PRSF Ghotki

PRSF Ghotki Progressive Students Federation (PRSF) is a
left-wing student organisation, aims at creating a critical mass of students. Knowledge, Struggle, Victory!

28/10/2025
29/07/2024

پي آر ايس ايف ڄامشورو لمس يونيورسٽي پاران مڙھيل شاگرد دشمن فيصلن جي سخت مزمت ڪندي احتجاجي شاگردن سان يڪجھتيءَ جو اظھار ڪري ٿي.

پريس رليز!
تاريخ:2024-7-29

لمس انتظاميہ جيڪا مختلف وقتن تي شاگرد دشمن پاليسيون جاري رکندي پئي اچي، تازو ئي انتظاميہ طرفان ھاسٽل، لائبريري، ميس ۽ ڪينٽين کي خانگي بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ ڪڍيو ويو آھي، جنھن تحت ھر ادارو پرائيويٽ ڪرڻ وڃن پيا ۽ تازو ئي انتظاميا طرفان ميس کي بہ پرائيويٽ ڪيو پيو وڃي جھڙوڪ بجلي گئس پاڻي سڀ ڪينٽين کي مھانگي ۽ وڏي رقم ۾ مھيا ڪيو پيو وڃي ۽ نتيجي طور ڪينٽين پرائيويٽ ٿيڻ وڃن پيا ۽ شاگردن کي کاڌو ٻاھرين ھوٽلن کان بہ جھڙوڪ مھانگو پيو پئي. جنھن جي نتيجي ۾ لمس جي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگرد مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. ان سلسلي ۾ لمس يونيورسٽي جا سڀئي شاگرد مسلسل تحرڪ ۾ آھن ۽ اڄ اي سي ٽو آڏو احتجاجي ڌرڻو پڻ لڳايو ويو آھي پر انتظاميا طرفان ڪو بہ مثبت رويو ناھي ۽ انتظاميا ڪي بہ ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڄامشورو سمجهي ٿي ادارن جي ڪراين ۽ شين ۾ مھانگائي ڪرڻ ادارن کي خانگي بڻائڻ جي علم دشمن سازش آھي جيڪا ڪنھن بہ قدر قابل قبول ناھي. پي آر ايس ايف سمجھي ٿي تہ لمس يونيورسٽي انتظاميه شاگرد دشمن فيصلا ڪري ميڊيڪل جي شاگردن جو مستقبل داءِ تي لڳائي رھي آھي، جنھن جي پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڄامشورو سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي لمس يونيورسٽي جي احتجاجي شاگردن سان يڪجھتيءَ جو اظھار ڪري ٿي ۽ مطالبو ٿي ڪري تہ شاگردن جا سمورا مسـئلا جلد کان جلد حل ڪيا وڃن.

ميڊيا سيل،
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعو ڄامشورو.

تعليم نظام کي پراويٽ ڪري ان کي ڪرپٽ ڪيو ٿو وڃي.
18/04/2024

تعليم نظام کي پراويٽ ڪري ان کي ڪرپٽ ڪيو ٿو وڃي.

امتحانن جي فيس نالي مسلسل ٻن سال کان ھن آپريٽر 60 لک کان مٿي ٻارن کان فيس اوڳاڙي ڪئي آھي جيڪا غير قانوني آھي سموري گھوٽڪ...
18/04/2024

امتحانن جي فيس نالي مسلسل ٻن سال کان ھن آپريٽر 60 لک کان مٿي ٻارن کان فيس اوڳاڙي ڪئي آھي جيڪا غير قانوني آھي سموري گھوٽڪي سيف انتظاميہ آپريٽرن سان ٻڌل آھي.

18/04/2024

سيف انتظاميہ هيٺ هلندڙ اسڪول ۾ غريب ٻارن کان غير قانوني فيس جي اوڳاڙي نامنظور

سنڌ حڪومت اسڪولن کي
خانگي بڻائي ٻارن کي ڪرپٽ انتظاميہ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. جتي سيف اسڪول جا ٺيڪا کپائڻ ۾ اڳيان اڳيان نظر پئي اچي، جتي سيف کي سنڌ حڪومت ھر ٻار جي اسڪول جي فيس کان وٺي پينسل ۽ جيب خرچي تائين فنڊ مھيا ڪري ٿي، اتي سيف جي انتظاميہ اسڪولن جي آپريٽرس ۽ اسڪول انتظاميہ کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي تہ توھان مختلف بھانن ھيٺ شاگردن کان فيسن جي اوڳاڙي ڪيو.

ان ڏس ۾ پي آر ايس ايف گھوٽڪي اُن غيرقانوني ۽ تعليم دشمن عمل خلاف پنھنجي ڪمپلين ڊسٽرڪٽ سيف آفيس ۾ جمع ڪرائي پر موٽ ۾ ڪا بہ جوابي خاطري نہ ڪرائي وئي. حماد پبلڪ اسڪول گهوٽڪي جو آپريٽر عزيز ﷲ ميراڻي مسلسل ٻن سالن کان وٺي غريب مسڪين شاگردن کان فيس وٺي رھيو آھي جنھن جا ثبوت اسڪول جي ٻارن جي وڊيو بيان جي ڏنل شڪل ۾ موجود آهن.
پي آر ايس ايف گھوٽڪي اسڪول انتظاميا جي اھڙي غيرقانوني عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ سنڌ حڪومت ۽ اعلي ادارن کي اپيل ٿي ڪري تہ مفت تعليم واري حق کي عملي شڪل ڏيندي اُن غيرقانوني عمل کي بند ڪيو وڃي ۽ اُن غيرقانوني عمل ڪندڙ خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ پي آر ايس ايف گھوٽڪي سيف ۽ اسڪول انتظاميہ خلاف قانوني رستي سان گڏ احتجاجي تحريڪ جو سڏ ڏئي سگھي ٿي.

پاران : پي آر ايس ايف گھوٽڪي

پريس رليز 12 اپريل 2024عپريا ڪماريءَ کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو.گهوٽڪي سميت اُتر سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ اغوا انڊسٽري بند ڪرا...
13/04/2024

پريس رليز
12 اپريل 2024ع
پريا ڪماريءَ کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو.
گهوٽڪي سميت اُتر سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ اغوا انڊسٽري بند ڪرايو.

پ ٽ الف اڳواڻ شهيد ظفرﷲ لاکو جا قاتل گرفتار ڪيو

گھوٽڪي ضلعي سميت سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال،قبيلائي جھيڙن جي آڙ ۾ قتل عام، لاقانونيت،سنگرار مان اغوا ڪيل پريا ڪماري جي بازيابي ۽ شهيد استاد ھدايت لوھار، ظفرالله لاکو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ امن بحالي ڪاميٽي گھوٽڪيءَ طرفان گهوٽڪي پريس ڪلب اڳيان عيد جي ٽئين ڏينهن ٽن ڪلاڪن جي علامتي بک ھڙتال ڪيمپ قائم ڪئي وئي.
جنھن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ بادل ملڪ،نيڪ جسڪاڻي،
جسقم جي اڳواڻن محبوب گھوٽو، نديم ملاڻو، ايس ٽي پي اڳواڻ خالد لاکو، علي گوھر پٺاڻ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري سهيل ڪلوڙ ، پي آر ايس ايف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ آفتاب جتوئي، ايس يو پي ضلعي اڳواڻ عمران سوڍو، گھوٽڪي يوٿ فورم جي آصف ملڪ، فدا ملڪ،ھيومن رائٽس اڳواڻ احسان ڪلادي ،نصرﷲ ڪلادي،
محمد اعظم چاچڙ، صحافي نصرﷲ گڏاڻي، پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو جي عمار دايو سُميت ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ گھوٽڪي ضلعي سُميت سنڌ اندر بدترين لاقانونيت ۽ بدامني جي لَھر ڇانيل آھي جنھن سبب ھر ايندڙ ڏينھن قبيلائي جھيڙن جي آڙ ۾ بيگناھ ماڻھن جو قتل عام ڪري انساني جانين کي ڇيھو رسايو پيو وڃي،گھوٽڪي اندر ڏينھن ڏٺي جو شھرن ۾ دھشتگردي بدامني سبب شھر واسين ۾ بي چيني ڇانيل آھي ڦرون ڌاڙا اغوا ڪارون روز جو معمول بڻيل آھن،معصوم ٻارن کي اغوا ڪرڻ جو سلسلو به رُڪي نہ سگھيو آھي.
پر پوليس توڙي انتظاميه امن امان جي بحاليءَ لاءِ ڪو به تحرڪ ناھي ورتو.
سنگرار مان ڪيترائي سال اڳ اغوا ڪيل پريا ڪماريءَ کي به بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس مڪمل طور تي ناڪام وئي آھي،
شھيد استاد ظفرالله لاکو،شھيد ھدايت لوھار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري پڻ عمل ۾ نہ اچي سگھي آھي.
سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اتر سنڌ مان قبيلائي تڪرار،لاقانونيت،اغوا ڦرون ڌاڙا فورا بند ڪيا وڃن، پريا ڪماري کي آزاد ڪيو وڃي ۽ شهيد استاد ظفرالله لاکو جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي،

پريس ترجمان
امن بحالي ڪميٽي گهوٽڪي

‎ہم جو تاریک راہوں‌ میں ‌مارے گئے قتل گاہوں سے چن کر ہمارے عَلماور نکلیں گے عشاق کے قافلےجن کی راہ طلب سے ہمارے قدممختصر...
13/04/2024

‎ہم جو تاریک راہوں‌ میں ‌مارے گئے

قتل گاہوں سے چن کر ہمارے عَلم
اور نکلیں گے عشاق کے قافلے
جن کی راہ طلب سے ہمارے قدم
مختصر کر چلے درد کے فاصلے
کر چلے جن کی خاطر جہاں‌گیر ہم
جاں گنوا کر تری دلبری کا بھرم
ہم جو تاریک راہوں‌ میں ‌مارے گئے

Remembering Mashal Khan on his 7th Death Anniversary
* Mashal Khan was a student at the Abdul Wali Khan University Mardan, Pakistan who was killed by an angry mob in the premises of the university on 13 April 2017, over allegations of posting blasphemous content online.

10/04/2024

ڪامريڊ نظير عباسي کي لال سلام❤️

عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، گھوٽڪي پاران شاگرد ۽ پورھيت طبقي جي عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ نذير عباسي ...
10/04/2024

عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، گھوٽڪي پاران شاگرد ۽ پورھيت طبقي جي عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ نذير عباسي جي 71 ھين سالگراهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ سندس عظيم جدوجھد کي ڀيٽا پيش ڪندي کيس سرخ سلام پيش ڪيو ويو.

عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، گھوٽڪي

02/04/2024

امن بحالي تحريڪ
عوامي ورڪرز پارٽي گهوٽڪي

Address

Rehmowali Ghotki
Ghotki

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PRSF Ghotki posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to PRSF Ghotki:

Share