Arts Council of Pakistan khairpur

Arts Council of Pakistan khairpur promotion of literature performing Arts, music and fine Arts

09/05/2026
خيرپور: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران خيرپور ۾ استادن لاءِ "سنڌي سکيا تربيتي ڪورس" شروع ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پهر...
27/04/2026

خيرپور: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران خيرپور ۾ استادن لاءِ "سنڌي سکيا تربيتي ڪورس" شروع ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پهرين ڏينهن تي سنڌي جي ماهر تربيتڪار ڊاڪٽر عبدالوحيد ڪَلوڙ پاران عالمي تدريس جي جديد اصولن موجب بنيادي نڪتن بابت ڄاڻ ڏني ۽ لساني مهارتن سميت تدريس ۽ مواد جي ميل سميت ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ، لکڻ جي مرحلن تي روشني وجهندي چيو تہ بلومس ٽيڪسانامي جون چار مهارتون سکڻ ضروري آھن. ھن چيو ته سنڌي ٻولي سکيا، ٻولي معياري ۽ پائيداري جي ضمانت آهي. ڪورس جي نگران ۽ برک ليکڪ مختيار ملڪ چيو ته اسان جي محفوظ مستقبل سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سلامتي سان سلهاڙيل آهي. استاد سنڌي ٻولي جي سکيا سان وسيلي اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڪورس ڪوآرڊينيٽر ۽ اٿارٽي جي پبليڪشن آفيسر شوڪت چاچڙ چيو ته سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري پاران سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن. تربيتڪار حبدار جاگيراڻي چيو ته سنڌي ٻولي جي جديد سکيا سان نئين نسل کي لاڀ حاصل ٿيندو، تربيتڪار پنهل چاڪراڻي تربيت جي سرگرمين تي روشني وڌي چيو ته اهي شاگردن ۾ ٻولي جي مهارت ۾ واڌارو آڻي سگهنديون. هن تربيت ماڻيندڙن کي ملٽي ميڊيا وسيلي عملي سکيا بابت سمجهاڻيون ڏنيون . هن موقعي تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر شير ميراڻي وڊيو لنڪ تي پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته سنڌي سکيا جي ذريعي اسڪولن ۾ شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي مهارت ملي سگهندي. ان عمل سان سنڌي ٻولي وڌيڪ سگهاري ٿيندي. هن ڪورس وسيلي هڪ سئو استادن کي سکيا ڏني ويندي، جنهن م ماهر ۽ قابل تربيتڪار حصو وٺندا.

خيرپور آرٽس ڪائونسل جو صدر ۽ سچل يادگار ڪاميٽي جو سيڪريٽري ناميارو شاعر اديب مختيار ملڪ، آرٽس ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري ن...
02/04/2026

خيرپور آرٽس ڪائونسل جو صدر ۽ سچل يادگار ڪاميٽي جو سيڪريٽري ناميارو شاعر اديب مختيار ملڪ، آرٽس ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري ناميارو آرٽسٽ سانول خان ڳاهو ۽ ناميارو شاعر تاج سروهي سچل يادگار ڪاميٽي جي آفيس جو دورو ڪندي.

خيرپور آرٽس ڪائونسل جو صدر ناليوارو شاعر اديب   مختيار ملڪ، ناليواري سگهڙ ۽ آرٽس ڪائونسل جي نائب صدر خليل الرحمان مهيسر ...
31/03/2026

خيرپور آرٽس ڪائونسل جو صدر ناليوارو شاعر اديب مختيار ملڪ، ناليواري سگهڙ ۽ آرٽس ڪائونسل جي نائب صدر خليل الرحمان مهيسر جي ڀاء ميمبر آرٽس ڪائونسل خيرپور حبيب الرحمان مهيسر جي اوچتي المناڪ وڇوڙي تي تعزيت ڪندي. ساٿ ۾ حبدار جاگيراڻي ۽ تاج سروهي، ڳوٺ رفيق مهيسر ۾

05/03/2026

ناليوارو ليکڪ محقق، صدر خيرپور آرٽس ڪائونسل مختيار ملڪ سچل سرمست ادبي ڪانفرنس ۾ پنهنجو تحقيقي مقالو "سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ غلاميءَ مان نڪرڻ جو فلسفو" پيش ڪندي.

Chairman and president Arts Council Khairpur Discussion on affairs of literary environment and issues of Khairpur.
14/02/2026

Chairman and president Arts Council Khairpur Discussion on affairs of literary environment and issues of Khairpur.

08/02/2026

Friends Feeds Followers3

Address

Khairpur Arts Council
Khairpur
22065

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Arts Council of Pakistan khairpur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share