Kolachi Now

Kolachi Now Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Kolachi Now, Hyderabad.

​📢 سفر جو آغاز: ڪولاچي نائو
توهان جي دنيا، اسان جي خبر! 🌍🛰️
✅ اسان جو عزم:
📍 عالمي معيار جي رپورٽنگ
📍 پل پل جون اپ ڊيٽس
📍 حقيقتن تي ٻڌل تجزيا

​🔗 اسان جي پيج کي لائيڪ ۽ فالو ڪريو ته جيئن توهان رهو هميشه باخبر!

نمازِ جمعہ سے قبل مسجد الحرام کے ایمان افروز مناظر
24/07/2026

نمازِ جمعہ سے قبل مسجد الحرام کے ایمان افروز مناظر

05/07/2026

🚨 ڪراچي: ڊفينس بخاري ۾ ڪيفي اندر ڇوڪري تي مبينا تشدد، وڊيو وائرل

ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس بخاري ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مبينا طور ڪجهه ڇوڪرين هڪ ڪيفي اندر ٻي ڇوڪري تي تشدد ڪيو.

واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد شهرين واقعي جي شفاف جاچ ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

پوليس طرفان هن وقت تائين واقعي بابت ڪو باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

🚨 ڪراچي: گلستانِ جوهر ۾ غير قانوني ڊرما ۽ ايسٿيٽڪ ڪلينڪ سيلسنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن (SHCC) عوامي شڪايتن تي ڪارروائي ڪندي گلست...
05/07/2026

🚨 ڪراچي: گلستانِ جوهر ۾ غير قانوني ڊرما ۽ ايسٿيٽڪ ڪلينڪ سيل

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن (SHCC) عوامي شڪايتن تي ڪارروائي ڪندي گلستانِ جوهر، ضلع اوڀر ۾ قائم Oxyderm Aesthetic Cosmetology Medical Centre تي ڇاپو هڻي ڪلينڪ کي سيل ڪري ڇڏيو.

ايس ايڇ سي سي موجب ڇاپي دوران ڪلينڪ ۾ ڪو به مستند ۽ قابل ميڊيڪل اسٽاف موجود نه هو، جنهن سبب ڪلينڪ کي فوري طور سيل ڪيو ويو.

ڪارروائي دوران علائقي جي ٻين صحت مرڪزن کي پڻ ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت سخت وارننگ جاري ڪئي وئي.

04/07/2026

📢 5 جولاءِ 2026: عوامي احتجاج جو اعلان

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) پاران 5 جولاءِ 2026 تي سڄي سنڌ ۾ عوامي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پارٽي موجب سنڌ جو عوام وفاقي ۽ سنڌ بجيٽ کي رد ڪندي بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو.

پارٽي عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجي جائز مطالبن جي حمايت ۾ آواز بلند ڪن.

04/07/2026

💍 ڀٽ شاهه: فري فائر گيم تان ٿيل دوستي شادي ۾ تبديل

ڀٽ شاهه ۾ هڪ دلچسپ واقعو سامهون آيو، جتي راولپنڊي واسڻ سحر اشتياق ۽ سنڌ جي ڪنڊو واسي ايان خاصخيلي جي فري فائر گيم ذريعي دوستي ٿي، جيڪا بعد ۾ محبت ۾ تبديل ٿي وئي.

ٻنهي اڄ حيدرآباد جي عدالت ۾ ڪورٽ ميريج ڪري پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪئي.

🚨 ڪراچي: ملير پوليس 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت واري ڀاڻ جي وڏي ڦر ناڪام بڻائي ڇڏيضلع ملير جي ٿاڻو بن قاسم پوليس انٽيليجن...
04/07/2026

🚨 ڪراچي: ملير پوليس 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت واري ڀاڻ جي وڏي ڦر ناڪام بڻائي ڇڏي

ضلع ملير جي ٿاڻو بن قاسم پوليس انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪندي 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت واري سونا ڊي اي پي ڀاڻ جي وڏي ڦر جو پتو لڳائي ورتو.

پوليس موجب، 1 جولاءِ 2026 تي ايسٽرن انڊسٽريل زون ۾ قائم هڪ گودام تان هٿياربند جوابدار 1434 ٻوريون سونا ڊي اي پي ڀاڻ ۽ هڪ 22 ويلر ٽرالر ڦري فرار ٿي ويا هئا.

سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ جديد ٽيڪنيڪل ثبوتن جي مدد سان ڪارروائي ڪندي پوليس سموريون 1434 ٻوريون، 22 ويلر ٽرالر برآمد ڪري ورتو، جڏهن ته واردات ۾ ملوث مبينا جوابدار حاجي محمد بخش کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي جي مدد سان ٻين جوابدارن جي سڃاڻپ پڻ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.

📢 5 جولاءِ تي عوامي احتجاج جو اعلانعوام دشمن ۽ سنڌ دشمن بجيٽ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) پاران 5 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ ...
04/07/2026

📢 5 جولاءِ تي عوامي احتجاج جو اعلان

عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن بجيٽ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) پاران 5 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پارٽي طرفان ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو وڏي انگ ۾ احتجاج ۾ شرڪت ڪري پنهنجن جائز مطالبن جي حمايت ۾ آواز بلند ڪن.

04/07/2026

🚨 پير صاحب پڳاري جي تصويرن جي مبينا بي حرمتي تي سخت مذمت

ڪجهه ماڻهن پاران پير صاحب پڳاري جي تصويرن واري بينر جي مبينا بي حرمتي واري واقعي تي سخت ردِعمل سامهون آيو آهي.

جاري ڪيل بيان موجب، ڪجهه ماڻهن بينر کي نقصان پهچائڻ ۽ ڦاڙي ڦٽو ڪرڻ جو مبينا عمل ڪيو، جنهن تي پير صاحب پڳاري جون تصويرون موجود هيون.

بيان ۾ واقعي جي سخت مذمت ڪندي SHO سچل، SSP ايسٽ، DIG ايسٽ ۽ IG سنڌ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ انساني بحران سنگينپاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ جاري بحران سبب عام شهرين کي سخت مشڪلاتن کي...
24/06/2026

پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ انساني بحران سنگين

پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ جاري بحران سبب عام شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

اطلاعن موجب اٽو مبينا طور ڪاري بازار ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ڀاڄين جون قيمتون ڪيترائي ڀيرا وڌي ويون آهن، جڏهن ته دوائن جي کوٽ سبب مريضن ۽ عام ماڻهن جون پريشانيون وڌيڪ وڌي ويون آهن.

متاثر علائقن جي رهواسين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

24/06/2026

روهڙي جي تاريخي ماتم ۾ شرڪت لاءِ عزادارن جي روانگي

سنڌ جي مختلف شهرن ۽ علائقن مان عزادار روهڙي جي تاريخي ماتمي جلوس ۽ عزاداري ۾ شرڪت لاءِ ٽرين ذريعي روهڙي روانا ٿي رهيا آهن۔

هر سال جيان هن سال به وڏي انگ ۾ عزادار روهڙي پهچي محرم الحرام جي مذهبي تقريبن ۽ ماتمي جلوسن ۾ شرڪت ڪندا۔

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Kolachi Now posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share