏو نقصان غريب خاندانن جي ٻارن کي پهچي ٿو. اميرن جا ٻار ته خانگي ٽيوشن، آن لائين ڪلاسن ۽ ٻين سهولتن سان پنهنجي تعليم جاري رکن ٿا، پر اهو پورهيت جو پٽ، اهو هاريءَ جو ٻار ۽ اهو مزدور جي نياڻي، جنهن جي زندگيءَ جي واحد اميد اسڪول آهي، سو علم کان محروم ٿي وڃي ٿو. تعليم جي هر بند دروازي سان سندس مستقبل جو هڪ در به بند ٿي وڃي ٿو.
دنيا جون ترقي يافته قومون پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ راتيون جاڳن ٿيون، اربين رپيا خرچ ڪن ٿيون ۽ اسڪولن کي آخري ترجيح بدران پهرين ترجيح ڏين ٿيون، ڇو ته انهن کي خبر آهي ته قومون ڪارخانن سان نه، پر اسڪولن سان ترقي ڪنديون آهن.
اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسڪولن جا بند دروازا رڳو عمارتن جا دروازا ناهن، بلڪه اهي مستقبل، شعور ۽ ترقي جا دروازا آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن کان سکڻ جا ڏينهن کسندا رهنداسين ته پوءِ سڀاڻي اسان وٽ ترقيءَ جا خواب ته هوندا، پر انهن خوابن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پڙهيل نسل نه هوندو.
تعليم تي خرچ ڪيل هر گهڙي قوم جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي، ۽ تعليم کان ورتل هر گهڙي قوم جي قسمت مان روشني گهٽائڻ برابر آهي. تنهنڪري وقت جي ضرورت آهي ته اسان جذباتي فيصلن بدران ڏاهپ، تحقيق ۽ حقيقتن جي بنياد تي اهڙيون پاليسيون جوڙيون، جيڪي ايندڙ نسل کي مضبوط، باصلاحيت ۽ روشن مستقبل عطا ڪري سگهن.
ڇو ته قومون تڏهن زنده رهنديون آهن، جڏهن سندن اسڪول آباد هوندا آهن، ۽ جڏهن اسڪول خاموش ٿي ويندا آهن ته تاريخ جا ورق به سوڳوار ٿي ويندا آهن.

03/08/2026
03/08/2026

اسانجي عظيم سنڌ جي ڀلاري ڀٽن واري تعلقي ناري ۾ جنم وٺندڙ استاد پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول جي شاگردن ويھڻ لاء بينچ کڻي وڃي رھيو آهي سلام استادـ

25/02/2026

تعلقو نارو ضلعي خيرپور جو اھو واحد تعلقو آهي جيڪو ايراضي ۽ پکيڙ جي لحاظ کان تمام وڏو تعلقو آهي تعليم جو ريشو گھٽ ھدـٔــڻ جي ڪري تعلقو نارو کي ھارڊ ايريا ۾ شامل ڪيو ويو ھو انھي پاليسي تحت ھارڊ ايريا بحال ڪري PST ۽ JEST نارا تعلقا مان ڀرتي ڪيا وڃن جيئن اسڪول آباد ٿي سگھن.
ٻين تعلقن جي نارا ۾ ڀرتي نامنظور.

02/02/2026

These students are belongings to GGELs Karim BuX Bhanbhro.

سڪار رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(Sukar Rural Development Organization – SRDO)غير سرڪاري | غير منافع بخش | رجسٽرڊ ڳوٺاڻي تن...
21/01/2026

سڪار رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن
(Sukar Rural Development Organization – SRDO)
غير سرڪاري | غير منافع بخش | رجسٽرڊ ڳوٺاڻي تنظيم
✨ تعارف
سڪار رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن (SRDO) هڪ غير سرڪاري، غير منافع بخش ۽ رجسٽرڊ ڳوٺاڻي تنظيم آهي، جيڪا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن جي سماجي، تعليمي ۽ معاشرتي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿي. تنظيم خاص طور نياڻين جي تعليم، صحت، چائلڊ ليبر جي خاتمي، خاص ٻارن ۽ مجموعي سماجي ڀلائي تي ڌيان ڏئي ٿي.
🎯 اسان جو ويزن
هڪ اهڙو سماج جتي هر ٻار، خاص طور نياڻيون ۽ خاص ٻار، تعليم، صحت، تحفظ ۽ برابر حقن سان باعزت زندگي گذاري سگهن.
🛠️ اسان جو مشن
ڳوٺاڻن علائقن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ، محروم طبقن کي بااختيار بڻائڻ، ۽ پائيدار ترقي لاءِ عملي قدم کڻڻ.
📚 اسان جا اهم مقصد
👧 نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ
🏥 صحت ۽ صفائي بابت آگاهي ۽ سهولتون
🚫 چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ جدوجهد
♿ خاص ٻارن جي تعليم ۽ سماجي ڀلائي
🤝 سماجي ڀلائي، انساني حق ۽ شعور اجاگر مهمون
🌍 اسان جو عزم
سڪار رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ايمانداري، شفافيت، برابري ۽ انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ سماج جي مثبت تبديلي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪندي رهي ٿي.
🤲 گڏجي تبديلي آڻيون
اچو ته گڏجي سڪار رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن سان سهڪار ڪري هڪ روشن، محفوظ ۽ خوشحال مستقبل جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

سڪار رورل ڊولپمينٽ آرگنادـٔــيزيشن نارا جي تعاون سان نوجوانن کي  ڪيريدـٔــر ڪادـٔــونسلنگ  ذريعي  ھمٿادــٔــڻ  جو پروگرا...
08/01/2026

سڪار رورل ڊولپمينٽ آرگنادـٔــيزيشن نارا جي تعاون سان نوجوانن کي ڪيريدـٔــر ڪادـٔــونسلنگ ذريعي ھمٿادــٔــڻ جو پروگرام گورنمينٽ ڊگري ڪاليج چونڊڪو ۾ محمد عمران ڀنڀرو ۽ رضا رحمان ڳاھو جي سرپرستي ۾ ڪيو ويو. حسين بڇش ملاح, موبادـٔــيل فون جي بھتر استعمال بابت ڄاڻ ڏني. IBA اسڪالرشپ ھولڊر عبدالحفيظ ڄامڙو ٻھترين اسپيڪر ھو. جنھن شاگردن کي ھيٺين ڳالهين بابت تفصيل سان مڪمل ڄاڻ ڏني .
1. اسان کي ڪنهن سٺي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهين ڪلاس ۾ 70٪ مارڪس حاصل ڪرڻ ضروري آهن۔
2. اسان جو ٽارگيٽ هميشه سٺي يونيورسٽي هجڻ گهرجي، صرف لطيف يونيورسٽي نه، پر ان کان علاوه به ڪيترين ئي بهترين يونيورسٽين ۾ موقعا موجود آهن۔
3. ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ هاڻي صرف نالن تائين محدود ٿي ويا آهن، جڏهن ته هاڻوڪو دور ڪمپيوٽر سائنس جو آهي۔
4. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته هر سال ڪيترائي شاگرد MDCAT ٽيسٽ ڏيڻ کان پوءِ پاس نه ٿيڻ سبب ويهي رهجي وڃن ٿا۔ ان کان بهتر آهي ته هر صورت ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرور اپلائي ڪيو۔
5. تقريبن هر يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپس موجود آهن، جيڪي ٻن قسمن جون هونديون آهن:
External (ايڪسٽرنل) ۽ Internal (انٽرنل)۔
External Scholarships
اهي اسڪالرشپس اهي آهن، جن لاءِ اسان يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ اپلائي ڪري، ٽيسٽ ڏئي، انهن ۾ شامل ٿي سگهون ٿا، جيئن ته:
STHP (Sindh Talent Hunt Program)
NTHP (National Talent Hunt Program)
Hungarian / German Scholarships (Intermediate شاگردن لاءِ)
Zakat Scholarship (هر سيمسٽر لاءِ اپلائي ڪئي ويندي آهي)
Internal Scholarships
انٽرنل اسڪالرشپس جو طريقو هن ريت هوندو آهي:
جيڪڏهن ڪو شاگرد پهرين ميرٽ لسٽ ۾ پاس ٿي ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي، شروعاتي ڪجهه سيمسٽر پنهنجي فيس ڀري پڙهائي جاري رکي، ته پوءِ هر يونيورسٽي ۾ ايندڙ انٽرنل اسڪالرشپس لاءِ اپلائي ڪري سگهي ٿو۔
انهن اسڪالرشپس ۾ شامل ٿيڻ سان گهڻن شاگردن کي اسڪالرشپ ملي وڃي ٿي، ۽ اسڪالرشپ ملڻ کان پوءِ ڊگري مڪمل ٿيڻ تي ڏنل سموري فيس واپس ڪئي ويندي آهي۔
انٽرنل اسڪالرشپس ۾ شامل آهن:
SEEF Scholarship
HEC Scholarship
LU Scholarship
Zakat Scholarship

Address

Taluka Nara Dirstict Khairpur
Khairpur
66062

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SUKAR RURAL development Organization posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share