Channa Welfare Assocation of pakiatan

Channa Welfare Assocation of pakiatan CHANNA Welfare
Assocation Hyderabad Disstric

خانصاحب عبدالله چنا:مشهور سنڌ دوست ڪامورو، عبدالله چنا، 23 مئي 1902ع تي پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾...
05/06/2026

خانصاحب عبدالله چنا:
مشهور سنڌ دوست ڪامورو، عبدالله چنا، 23 مئي 1902ع تي پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين، جنهن بعد نوشهري فيروز مدرسي ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺو. هوشيار ۽ ذهين هجڻ سبب سندس اڌ في معاف ڪئي وئي. انگريزيءَ جا چار درجا پڙهي، 1918ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ آيو، جتان 1921ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1921ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. جتان 1925ع ۾ بي. اي ڪيائين ۽ 1927ع ۾ مختيارڪار ٿيو. بعد ۾ روينيو کاتي، نوابشاهه ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو، جنهن بعد مختيارڪار ٿيو. 1938ع ۾ جڏهن پير الاهي بخش روينيو جو وزير هو، ته عبدالله چنا، سندس پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ 1939ع ۾ سنڌ جي وزيراعظم (Prime Minister) مير بنده علي خان جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو. 1942ع ۾ عبدالله چنا، لاهور ۾ سول ڊفينس ڪاليج ۾ هوائي جهازن جي بچاءَ جو آفيسر اول مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ هوائي جهازن جو آفيسر ٿي رهيو. 1945ع ۾ کيس ڪورٽ آف وارڊس جو اسسٽنٽ مئنيجر بنايو ويو. عبدالله چني، 1948ع ۾ سنڌ لا ڪاليج جو بنياد وڌو. جنهن ۾ روينيو جا قانون پڙهائيندو هو. ڪيترا سال ڪاليج جي بورڊ جو چيئرمئن پڻ رهيو. 1955ع ۾ جيڪب آباد جو ڪليڪٽر رهيو. ان بعد سيڪريٽريٽ ۾ روينيو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري، تعليم کاتي جو سيڪريٽري رهيو. ان کان سواءِ ڪجهه عرصي لاءِ لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ صحت کاتي ۾ به رهيو. 1956ع ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر ۽ 1957ع ۾ خيرپور جو ڪليڪٽر رهيو. 16 آگسٽ 1957ع تي رٽائر ڪيائين. ان کان پوءِ عبدالله چنا کي 1960ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. جنهن دوران راڻي باغ ۾ ٻارن جي تفريح لاءِ جانور رکرايائين. عبدالله چنا، حيدرآباد ۾ گدوءَ ويجهو هڪ هاءِ اسڪول تعمير ڪرايائين ۽ نياز اسٽيڊيم جو بنياد وڌائين. حيدرآباد جو اوپن ايئر ٿيٽر به عبدالله چنا جي محنتن جو نتيجو آهي. 1962ع ۾ ميونسپالٽيءَ جي عهدي تان استعيفا ڏنائين، جنهن بعد 1963ع ۽ 1964ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو اعزازي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. جڏهن مارچ ۽ اپريل 1965ع ۾ هندستان سان پاڪستان جي رڻ ڪڇ جي مسئلي تي جنگ ٿي ته هندستان ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڇاڇري جي ڪجهه تپن تي قبضو ڪري ويو. پاڪستان جي اعتراض تي ان مسئلي جي حل لاءِ جنيوا ٽربيونل قائم ٿيو، جنهن جو صدر سوئيڊن جو چيف جسٽس هو. هندستان يوگوسلاويه جي هڪ رڪن نصرالله انتظام کي پنهنجو مشير مقرر ڪيو. ٻنهي ڌرين پنهنجا ڪيس تيار ڪيا، جنيوا ۾ ڪارروائي ٿي. پاڪستان طرفان خانصاحب عبدالله چنا ڪيس جا ڪاغذ تيار ڪيا ۽ مدد لاءِ پاڪستان حڪومت کان قانوندان گهُريا. منظور قادر حڪومت طرفان مقرر ٿيو، جنهن پنهنجي مدد لاءِ هڪ اسسٽنٽ منتخب ڪيو. اُن تي عبدالله چنا سرڪار کي لکيو ته هن جي خواهش آهي ته ڪنهن اهڙي قانوندان کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي مڪمل ڄاڻ رکندو هجي ته جيئن جتي به حوالن جي ضرورت پوي ته اهي حوالا ڏنا وڃن. اُن ڏس ۾ عبدالله چنا مشهور قانوندان منظور قادر جي مسلسل مدد ڪئي. اُن ۾ هن نامور استاد ۽ تاريخدان رائچند راٺوڙ جي ڪتاب ’تاريخ ريگستان‘ ۾ موجود معلومات ڪم آندي. ڇهه مهينا ڪيس هليو. ججن فيصلي لکڻ ۾ اٺ مهينا لڳايا ۽ 1000 صفحن تي فيصلو لکيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته رڻ ڪڇ سرسبز علائقو، جيڪو سنڌ سان گڏوگڏ هلي ٿو، اهو پاڪستان جو آهي. هن ڪيس کي کٽڻ ۾ عبدالله چنا جو ڪردار تاريخ وساري نه سگهندي. 1974ع ۾ سرڪار کيس فيڊرل لئنڊ ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو. 1979ع ۾ عبدالله چنا کي لوڪل گورنمينٽ جي قانون ٺاهڻ لاءِ ڪميشن جو ميمبر ٿيڻ جي آڇ ٿي، پر هن اُها آڇ قبول نه ڪئي. هن 23 جنوري 1989ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه قاسم آباد، فيز-I جي قبرستان ۾ آهي.
(انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا)

"انسپکٹر علی اکبر چنا اور انسپکٹر نور محمد چنا کو ڈی ایس پی کے عہدے پر ترقی ملنے پر دلی مبارکباد۔ اس خوشی کے موقع پر پور...
31/05/2026

"انسپکٹر علی اکبر چنا اور انسپکٹر نور محمد چنا کو ڈی ایس پی کے عہدے پر ترقی ملنے پر دلی مبارکباد۔ اس خوشی کے موقع پر پوری چنا برادری کو بھی مبارکباد پیش کرتے ہیں!"

Congratulations to all Channa Community! 🎉🌹

25/05/2026
25/05/2026

🎉 مبارڪ هجي سڀني چنا فيملي کي 🎉

دادو پوليس جو بهادر آفيسر
انسپيڪٽر اڪبر چنا
جي DSP بڻجڻ تي
پوري چنا برادري ۽ سموري فيملي کي دل جي گهراين سان واڌايون۔

هي ڪاميابي محنت، ايمانداري ۽ فرض شناسي جو بهترين مثال آهي۔
الله پاڪ کان دعا آهي ته وڌيڪ عزت، ڪاميابيون ۽ خوشيون عطا فرمائي۔

🌹 مبارڪ هجي چنا برادر کي 🌹
❤️ مبارڪ هجي آل چنا فيملي ❤️

𝐇𝐀𝐙𝐎𝐎𝐑𝐀𝐍 𝐁𝐄𝐆𝐔𝐌 𝐂𝐇𝐀𝐍𝐍𝐀𝐑𝐄𝐓𝐈𝐑𝐄𝐃 𝐃𝐄𝐏𝐔𝐓𝐘 𝐃𝐄𝐎 𝐏𝐑𝐈𝐌𝐀𝐑𝐘 (𝐁𝐏𝐒-𝟏𝟖) | 𝐄𝐃𝐔𝐂𝐀𝐓𝐈𝐎𝐍 𝐃𝐄𝐏𝐀𝐑𝐓𝐌𝐄𝐍𝐓 | 𝐊𝐇𝐀𝐈𝐑𝐏𝐔𝐑, 𝐒𝐈𝐍𝐃𝐇, 𝐏𝐀𝐊𝐈𝐒𝐓𝐀𝐍𝐄𝐗𝐄𝐂𝐔𝐓𝐈𝐕𝐄 𝐒𝐔𝐌...
29/04/2026

𝐇𝐀𝐙𝐎𝐎𝐑𝐀𝐍 𝐁𝐄𝐆𝐔𝐌 𝐂𝐇𝐀𝐍𝐍𝐀
𝐑𝐄𝐓𝐈𝐑𝐄𝐃 𝐃𝐄𝐏𝐔𝐓𝐘 𝐃𝐄𝐎 𝐏𝐑𝐈𝐌𝐀𝐑𝐘 (𝐁𝐏𝐒-𝟏𝟖) | 𝐄𝐃𝐔𝐂𝐀𝐓𝐈𝐎𝐍 𝐃𝐄𝐏𝐀𝐑𝐓𝐌𝐄𝐍𝐓 | 𝐊𝐇𝐀𝐈𝐑𝐏𝐔𝐑, 𝐒𝐈𝐍𝐃𝐇, 𝐏𝐀𝐊𝐈𝐒𝐓𝐀𝐍
𝐄𝐗𝐄𝐂𝐔𝐓𝐈𝐕𝐄 𝐒𝐔𝐌𝐌𝐀𝐑𝐘.
Aapa Hazooran Begum Channa is a highly respected retired Deputy District Education Officer Primary (BPS-18) from Khairpur, Sindh, widely recognized for her lifelong dedication to the promotion of education, particularly girls’ education.
During her distinguished career in the Education Department, she worked tirelessly to improve educational standards in rural and underserved communities. Her efforts led to the reopening of many closed schools, ensuring that countless children—especially girls—were able to access education and build a brighter future.
Her outstanding services were recognized with the prestigious Best TEO Award at the Sindh level. Due to her exceptional contributions in Taluka Kingri, she is proudly known as the “Queen of Kingri.”
Her legacy remains a symbol of dedication, empowerment, and lasting impact on the education sector, inspiring future generations of teachers, administrators, and students.
𝐏𝐑𝐎𝐅𝐄𝐒𝐒𝐈𝐎𝐍𝐀𝐋 𝐅𝐎𝐂𝐔𝐒
Promotion of Girls’ Education
Educational Leadership & School Development
Reopening & Strengthening Public Schools
Community-Based Educational Empowerment
📩 Follow & Message for Feature
📢 Get featured Click Pakistan ki Pehchan

🇵🇰





🇵🇰.

Happy  sindhi  culture day mubarak ✨️ 💖 Anaya channa from  Hyderabad
07/12/2025

Happy sindhi culture day mubarak ✨️ 💖
Anaya channa from Hyderabad

06/12/2025

إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ

ڊاڪٽر ممتاز علي چنا جي گھر واري جو انتقال ٿي ويو آهي.

جنھن جي نماز جنازہ 7 ڊسمبر 2025ع تي عشاءَ جي نماز بعد ڳوٺ ڪوٽ چنا، ڪُنڊا کاهی، نوشهرو فيروز بائي پاس وٺ ادا ڪئي ويندو.

Address

House Number 7 Opposite Ranibagg Gate Near GOR Road Hyderabad
Hyderabad

Telephone

03123226319

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Channa Welfare Assocation of pakiatan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Channa Welfare Assocation of pakiatan:

Shortcuts

Share