Ghotki Disability Forum

Call Contact the organization

Ghotki Disability Forum Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Ghotki Disability Forum, Non-Governmental Organization (NGO), Ghotki.

12/10/2026
اڄ 8 آڪٽوبر 2026ع تي ڊي سي آفيس جي ميٽنگ هال ۾ اليڪشن ڪميشن گھوٽڪي جي طرفان نئين عورتن جي شناختي ڪارڊ (CNIC) ۽ ووٽر رجسٽ...
09/10/2026

اڄ 8 آڪٽوبر 2026ع تي ڊي سي آفيس جي ميٽنگ هال ۾ اليڪشن ڪميشن گھوٽڪي جي طرفان نئين عورتن جي شناختي ڪارڊ (CNIC) ۽ ووٽر رجسٽريشن مهم بابت اهم مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ADC-I) ڪئي.ماجدعلي ڪلھوڙو اليڪشن ڪميشن آفيسر ضلع گھوٽڪي تفصيلي بريفنگ ڏني
اجلاس ۾ عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ، ووٽر لسٽن ۾ عورتن جي رجسٽريشن وڌائڻ ۽ عورتن کي چونڊ عمل ۾ برابر شرڪت جا موقعا فراهم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ لاڳاپيل سرڪاري ادارن،جا آفيسر صاحبان جنھن ۾ تمام يوسي سيڪريٽرن ،ايجوڪيشن،ڊي اي پي ڊي،نادره لائيو اسٽاڪ شوشل ويلفيئر ،سماجي تنظيمن،جي ڊي ايف،حوافائوڊيشن،ايل ڊي ايف،سوائي فائونڊيشن،سرسو،۽ اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار تي زور ڏنو ويو. خاص طور تي انهن عورتن تائين پهچڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جيڪي اڃا تائين شناختي ڪارڊ کان محروم آهن. اليڪشن ڪميشن جي مهم جو مقصد عورتن جي CNIC ۽ ووٽر رجسٽريشن ۾ اضافو ۽ صنفي فرق گهٽائڻ آهي.

عالمي سياحت جو ڏينهن – تاريخ: 27 سيپٽمبر 2026عالمي سياحت جو ڏينهن هر سال 27 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جو مقص...
28/09/2026

عالمي سياحت جو ڏينهن –

تاريخ: 27 سيپٽمبر 2026

عالمي سياحت جو ڏينهن هر سال 27 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جو مقصد سياحت جي اهميت، ثقافتي ورثي، مقامي معيشت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ هم آهنگي کي اجاگر ڪرڻ آهي. گهوٽڪي ڊسئبلٽي فورم (GDF) طرفان ان موقعي تي معذور ماڻهن لاءِ پهچ لائق ۽ جامع سياحت جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. فورم مطالبو ڪيو ته سياحتي هنڌن تي ويل چيئر رستا، مناسب سهولتون، سائن بورڊ ۽ ٻين ضروري رسائي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيئن معذور ماڻهو به برابر نموني سياحت مان لطف اندوز ٿي سگهن.

11/09/2026

ميڊيا ڪوريج

09/09/2026

اڄ بتاريخ,9,9,2026,
جام آصف دريجو اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر جو افتتاح
اڄ هڪ اهم ۽ خوشيءَ جو ڏينهن آهي، جڏهن جام آصف دريجو اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر جو باقاعده افتتاح ڪيو ويو. هن مرڪز جو بنيادي مقصد معذور ٻارن ۽ ماڻهن کي معياري خصوصي تعليم، بحالي جون سهولتون ۽ مختلف قسم جون ٿراپيون فراهم ڪرڻ آهي.
افتتاحي تقريب ۾ سماجي اڳواڻن، معذور ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن، والدين، استادن، ٿراپسٽن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب دوران مرڪز جي مقصدن، خدمتن ۽ مستقبل جي منصوبن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي.
مرڪز ۾ خصوصي تعليم سان گڏ فزيوٿراپي، آڪيوپيشنل ٿراپي، اسپيچ ٿراپي، بحالي ۽ صلاح مشوري جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ جو مقصد رکيو ويو آهي، ته جيئن معذور ٻارن کي پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ معاشري ۾ باعزت ۽ خودمختيار زندگي گذارڻ جا بهتر موقعا ملي سگهن.
شرڪت ڪندڙن مرڪز جي قيام کي هڪ مثبت سماجي قدم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي ادارو علائقي جي معذور ٻارن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ اهم سهارو ثابت ٿيندو.

عورتن جا نوان شناختي ڪارڊ ۽ ووٽر رجسٽريشن بابت اجلاسضلعي اليڪشن آفيسر ماجد علي ڪلھوڙو جي صدارت هيٺ عورتن جا نوان قومي شن...
09/09/2026

عورتن جا نوان شناختي ڪارڊ ۽ ووٽر رجسٽريشن بابت اجلاس
ضلعي اليڪشن آفيسر ماجد علي ڪلھوڙو جي صدارت هيٺ عورتن جا نوان قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۽ اهل عورتن کي ووٽر لسٽن ۾ شامل ڪرڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو.
اجلاس ۾ عورتن کي قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ، نادرا سان رابطي، نون ووٽرن جي رجسٽريشن ۽ عورتن ۾ ووٽ جي اهميت بابت آگاهي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن پڻ عورتن جي ووٽر رجسٽريشن ۽ صنفي فرق گهٽائڻ لاءِ مهم هلائي رهي آهي.
اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته هر اهل عورت پنهنجو شناختي ڪارڊ ٺهرائي، ووٽر طور رجسٽرڊ ٿئي ۽ پنهنجي جمهوري حق جو استعمال ڪري. عورتن جي چونڊ عمل ۾ وڌ کان وڌ شرڪت جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي.

06/09/2026

🇵🇰 6 سيپٽمبر — يومِ دفاعِ پاڪستان 🇵🇰

گهوٽڪي ڊسئيبلٽي فورم (GDF) جي طرفان سموري پاڪستاني قوم کي يومِ دفاعِ پاڪستان جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪجي ٿي.
6 سيپٽمبر اسان لاءِ قومي يڪجهتي، بهادري ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن انهن شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو آهي، جن پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون
GDF ان عزم جو اظهار ڪري ٿو ته پاڪستان جي ترقي، امن، برابري ۽ سماجي انصاف لاءِ هر طبقي، خاص طور تي معذور ماڻهن جي حقن ۽ باعزت شموليت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو
پاڪستان زنده باد 🇵🇰
پاڪ فوج پائنده باد 🇵🇰
شهيدن کي سلام!

انشاء الله اسان اميد ڪريون ٿا معذور ،مظلوم،محروم،مزدور ۽انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪندو
02/09/2026

انشاء الله اسان اميد ڪريون ٿا معذور ،مظلوم،محروم،مزدور ۽انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪندو

شکریہ برادر جمیل احمد مہر صاحب
28/08/2026

شکریہ برادر جمیل احمد مہر صاحب

27/08/2026

آگاہی سیشن قابلِ رسائی ووٹنگ برائے معذوری کے حامل افراد گھوٹکی ڈسئبلٹی فورم نے ڈسٹرکٹ الیکشن کمشنر گھوٹکی کے تعاون سے ایک آگاہی سیشن منعقد کیا، جس میں ووٹر رجسٹریشن، ڈاک بیلٹ کے طریقہ کار اور معذوری کے حامل افراد کے لیے قابلِ رسائی ووٹنگ سہولیات پر روشنی ڈالی گئی۔ ڈسٹرکٹ الیکشن کمشنر ماجد علی کلھوڑو نے ووٹنگ رجسٹریشن اور پوسٹل بیلیٹنگ پہ روشنی ڈالی نصیر احمد کھاوڑ صدر گھوٹکی ڈسئبلٹی فورم،جمال الدین گڈانی،سھراب چاچڑ،محمد حنیف مہر،خصوصی افراد کی مخصوص سیٹ کا کونسلرامام بخش سومرو حاجن خان سندراٹی نے معذوری کے حامل افراد کے ووٹنگ میں درپیش مسائل کو اجاگر کیے۔

Address

Ghotki

Telephone

+923013633469

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ghotki Disability Forum posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Ghotki Disability Forum:

Shortcuts

Share