04/10/2026
انڊس ٿنڪرز فائونڊيشن ڪراچي پاران حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر گهاتو ۽ ڪلاچي جي سون مياڻي ۾ جنم وٺندڙ عظيم سورمي مورڙي جي ڪردار بابت ڪانفرنس ۽ مشاعري جي محفل منعقد ڪئي وئي.
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي سيد سلطان ساقي شاهه ڪانفرنس هال ۾ محترم اصغر باغي جي صدارت هيٺ ٿيل ڪانفرنس ۾ پروفيسر ۽ اديب رخمان گل پالاري، لطيف جي پارکو انب گوپانگ، آصف بالادي، ڊاڪٽر آمنا سومرو ۽ ٻين نامور اديبن، دانشورن ۽ ادبي شخصيتن شاهه لطيف جي سر گهاتو، مورڙي جي بهادري، جدوجهد ۽ فڪري پهلوئن تي تفصيلي ليڪچر ڏنا، جڏهن ته مشاعري جي محفل ۾ شاعرن پنهنجي شاعري پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ چوڪنڊي جي سيڪريٽري پير محبوب قريشي، ڪائونسلر مقبول مصطفيٰ پنھور، خزانچي قدير جان بلوچ، حبيب الرحمان ڇٽو ۽ پير سجاد شاهه پڻ شرڪت ڪئي. اهڙيون ادبي ۽ فڪري ڪانفرنسون سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ شاهه لطيف جي فڪر کي نئين نسل تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.