Mehran Students' Council-AQK Islamabad

Mehran Students' Council-AQK Islamabad MSC is a non-political, non-religious cultural organization dedicated to promoting education, preserving Sindhi culture and empowering Sindhi students.”

جيئي مھراڻ 🚩جيئي لطيف 🚩پريس پڌرائي12 ربيع الاول جي بابرڪت رات جي مناسبت سان روحاني ۽ علمي پروگرام12 ربيع الاول جي بابرڪت...
26/08/2026

جيئي مھراڻ 🚩
جيئي لطيف 🚩
پريس پڌرائي

12 ربيع الاول جي بابرڪت رات جي مناسبت سان روحاني ۽ علمي پروگرام

12 ربيع الاول جي بابرڪت ۽ مقدس رات جي مناسبت سان ڊاڪٽر اي. ڪيو. خان ڪاليج اسلام آباد ۾ هڪ پُروقار مذهبي ۽ روحاني پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن وڏي عقيدت، احترام ۽ جوش سان شرڪت ڪئي.

پروگرام جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ شاگردن پاران نعتِ رسول ﷺ پيش ڪئي وئي ۽ حضور پاڪ ﷺ جي سيرتِ طيبه، اخلاق، محبت، انسانيت ۽ تعليمات جي مختلف پهلوئن تي تقريرون ڪيون ويون.

شاگردن پنهنجي تقريرن ذريعي نبي ڪريم ﷺ جي محبت، صبر، برداشت، علم، اخوت ۽ انسانيت سان حسنِ سلوڪ جو پيغام اجاگر ڪيو. پروگرام دوران شاگردن پنهنجي صلاحيتن جو پڻ بهترين مظاهرو ڪيو، جنهن سان تقريب جو ماحول علمي، روحاني ۽ محبتِ رسول ﷺ سان سرشار رهيو.

هي پروگرام نوجوانن ۾ سيرتِ طيبه کي سمجهڻ، ان مان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ رسول الله ﷺ جي تعليمات کي اپنائڻ جي حوالي سان هڪ خوبصورت قدم هو.

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران اهڙين علمي، ادبي، ثقافتي ۽ روحاني سرگرمين کي هميشه اهميت ڏني ويندي، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان جو يقين آهي ته شاگردن جي حقيقي تربيت صرف ڪتابن تائين محدود ناهي، پر انهن جي اخلاق، ڪردار ۽ شعور جي تعمير پڻ ضروري آهي.

بارگاهه رسالت ﷺ ۾ درود ۽ سلام پيش ڪندي، اسان سڀني کي 12 ربيع الاول جون دليون مبارڪون پيش ڪريون ٿا. 🌙

ميڊيا سيل
مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل
ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج، اسلام آباد

12 ربيع الأول — رحمتِ عالم ﷺ12 ربيع الأول اسان مسلمانن لاءِ انتهائي اهم ۽ بابرڪت ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن حضرت محمد مصطفىٰ ...
25/08/2026

12 ربيع الأول — رحمتِ عالم ﷺ

12 ربيع الأول اسان مسلمانن لاءِ انتهائي اهم ۽ بابرڪت ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جي ولادتِ باسعادت ٿي ۽ دنيا کي رحمت، هدايت، اخلاق ۽ انسانيت جو عظيم پيغام مليو.

نبي ڪريم ﷺ جي سيرتِ طيبه اسان لاءِ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هڪ مڪمل مثال آهي. اوهان ﷺ اسان کي علم حاصل ڪرڻ، سچ ڳالهائڻ، انصاف ڪرڻ، صبر رکڻ، والدين جي عزت ڪرڻ ۽ هر انسان سان محبت ۽ حسنِ اخلاق سان پيش اچڻ جي تعليم ڏني.

اچو ته هن مبارڪ ڏينهن تي صرف خوشيون نه ملهايون، پر پنهنجي زندگيءَ ۾ سيرتِ رسول ﷺ جي تعليمات کي اپنائڻ جو عزم پڻ ڪريون. پنهنجي ڪردار، علم ۽ عمل ذريعي اهڙو معاشرو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، جتي محبت، امن، برداشت ۽ انسانيت کي اوليت حاصل هجي.

اللّٰهم صلِّ علىٰ محمدٍ وعلىٰ آلِ محمد ﷺ 🤍

🌙 12 ربيع الأول مبارڪ

انفارميشن سيل،
مھراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل اي ڪيو خان ڪاليج، اسلام آباد

جيئي مھراڻ 🚩جيئي لطيف 🚩 پریس ریلیز,یہ ہیں سینئر صحافی غلام مصطفیٰ کھہاوڑ کے جواں سال بیٹے، امانت علی۔گزشتہ سات ماہ سے یہ...
24/08/2026

جيئي مھراڻ 🚩
جيئي لطيف 🚩
پریس ریلیز,
یہ ہیں سینئر صحافی غلام مصطفیٰ کھہاوڑ کے جواں سال بیٹے، امانت علی۔
گزشتہ سات ماہ سے یہ نوجوان ٹراما سینٹر کراچی میں علاج کے دوران ہونے والے مبینہ غلط آپریشن، طبی غفلت اور غیر ذمہ دارانہ رویے کے باعث بستر پر ہے۔ یہ وہ عمر ہے جس میں امانت کو یونیورسٹی کی کلاسز میں ہونا، دوستوں کے ساتھ وقت گزارنا اور اپنے مستقبل کے خواب پورے کرنا چاہیے تھا، مگر وہ گزشتہ سات ماہ سے تکلیف اور علاج کے مراحل سے گزر رہا ہے۔
سات ماہ قبل ایک روڈ حادثے میں امانت کی ٹانگ شدید متاثر ہوئی۔ اسے فوری طور پر ٹراما سینٹر کراچی منتقل کیا گیا، جہاں اس کے متعدد آپریشن کیے گئے۔ بعد ازاں اس کی ٹانگ پر Illizarov Frame لگایا گیا۔ اہلِ خانہ کے مطابق علاج کے باوجود ٹانگ بہتر ہونے کے بجائے مزید پیچیدہ ہوتی گئی اور امانت کی تکلیف میں اضافہ ہوتا رہا۔
جب سینئر صحافی غلام مصطفیٰ کھہاوڑ نے اپنے بیٹے کی حالت پر ڈاکٹروں سے تشویش کا اظہار کیا اور شکایت کی تو ان کے مطابق مسئلہ حل کرنے کے بجائے انہیں مبینہ طور پر سخت رویے اور نامناسب گفتگو کا سامنا کرنا پڑا۔
عام طور پر ڈاکٹر کو مسیحا کہا جاتا ہے۔ مریض اور اس کے اہلِ خانہ پہلے ہی شدید ذہنی اور جسمانی اذیت میں ہوتے ہیں، ایسے میں ان کے ساتھ عزت، ہمدردی اور پیشہ ورانہ رویہ اختیار کرنا طبی ذمہ داری کا بنیادی حصہ ہے۔
اگر ایک بڑے سرکاری ٹراما سینٹر میں کسی مریض اور اس کے اہلِ خانہ کو مبینہ طور پر ایسے رویے کا سامنا کرنا پڑے تو یہ صرف ایک خاندان کا مسئلہ نہیں بلکہ مریضوں کے حقوق اور صحت کے نظام کی کارکردگی پر بھی ایک اہم سوال ہے۔
ہم محکمہ صحت کی وزیر محترمہ ڈاکٹر عذرا پیچوہو، سیکریٹری صحت، سندھ ہیلتھ کیئر کمیشن، ایگزیکٹو ڈائریکٹر ٹراما سینٹر اور دیگر متعلقہ حکام سے مطالبہ کرتے ہیں کہ امانت علی کے علاج، مبینہ غلط آپریشن اور ڈاکٹروں کے رویے کی غیر جانب دارانہ تحقیقات کرائی جائیں، حقائق سامنے لائے جائیں اور اگر کسی کی غفلت یا کوتاہی ثابت ہو تو ذمہ داروں کے خلاف قانون کے مطابق کارروائی کی جائے۔ امانت علی کو صرف علاج نہیں، انصاف بھی چاہیے۔
Amanat Ali , Ex Qaderian 2021_2025.
انفارمیشن سیل،
ڈاکٹر اے کیو خان کالج، اسلام آباد

*ڊجيٽل لٽريسي* هر شاگرد لاءِ لازمي مهارتاڄ جو دور ڊجيٽل دور آهي، جتي تعليم، اسڪالرشپس، نوڪريون، تحقيق ۽ ڪيريئر جا بيشمار...
21/08/2026

*ڊجيٽل لٽريسي*
هر شاگرد لاءِ لازمي مهارت

اڄ جو دور ڊجيٽل دور آهي، جتي تعليم، اسڪالرشپس، نوڪريون، تحقيق ۽ ڪيريئر جا بيشمار موقعا انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهن. اهڙي صورتحال ۾ صرف موبائل يا سوشل ميڊيا هلائڻ ڄاڻڻ کي Digital Literacy نٿو چئي سگهجي.

ڊجيٽل لٽريسي ڇا آهي؟

ڊجيٽل لٽريسي مان مراد اها صلاحيت آهي، جنهن ذريعي ڪو شاگرد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ کي محفوظ، ذميواراڻي، مؤثر ۽ سمجھداري سان استعمال ڪري سگهي.

يعني شاگرد کي خبر هجي ته:
🔹 صحيح معلومات ڪٿان حاصل ڪجي؟
🔹ڪوڙي خبر ۽ غلط معلومات کي ڪيئن سڃاڻجي؟
🔹 اي آي (Ai) کي تعليم لاءِ صحيح طريقي سان ڪيئن استعمال ڪجي؟
🔹آنلائن Scams ۽ Fraud کان ڪيئن بچجي؟
🔹 پنهنجي Personal Information ۽ Privacy کي ڪيئن محفوظ رکجي؟
🔹اسڪالرشپ ۽ Career Opportunities کي Online ڪيئن ڳولجي؟
🔹 ڪنهن به معلومات تي يقين ڪرڻ کان اڳ ان جي Source کي ڪيئن Verify ڪجي؟

🎓 شاگردن لاءِ ڇو ضروري آهي؟

ڊجيٽل لٽريسي شاگردن کي صرف ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ نه، پر ٽيڪنالاجي کي پنهنجي تعليم ۽ مستقبل جي تعمير لاءِ استعمال ڪرڻ سيکاري ٿي.

هڪ Digital Literate شاگرد
بهتر Research ڪري سگهي ٿو.
اسڪالرشپ ۽ Educational Opportunities ڳولي سگهي ٿو.
اي آي (AI) کي پنهنجي سکيا جو اوزار بڻائي سگهي ٿو.
🔎 غلط معلومات کان بچي سگهي ٿو.
🔐 آنلائن دنيا ۾ پنهنجي حفاظت ڪري سگهي ٿو.
💼 مستقبل جي Digital Workplace لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگهي ٿو.

⚠️ ياد رکو!

موبائل هلائڻ اچڻ Digital Literacy ناهي.
پر موبائل ۽ انٽرنيٽ کي پنهنجي مستقبل لاءِ صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ Digital Literacy آهي.

اڄ جي شاگرد لاءِ ڊجيٽل لٽريسي ڪا اضافي مهارت نه، پر 21هين صديءَ جي بنيادي ضرورت آهي.

انفارميشن سيل،
مھراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل اي ڪيو خان ڪاليج، اسلام آباد

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل15 آگسٽ 2026جيئي مھراڻ 🚩جيئي لطيف 🚩جيئي شاگرد جدوجھد ✊سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف شاگردن جي احتجاج جو...
15/08/2026

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل
15 آگسٽ 2026

جيئي مھراڻ 🚩
جيئي لطيف 🚩
جيئي شاگرد جدوجھد ✊

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف شاگردن جي احتجاج جو ٻاويهون ڏينهن...... ميرٽ، شفافيت ۽ انصاف لاءِ جدوجهد جاري.

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگي، CCE-2024 جي نتيجن ۽ امتحاني عمل بابت اٿاريل خدشن، مبينا بي ضابطگين ۽ شفافيت جي سوالن خلاف جاري شاگردن جي پرامن جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي.

حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس آڏو 22 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ جا شاگرد پنهنجي مستقبل بابت خاموش رهڻ لاءِ تيار ناهن. شاگردن جو مطالبو ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ نه، پر ميرٽ، شفافيت، برابري ۽ منصفاڻي ڀرتي واري نظام لاءِ آهي.

سنڌ جي نوجوانن لاءِ سرڪاري نوڪريون ۽ مقابلي جا امتحان مستقبل جا اهم دروازا آهن. جيڪڏهن امتحاني عمل بابت شفافيت تي سوال اٿن ۽ اميدوارن جون جائز شڪايتون دور نه ٿين، ته ان سان نه رڳو متاثر اميدوارن جو اعتماد مجروح ٿيندو، پر پوري اداري تي عوام جو اعتماد پڻ متاثر ٿيندو.

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل مطالبو ڪري ٿي ته CCE-2024 ۽ امتحاني عمل بابت اٿاريل اعتراضن ۽ مبينا بي ضابطگين جي شفاف، آزاد ۽ غيرجانبدار طريقي سان جاچ ڪرائي وڃي، اميدوارن جون جائز شڪايتون ٻڌيون وڃن ۽ ميرٽ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي.

اسان سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ حيدرآباد ۾ 22 ڏينهن کان پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سندن جائز مطالبن جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪريون ٿا.

شاگردن جو آواز دٻائڻ نه، بلڪه ٻڌڻ گهرجي.
ميرٽ تي سمجهوتو نه، پر شفافيت يقيني بڻائڻ گهرجي.

انفارميشن سيل،
مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل (MSC-AQK)
ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج، اسلام آباد







جيئي مھراڻ 🚩 جيئي لطيف 🚩 پريس پڌرائي صُبح جو سُوال ڪيم پنهنجي پيرَ کي؛ميٽ مدايون منهنجون ڀلا ڪرين ڀالَ؛ههڙو وٺي حال تو د...
28/07/2026

جيئي مھراڻ 🚩
جيئي لطيف 🚩

پريس پڌرائي

صُبح جو سُوال ڪيم پنهنجي پيرَ کي؛
ميٽ مدايون منهنجون ڀلا ڪرين ڀالَ؛
ههڙو وٺي حال تو در آيس تڪڙي..

سر ڌناسري❤️

اڄ ڀٽ جي ڌرتيءَ تان محبت جي سرگونج اڀري رهي آهي. اڄ اسان سنڌ جي روح، عظيم صوفي ۽ انسان دوستيءَ جي مينار حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جو عرس ملهائي رهيا آهيون.
"شاه جو رسالو" صرف ڪتاب نه آهي، اهو سنڌ جي ساهه آهي. سورهيه جي وفا، سسئي جي سچائي، مارئي جي محبت ۽ مومل جي صبر ۾ ڀٽائي صاحب سنڌ جي هر ذري ۽ هر دل جو احوال لکي ڇڏيو.
سندس ڪلام اڄ به وايون بڻجي هوا ۾ گونجي ٿو، دلين کي مرهم ڏئي ٿو ۽ اسان کي نفرت جي اونداهيءَ مان ڪڍي محبت جي اجيلي ۾ آڻي ٿو.
اچو ته هن عرس تي عهد ڪريون ته ڀٽ شاه جي پيغام کي پنهنجي زندگي جو چراغ بڻائينداسين ۽ سنڌ کي امن، علم ۽ ڀائيچاري جو گاهو رکنداسين.

انفارميشن سيل
مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج اسلام آباد.

انا لله وانا اليہ راجعون 🥹/(Om Shanti)🥹😭انتھائي دل ڏکائيندڙ خبر 🥹موت برحق آهي، جدا ٿيڻو هر ڪنهن کي آهي،  پر توهان جو وڃڻ...
21/07/2026

انا لله وانا اليہ راجعون 🥹/(Om Shanti)🥹😭
انتھائي دل ڏکائيندڙ خبر 🥹

موت برحق آهي، جدا ٿيڻو هر ڪنهن کي آهي،
پر توهان جو وڃڻ دل کي ٽوڙي ويو.!

ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج اسلام آباد ۾پڙھندڙ شاگرد *والجي ڪولھي* اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو...
*والجي ڪولھي* ھڪ تمام ذھين،ھوشيار ۽ سٺي اخلاق جو مالڪ انسان ھيو، جيڪو ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج اسلام آباد ۾اسڪالرشپ تي تي پڙھندڙ ٻارھين ڪلاس جو شاگرد ھيو.
ڪاليج ۾ موڪلن جي دوران گھر آيل ھيو اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ جي اڄ پنھنجي زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويو.
سندس اخلاق ۽ محبتي طبيعت ھميشه ياد رھندي ..
الله سائين جي در تي دعاگو آهيون ته سندس روح کي شانتي عطاء فرمائي ۽ والدين کي ھن صدمي ۾ صبر جي توفيق عطا فرمائي.
توھان ھميشه اسان جي دلين ۾ رھندؤ پيارا والجي..!

انفارميشن سيل
مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج اسلام آباد.

مذمت!      مذمت!     مذمت!مذمتي بيان:مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج اسلام آباد.سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جھيڙ...
12/07/2026

مذمت! مذمت! مذمت!

مذمتي بيان:
مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج اسلام آباد.

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جھيڙي ۽ ھٿيار ڪلچر ھڪ عرصي کان متعارف ڪرائڻ جو سلسلو ھلندڙ آھي جيئن شاگردن جي اتحاد کي نقصان پھچائي انھن جي حقن جي لاء اٿندڙ گڏيل آواز کي ماٺ ڪرائي سگھجي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن ۽ استادن مٿان حملو به انھي سلسلي جي ڪڙي آھي جنھن ۾ ڪجھ انتھا پسند جماعتن کي کلي ڇوٽ ڏنل آھي.

مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي سان گڏوگڏ ھر سنڌي شاگرد سان ھر مشڪل وقت ۾ گڏ بيٺي آھي، ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن سان ٿيل واقعي ۽ ناانصافي جي ڪائونسل اعلي اختيارين کان گھر ڪري ٿي.

انفارميشن سيل: مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج اسلام آباد.
Shagird Sath-Karachi University

جيئي مھراڻ 🚩 جيئي لطيف 🚩 پريس پڌرائي بي موت مُئا، تو لاءِ ڪُٺا انسان هزارين، مان نه رڳوهن دنيا ۾، اي ديس! هيا نادان هزار...
30/06/2026

جيئي مھراڻ 🚩
جيئي لطيف 🚩
پريس پڌرائي

بي موت مُئا، تو لاءِ ڪُٺا انسان هزارين، مان نه رڳو
هن دنيا ۾، اي ديس! هيا نادان هزارين، مان نه رڳو
جي راھ اجل ڪنھن ورتي آ، ھن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ
هي ڌرتي توکي پرتي آ، مھمان ھزارين، مان نه رڳو.

اليڪشن ڪميٽي طرفان چونڊيل نئين ڪابينا کي باقاعده طور
اختيار ۽ ذميواريون حوالي ڪيون ويون آھن.

ڪابينا 2027-2026

1. چيئرمين
سائين مزمل اسماعيل چانگ

2. جنرل سيڪريٽري
سائين مبشر رحمان سوڍر

3. سینئیر وائيس چيئرمين
سائين ابراھيم شر

4. وائیس چیئرمین
سائين غلام محمد جروار

5. فنانس سيڪريٽري
سائين مزمل جروار

6. انفارميشن سيڪريٽري
سائين محمد ڪيف

7. ايجوڪيشنل سيڪريٽري
سائين نعيم علي پلي

8. ڪلچرل سيڪريٽري
سائين لڪشمن داس

نئين چونڊيل ڪابينا پنهنجي جنرل باڊي جي ميمبرن کي مڪمل اعتماد ڏياري ٿي ته اها پنهنجي ذميوارين ۽ فرضن کي سچي دل، پختي نيت ۽ اڻٿڪ محنت سان نڀائيندي.
اسان اميد ٿا رکون ته جنرل باڊي جا ميمبر پڻ هر ڏکئي ۽ سکئي وقت ۾ ڪابينا سان گڏ بيھندا ۽ مھراڻ سان پنھنجو ساٿ نڀائيندا.

ميڊيا سيل
مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ڊاڪٽر اي ڪيو خان ڪاليج اسلام آباد

Address

Islamabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mehran Students' Council-AQK Islamabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share