Bahar Foundation

Bahar Foundation A Non Profit Organisation, which works on Uuman Rights, Education, Health and Culture Promotion

19/08/2026

پيغام بھار.................................. پيغام ماحول.
🌳 وڻ رڳو ڇانوَ نہ، پر زندگي آهن! 🌴🌴

جڏهن اسين انسان فطرت کي نقصان پهچايون ٿا، تڏهن حقيقت ۾ پنهنجي ئي مستقبل کي نقصان پهچايون ٿا.اچو تہ گڏجي پنهنجي ڪٽنب سميت سدا حيات پنھنجي وڻن جي حفاظت ڪريون گھڻي کان گھڻا وڻ پوکيون پنهنجي مستقبل جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ صاف، سرسبز ۽ محفوظ ڌرتي پنهنجي پيارن کي منتقل ڪريون. 🌳 وڻ بچايو، زندگي بچايو! اڄ هڪ وڻ پوکيو، سڀاڻي هڪ بهتر مستقبل پنھنجن جي لاءِ سر سبز ڌرتي حاصل ڪريو. وڻ_لڳايو🪴وڻ_بچايو. ملڪ کي سرسبز شاداب بڻايو.ماحوليات کي بچايو🌻
پاران بھار فائونڊيشن.
03007044125-03123342211.

پاڻ ڀرو ٿيڻ ڏانهن اهم قدم: نادرا پاڪستان ۾ تيار ڪيل QR ڪوڊ تي ٻڌل قومي سڃاڻپ ڪارڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو.پاڻ ڀرو ٿيڻ ۽ ڊجيٽل ...
17/08/2026

پاڻ ڀرو ٿيڻ ڏانهن اهم قدم:
نادرا پاڪستان ۾ تيار ڪيل QR ڪوڊ تي ٻڌل قومي سڃاڻپ ڪارڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

پاڻ ڀرو ٿيڻ ۽ ڊجيٽل سڃاڻپ جي وڌيڪ آسان ۽ سهولتن واري تصديق ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي طور نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) محفوظ QR ڪوڊ تي ٻڌل نئون، چِپ کانسواءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. هي پولي ڪاربونيٽ ڪارڊ نادرا جي ٽيڪنيڪل ۽ سيڪيورٽي ضرورتن مطابق نيشنل سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪمپني (NSPC)، ڪراچي ۾ پاڪستان اندر ئي تيار ڪيو ويو آهي. درآمد ڪيل مائڪرو چِپ بدران محفوظ QR ڪوڊ استعمال ڪرڻ سان ٻاهرين ملڪ مان حاصل ٿيندڙ چِپ تي ڀاڙڻ ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته محفوظ ڊجيٽل تصديق به وڌيڪ آسان ۽ اثرائتي بڻجي وئي آهي. وفاقي حڪومت 23 فيبروري 2026ع تي نئين ڪارڊ جي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. نئين ڪارڊ ۾ مائڪرو چِپ جي جاءِ تي محفوظ QR ڪوڊ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کي PakID موبائل ايپ ذريعي اسمارٽ فون تي پڙهي ۽ تصديق ڪري سگهجي ٿي.

QR ڪوڊ ۾ ڪارڊ رکندڙ شخص جي لاڳاپ سڃاڻپ واري معلومات ۽ تصوير موجود هوندي. ان سان مختلف ادارا پنهنجي ڪمپيوٽرائيزڊ نظام ۾ نالو، پتو ۽ ٻين گهربل سڃاڻپ واري معلومات وڌيڪ آساني ۽ هڪجهڙائي سان داخل ڪري سگهندا. ان سان ڊيٽا داخل ڪرڻ دوران ٿيندڙ غلطين ۾ به جي گهٽتائي ايند
نئين ڪارڊ تي خانداني نمبر سان گڏ معذور ماڻهن، بزرگ شهرين، عضوا عطيو ڪندڙ ماڻهن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي شهرين لاءِ مخصوص نشان به موجود هوندا. ڪارڊ رکندڙ شخص جو نالو ۽ پتو سنڌي نه، پر اردو ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ لکيل هوندو. ڪارڊ جي ظاهري ۽ لڪل سيڪيورٽي خاصيتن کي به موجوده ضرورتن ۽ پاڪستان ۾ موجود تياري جي سهولتن مطابق جديد بڻايو ويو آهي.
چِپ تي ٻڌل اسمارٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ تقريباً 14 سال اڳ متعارف ڪرايو ويو هو. پر عملي طور تي چِپ پڙهڻ وارا ريڊر ۽ لاڳاپيل سهولتون موجود نه هجڻ سبب چِپ سان لاڳاپيل سهولتن مان گهربل فائدو حاصل نه ٿي سگهيو.

QR ڪوڊ تي ٻڌل نئون ڪارڊ ان مسئلي ک ختم ڪري ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ ان جي تصديق عام اسمارٽ فون يا ڪيمرا سان ڳنڍيل مناسب سافٽ ويئر ذريعي ڪري سگهجي ٿي.

ٽيلي ڪام ڪمپنين، بينڪن، اسپتالن، پاڪستان ريلوي، پوليس ۽ ٻين مجاز ادارن کي به اهڙو سافٽ ويئر فراهم ڪيو ويندو، جنهن ذريعي اهي ڪارڊ تي موجود QR ڪوڊ پڙهي ان جي تصديق ڪري سگهندا.

نئون ڪارڊ مرحليوار متعارف ڪرايو پيو وڃي. پهرين مرحلي ۾ 14 آگسٽ 2026ع کان QR ڪوڊ وارو نئون پولي ڪاربونيٽ ڪارڊ، هن وقت جاري ٿيندڙ چِپ کانسواءِ سادي ٽيسلن مٽيريل واري قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي جاءِ تي جاري ڪيو ويندو.

جنوري 2027ع کان قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي سڀني قسمن، جن ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ (NICOP) ۽ جووينائل ڪارڊ پڻ شامل آهن، انهن لاءِ به نئون ڪارڊ جاري ڪيو ويندو.

آخري مرحلي ۾ پاڪستان اوريجن ڪارڊ (POC) کي به چِپ کانسواءِ QR ڪوڊ تي ٻڌل نئين ڪارڊ ۾ تبديل ڪيو ويندو.

اڳ ۾ جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ جا سڀ قسم پنهنجي مقرر ڪيل ميعاد ختم ٿيڻ تائين بدستور ڪارآمد رهندا.
ڪاپي نادرا جي وال تان.

15/08/2026

https://www.bahar-foundation.com/
پانی کے بغیر درخت اور درختوں کے بغیر بارش ممکن نہیں۔ درخت انسانوں کے بغیر زندہ رہ سکتے ہیں، لیکن انسان درختوں کے بغیر زندہ نہیں رہ سکتے۔ آئیں! مل کر زمین کے پانی کو محفوظ بنائیں، شجرکاری مہم چلائیں اور زیادہ سے زیادہ درخت لگائیں۔ اگر ہم درخت لگانے میں غفلت برتیں گے تو پھر اس جنت جیسی زمین پر انسانوں کا زندہ رہنا مشکل ہو جائے گا۔
ماحول کو بچائیں، درخت لگائیں،
دھرتی کو سرسبز و شاداب بنائیں۔ 🌳🌍
منجانب: بہار فاؤنڈیشن.Bahar foundation
رابطہ: .03123342211=03007044125

13/08/2026

جشن آزادی۔
Bahar aaltp centre Dhani bux brohi goth TMC Sohrab Goth East Karachi.
محبتوں چاہتوں محنتوں اور خدمتوں کے مرکز منھنجی امڑ پبلک لائبریری کراچی میں جشن آزادی تقریب منعقد ہوئی ہے جس میں اساتذہ اور طلبہ وطالبات نے رنگ بہ رنگی کپڑے پہن کر ساتھ ہی ملی نغموں پر خوشی کا اظہار کیا ہے۔

12/08/2026

جشن آزادی کے موقع پر ایک یادگار درخت 🌲 لگائیں اپنے ملک کو سرسبز شاداب بنائیں۔

12/08/2026

آئیں مل کر اپنے حصے کا ایک درخت 🌲 لگائیں ملک کو سرسبز شاداب بنائیں شکریہ ۔

11/08/2026

https://www.bahar-foundation.com/
هنري تعليم جي اهميت
۽ جديد دور جون گهرجون.

هفتيوار الٽراسائونڊ ڪورس جي ٻي ويھڪ
۾ شاندار ۽ فڪر انگيز سيمينار جو انعقاد.

تعليم، هنر ۽ انسانيت جي خدمت روشن مستقبل جا مضبوط بنياد آهن. بهار فائونڊيشن ۽ ايس ڪيو سينٽر جي گڏيل سهڪار سان، محبتن، چاهتن، محنتن ۽ خدمتن جي مرڪز🙏 منھنجی امڙ پبلڪ لائبريري، ڌڻي بخش بروهي ڳوٺ، يو سي نمبر 7، سهراب ڳوٺ ٽائون، ضلعو اوڀر ڪراچي ۾ هفتيوار الٽراسائونڊ ڪورس جي ٻي نشست جي موقعي تي هنري تعليم جي اهميت، افاديت ۽ جديد دور ۾ ان جا فائدا. جي عنوان سان هڪ يادگار، باوقار ۽ شاندار سيمينار منعقد ڪيو ويو ھن يادگار سيمينار ۾ ڊاڪٽرن، استادن، شاگردياڻين ۽ شاگردن سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندڙن شرڪت ڪئي. هن سيمينار جو مقصد نوجوان نسل، عورتن ۽ سماج جي ٻين طبقن کي روايتي تعليم سان گڏ هنري ۽ فني تعليم جي اهميت کان آگاھ ڪرڻ ۽ کين روزگار جا بهتر موقعا حاصل ڪرڻ طرف راغب ڪرڻ هو. سيمينار جي خاص مهمان ميڪس گرين جي سي اي او، محترم منصب لاشاري صاحب جن هئا. ھن سيمينار کي خطاب ڪندي چيو تہ بهار فائونڊيشن پاران انسانيت جي ڀلائي، تعليم، صحت ۽ سماجي خدمتن لاءِ پاڻ پتوڙيو آھي جاري ڪوششن کي ساراهيو.
هن چيو تہ بهار فائونڊيشن ۽ ميڪس گرين جو مقصد هڪ ئي آهي تہ سماج جو هر فرد، خاص طور تي ٻار، نوجوان ۽ عورتون تعليم يافته ۽ هنر مند بڻجن لاءِ صرف روايتي تعليم ڪافي ناهي، پر موجوده دور جي گهرجن مطابق هنري ۽ فني تعليم حاصل ڪرڻ پڻ انتهائي ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت جو پيغام آهي تہ پڙهندي سنڌ، تہ وڌندي سنڌ. جو نعرو تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. پر اڄ جي نوجوان نسل لاءِ تعليم سان گڏ اهڙا عملي هنر سکڻ بہ ضرورت آهن، جيڪي کين پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ، عزت وارو مستقبل ٺاهڻ ۾ مدد ڏين. محترم منصب لاشاري صاحب ٻڌايو تہ ميڪس گرين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هنري تعليم ۽ فني تربيت جي واڌاري لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ تعليم ۽ هنر جي شعبي ۾ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ مختلف ادارن سان سهڪار جاري رکيو ويندو. هن ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو تہ بهار فائونڊيشن جي سهڪار سان تعليم ۽ هنري تربيت جي ميدان ۾ نمايان ۽ عملي قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بهار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌو سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين، ڊاڪٽرن، استادن ۽ معزز مهمانن جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا. هن چيو تہ بهار فائونڊيشن جو مقصد صرف هڪ پروگرام يا هڪ شعبي تائين محدود ناهي، پر تعليم، صحت، روزگار، هنر، ماحوليات ۽ انسانيت جي خدمت ذريعي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ آهي. هن وڌيڪ چيو تہ بهار فائونڊيشن مختلف سيمينارن ۽ علمي توڙي تربيتي پروگرامن ذريعي سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ادارن، ماهرن ۽ شخصيتن کي نوجوان نسل، خاص طور تي شاگردن جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش جاري رکندي پئي اچي تہ جيئن نئين نسل انهن جي تجربن ۽ صلاحيتن مان رهنمائي حاصل ڪري سگهن. هن مهمانِ خاص محترم منصب لاشاري صاحب جي تعليم ۽ هنري تربيت جي شعبي ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو تہ ان شاءَ الله ميڪس گرين سان گڏجي هنري تعليم جي واڌاري لاءِ عملي قدم کنيا ويندا، تہ جيئن نوجوانن، عورتن ۽ مردن کي جديد هنر سکڻ، روزگار حاصل ڪرڻ ۽ عزت سان زندگي گذارڻ جا بهتر موقعا ملي سگهن. تعليم + هنر = بااختيار سماج. سيمينار ۾ خاص طور تي ان ڳالھ تي زور ڏنو ويو تہ موجوده دور ۾ صرف ڊگري حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي، پر تعليم سان گڏ عملي هنر جو هجڻ پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.هنري تعليم جا ڪيترائي فائدا آهن جھڙوڪ، نوجوانن کي روزگار لائق بڻائي ٿي. عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائي ٿي. بيروزگاري گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. نوجوانن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري ٿي. عملي زندگيءَ جي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪري ٿي. پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي. سماج کي هنر مند ۽ خودڪفيل بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.اڄ جي هن خوبصورت سيمينار مان اهو اهم پيغام پڻ سامهون آيو آهي تہ، هنر هر انسان جو اهڙو سرمايو آهي، جيڪو کيس سڄي زندگي فائدو ڏئي سگهي ٿو. الٽراسائونڊ ڪورس تعليم کان هنر ۽ هنر کان روزگار تائين جو ذريعو آهي. هفتيوار الٽراسائونڊ ڪورس پڻ انهيءَ سوچ ۽ مشن جو حصو آهي، جنهن ذريعي شاگردياڻين ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي جديد طبي شعبي ۾ عملي ۽ فني تربيت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بهار فائونڊيشن، ايس ڪيو سينٽر ۽ ٻين سهڪاري ادارن جي هي گڏيل ڪوشش ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آهي تہ جيڪڏهن تعليمي ادارا، سماجي تنظيمون، ماهر ۽ سماج جا باشعور ماڻهو گڏجي ڪم ڪن، تہ نوجوان نسل لاءِ علم، هنر ۽ روزگار جا نوان دروازا کولي سگهجن ٿا. اچو تہ! تعليم کي عام ڪريون، هنر کي هٿي ڏيون ۽ نوجوان نسل کي بااختيار بڻايون. ڇو تہ، پڙهندي سنڌ، تہ وڌندي سنڌ. هنرمند نوجوان، مضبوط خاندان ۽ خوشحال سماج. تعليم بہ، هنر بہ، روشن مستقبل جي ضمانت بہ. بهار فائونڊيشن جو عزم آهي تہ محبت، خدمت، تعليم، صحت ۽ هنر ذريعي سماج ۾ مثبت تبديليءَ جي سفر کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي. بهار فائونڊيشن پاران انسانيت جي خدمت اسان جو عزم،
تعليم ۽ هنر جو فروغ اسان جو مشن.
رابطو: محمد سچل وڌو
چيئرمين، بهار فائونڊيشن
03007044125
03123342211

10/08/2026

https://www.bahar-foundation.com/
ہنری تعلیم کی اہمیت اور جدید دور کے تقاضے۔

ہفتہ وار الٹراساؤنڈ کورس کی دوسری نشست میں شاندار اور فکر انگیز سیمینار کا انعقاد۔

تعلیم، ہنر اور خدمتِ انسانیت، روشن مستقبل کی مضبوط بنیاد ہیں۔ بہار فاؤنڈیشن اور ایس کیو سینٹر کے باہمی تعاون سے محبتوں، چاہتوں، محنتوں اور خدمتوں کے مرکز۔ منھنجی امڑ پبلک لائبریری، دھنی بخش بروہی گوٹھ، یوسی نمبر 7، سہراب گوٹھ ٹاؤن، ضلع شرقی کراچی میں ہفتہ وار الٹراساؤنڈ کورس کی دوسری نشست کے موقع پر، ہنری تعلیم کی اہمیت، افادیت اور جدید دور میں اس کے فوائد، کے عنوان سے ایک یادگار، پروقار اور شاندار سیمینار کا انعقاد کیا گیا۔ سیمینار میں ڈاکٹرز، اساتذہ، طالبات اور طلبہ سمیت بڑی تعداد میں شرکاء نے شرکت کی۔ تقریب کا مقصد نوجوان نسل، خواتین اور معاشرے کے دیگر طبقات کو روایتی تعلیم کے ساتھ ساتھ ہنری اور فنی تعلیم کی اہمیت سے آگاہ کرنا اور انہیں روزگار کے بہتر مواقع کی طرف راغب کرنا تھا۔ سیمینار کے مہمانِ خصوصی سی ای او، میکس گرین، محترم شخصیت منصب لاشاری صاحب تھے، جنہوں نے اپنے خطاب میں بہار فاؤنڈیشن کی انسانیت کی فلاح و بہبود، تعلیم، صحت اور معاشرتی خدمات کے لئے جاری کاوشوں کو سراہا۔ انہوں نے کہا کہ، بہار فاؤنڈیشن اور میکس گرین کا مقصد ایک ہے کہ معاشرے کا ہر فرد، خصوصاً بچے، نوجوان اور خواتین تعلیم یافتہ اور باہنر ہوں۔ صرف روایتی تعلیم ہی کافی نہیں بلکہ موجودہ دور کے تقاضوں کے مطابق ہنری اور فنی تعلیم کا حصول بھی انتہائی ضروری ہے۔
انہوں نے مزید کہا کہ سندھ حکومت کا پیغام "پڑھے گا سندھ، تو بڑھے گا سندھ" دراصل تعلیم کی اہمیت کو اجاگر کرتا ہے، تاہم آج کی نوجوان نسل کو تعلیم کے ساتھ ساتھ ایسے عملی ہنر بھی سیکھنے چاہئیں جو انہیں اپنے پاؤں پر کھڑا ہونے، روزگار حاصل کرنے اور باعزت مستقبل تعمیر کرنے میں مدد دیں. محترم منصب لاشاری صاحب نے بتایا کہ میکس گرین سندھ بھر میں ہنری تعلیم اور فنی تربیت کے فروغ کے لئے اپنی خدمات انجام دے رہا ہے اور آئندہ بھی تعلیم و ہنر کے میدان میں مزید مؤثر اقدامات کے لئے مختلف اداروں کے ساتھ تعاون جاری رکھا جائے گا۔ انہوں نے اس عزم کا بھی اظہار خیال کیا ہے کہ بہار فاؤنڈیشن کے اشتراک سے تعلیم اور ہنری تربیت کے میدان میں نمایاں اور عملی اقدامات ضرور کئے جائیں گے۔ بعد ازاں بہار فاؤنڈیشن کے چیئرمین محمد سچل ودہو نے سیمینار میں شرکت کرنے والے تمام طلبہ و طالبات، ڈاکٹرز، اساتذہ اور معزز مہمانانِ گرامی کا دل کی اتھاہ گہرائیوں سے سب کا شکریہ ادا کیا۔ انہوں نے کہا کہ بہار فاؤنڈیشن کا مقصد صرف ایک پروگرام یا ایک شعبے تک محدود نہیں، بلکہ تعلیم، صحت، روزگار، ہنر، ماحولیات اور انسانیت کی خدمت کے ذریعے معاشرے میں مثبت تبدیلی لانا ہے، انہوں نے کہاکہ بہار فاؤنڈیشن مختلف سیمینارز اور علمی و تربیتی پروگراموں کے ذریعے معاشرے میں نمایاں کردار ادا کرنے والے اداروں، ماہرین اور شخصیات کو نوجوان نسل اور خاص طور پر طالب علموں کے قریب لانے کی کوشش کرتی رہیں گے، تاکہ ان کے تجربات اور صلاحیتوں سے نئی نسل رہنمائی حاصل کرسکے۔ انہوں نے مہمانِ خصوصی محترم منصب لاشاری صاحب کی تعلیم اور ہنری تربیت کے شعبے میں خدمات کو سراہتے ہوئے کہا کہ ان شاء اللہ میکس گرین کے ساتھ مل کر ہنری تعلیم کے فروغ کے لئے عملی اقدامات کئے جائیں گے، تاکہ نوجوانوں، خواتین اور مردوں کو جدید ہنر سیکھنے، روزگار حاصل کرنے اور باعزت زندگی گزارنے کے بہتر مواقع میسر آسکیں۔ تعلیم + ہنر = بااختیار معاشرہ۔ سیمینار میں اس بات پر خصوصی زور دیا گیا ہے کہ موجودہ دور میں صرف ڈگری کا حصول کافی نہیں، بلکہ تعلیم کے ساتھ عملی ہنر کا ہونا بھی وقت کی اہم ضرورت ہے۔ ہنری تعلیم۔ نوجوانوں کو روزگار کے قابل بناتی ہے۔ خواتین کو معاشی طور پر بااختیار بناتی ہے۔
بے روزگاری میں کمی لانے میں مددگار ثابت ہوتی ہے۔ نوجوانوں میں خود اعتمادی پیدا کرتی ہے۔ عملی زندگی کے جدید تقاضوں سے ہم آہنگ کرتی ہے۔ اپنا کاروبار شروع کرنے کے مواقع فراہم کرتی ہے۔ معاشرے کو ہنرمند اور خود کفیل بنانے میں اہم کردار ادا کرتی ہے۔آج کا یہ خوبصورت پیغام بھی سامنے آیا کہ ہنر کسی بھی فرد کا ایسا سرمایہ ہے جو اسے زندگی بھر فائدہ پہنچا سکتا ہے۔ الٹراساؤنڈ کورس، تعلیم سے ہنر اور ہنر سے روزگار تک، ہفتہ وار الٹراساؤنڈ کورس بھی اسی سوچ اور مشن کا حصہ ہے، جس کے ذریعے طالبات اور متعلقہ افراد کو جدید طبی شعبے میں عملی اور فنی تربیت فراہم کرنے کی کوشش کی جا رہی ہے۔ بہار فاؤنڈیشن، ایس کیو سینٹر اور معاون اداروں کی یہ مشترکہ کاوش اس بات کی عکاسی کرتی ہے کہ اگر تعلیمی ادارے، سماجی تنظیمیں، ماہرین اور معاشرے کے باشعور افراد مل کر کام کریں تو نوجوان نسل کے لئے علم، ہنر اور روزگار کے نئے دروازے کھولے جاسکتے ہیں۔ آئیں! تعلیم کو عام کریں، ہنر کو فروغ دیں اور نوجوان نسل کو بااختیار بنائیں۔ کیونکہ، "پڑھے گا سندھ، تو بڑھے گا سندھ" ہنرمند نوجوان، مضبوط خاندان اور خوشحال معاشرہ۔ تعلیم بھی، ہنر بھی روشن مستقبل کی ضمانت بھی۔ بہار فاؤنڈیشن کا عزم ہے کہ محبت، خدمت، تعلیم، صحت اور ہنر کے ذریعے معاشرے میں مثبت تبدیلی کے سفر کو مزید آگے بڑھایا جائے گا۔
بہار فاؤنڈیشن، انسانیت کی خدمت ہمارا عزم، تعلیم و ہنر کا فروغ ہمارا مشن۔
رابطہ:محمد سچل ودہو
چیئرمین، بہار فاؤنڈیشن
03007044125 03123342211

10/08/2026

ھنگلاج ماتا جي ياترا جون يادون آھن.

Address

Karachi

Opening Hours

Monday 10:00 - 20:00
Tuesday 10:00 - 20:00
Wednesday 10:00 - 20:00
Thursday 10:00 - 20:00
Saturday 10:00 - 20:00

Telephone

+923007044125

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Bahar Foundation posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Bahar Foundation:

Shortcuts

Share