22/07/2026
مرحوم شاعر علي صفدر جي ٻچڙن جي مالي سهائتا لاءِ “منهنجا مارو ملير” تنظيم جي سرواڻ محترم عرفان عباسي ۽ علي صفدر جي دوست ياسر عرفات پاران گلشن حديد سنڌو چوڪ تي قائم ڪيمپ ۾ سنڌي ادبي سنگت چوڪنڊي جي سيڪريٽري پير محبوب علي قريشي ۽ ڪائونسلر مقبول مصطفيٰ پنھور شرڪت ڪئي ۽ وس آهر فنڊ جمع ڪرايو۔
ان موقعي تي ياسر عرفات سان تعزيت پڻ ڪئي وئي۔
ان دوران عرفان عباسي، شبير لاکو، امتياز دانش، رجب ڀنڊ، ڊاڪٽر ثمينا واحد سميت ٻيا سماجي ۽ سياسي اڳواڻ پڻ موجود هئا۔