Sindh Disaster Relief Campaign

Sindh Disaster Relief Campaign Relief Campaign

سنڌ ڊزاسٽر رليف ڪئمپين (SDRC) سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر، شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ ورثا پيرزادو جو والد صاحب، سينئر صحافي سائين ذلف...
29/01/2024

سنڌ ڊزاسٽر رليف ڪئمپين (SDRC) سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر، شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ ورثا پيرزادو جو والد صاحب، سينئر صحافي سائين ذلف پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو آهي، هن انتهائي ڏکائتي گهڙيءَ ۾ اسين ورثا ۽ سندس گھر ڀاتين سان برابر شريڪ آهيون.

ٻوڏ جي صورتحال ۾ متاثر ڌرتي ڌڻين جي واھر ۾ ورثا پيرزادو جو اھم ڪردار رھيو، جنھن کي ھر وک تي سندس والد سائين ذلف پيرزادو ھمٿايو.

سائين ذلف پيرزادو، حياتيءَ جو اڌ کان وڌيڪ عرصو سنڌي صحافت کي ڏيندڙ پروفيشنل صحافي ھو. پاڻ شاگرديءَ دور ۾ کاٻي ڌر جي سياست ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪندڙ پڻ رھيو. حق جو آواز بلند ڪرڻ جي پاداش ۾ کيس ٻہ ڀيرا قيد پڻ ڪيو ويو.سائين ذلف جي وڇوڙي صحافتي صف ۾ ھڪ خال پيدا ڪيو آھي.

اسين SDRC طرفان آدرشي زندگي گذارڻ تي سائين ذلف پيرزادو کي سلام پيش ڪيون ٿا.

جان جان هُئي جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃين ڀونء پيٺي ساريندي کي سڄڻين!

Address

3 Talwar Karachi
Karachi
75500

Telephone

+923442409009

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Disaster Relief Campaign posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Sindh Disaster Relief Campaign:

Share