11/05/2026
🌸 𝐔𝐬𝐦𝐚𝐧 𝐏𝐮𝐛𝐥𝐢𝐜 𝐒𝐜𝐡𝐨𝐨𝐥
📘 EMIS Code: 180105012
اڄ اسان جي اداري ۾ “Mother's Day” نهايت محبت، احترام ۽ جذباتي انداز سان ملهايو ويو۔
هن خاص موقعي تي استادن شاگردن کي ماءُ جي عظمت، قربانين، شفقت ۽ سماج ۾ سندس اهم ڪردار بابت آگاهي فراهم ڪئي، جڏهن ته ٻارن ۾ پنهنجي امڙ لاءِ محبت، ادب ۽ قدرداني جا جذبا وڌيڪ مضبوط ڪيا ويا۔ ❤️
شاگردن وڏي شوق سان پنهنجي پيارين امڙين لاءِ خوبصورت Mother’s Day Wish Cards تيار ڪيا ۽ محبت ڀريا تحفا پيش ڪيا۔ 🌷🎁
اهڙين سرگرمين جو مقصد ٻارن جي اخلاقي تربيت، خانداني قدرن جي واڌاري ۽ والدين جي عزت جي احساس کي فروغ ڏيڻ آهي۔
✨ Happy Mother’s Day to All Mothers ✨