Ufone Franchise Daharki

Ufone Franchise Daharki Franchise

منهنجي ۽ يوفون جي ڪهاڻي — 2010 کان 2026 تائين*2010 جي اونهاري ۾ جڏهن منهنجي هٿ ۾ پهريون ڀيرو ننڍڙو نوڪيا موبائيل آيو، تڏ...
19/05/2026

منهنجي ۽ يوفون جي ڪهاڻي —
2010 کان 2026 تائين*

2010 جي اونهاري ۾ جڏهن منهنجي هٿ ۾ پهريون ڀيرو ننڍڙو نوڪيا موبائيل آيو، تڏهن ان سان گڏ يوفون جي سم به آئي.

انھن ڏينهن مون کي خبر نه هئي ته اها سم رڳو ڪنيڪشن نه، پر منهنجي زندگيءَ جو پهريون ساٿي بڻجي ويندي.

۽ هڪ عادت جيڪا اڄ تائين نه وئي —
*يوفون جي سم هميشه پهرين سلوٽ ۾ وجھندو آهيان.*
ٻيو ڪو نيٽورڪ آيو به، ته يوفون کي پهريون نمبر ڏيندو آهيان. ڄڻ دل چوي ٿي،
اصل گهر اهو ئي آهي.

*2010–2012:
ڏهن روپين جو لوڊ ۽ رات جاڳڻ*
ان وقت سڀ کان وڏو مزو هو يوفون جو ڏهن روپين وارو لوڊ.
ٻيا نيٽورڪ پنجاهه روپين کان گهٽ لوڊ ڏيندا ئي نه هئا،
پر يوفون اسان شاگردن لاءِ ڏھن روپين ۾ به سڄي دنيا ڳنڍي ڇڏيندي هئي.

۽ جڏهن ٿورو پئسا هٿ ۾ ايندا هئا، ته سڌو سال وارو
ايس ايم ايس
پيڪيج لڳائي بي فڪر ٿي ويندا هئاسين.
رات جاڳي دوستن سان ميسيج تي کل مذاق، ۽ وچ ۾ وچ ۾ شاعري جا ميسيج موڪلڻ.
"دل جي ڳالهه 160 اکرن ۾" لکڻ جو مزو ئي الڳ هو.

نوڪيا آن ڪندي جڏهن اسڪرين تي *"Ufone"* جو لوگو اچي ويندو هو،
بس دل ٺري پوندي هئي.
۽ ڪٿي به روڊ تي،
دڪان تي،
ڪنهن جي فون تي *"Ufone"* لکيل ڏسندو هئس ته اڻڄاڻائيءَ ۾ به مرڪي پوندو هئس.
ڄڻ پنهنجو ماڻهو ملي ويو هجي.

*2012–2014:
3G جو دور ۽ نئين دنيا*
جڏهن انٽر ۾ آيس ته ٽچ موبائيل ۽ 3G آئي.
پهريون ڀيرو يوفون جي انٽرنيٽ تي يوٽيوب کوليم،
فيسبوڪ تي تصويرون لڳايون، ڪلاس جا واٽس ايپ گروپ ٺاهيم.
پر دل اڃا به انهي سال واري ايس ايم ايس پيڪيج ۽ انهي "Ufone" لوگو سان جڙيل هئي.

*2015–2021:

وفا جو امتحان*
جڏهن پاڪستان ۾ سم ڪارڊ بايوميٽرڪ ٿيڻ لڳا، تڏهن مون سڀ سم ڪارڊ پنهنجي نالي کان ختم ڪرائي ڇڏيا.
پر يوفون جي سم نه ڇڏي.

*ھاڻي بي جاز ۽ زونگ جواب ڏئي ويا،
پر يوفون جو ساٿ جاري آھي.*
مهانگائي ۽ ڏکئي وقت ۾ به جڏهن ٻيا نيٽورڪ خاموش ٿي ويا،
تڏهن يوفون جي هڪ لڪير هميشه چوندي هئي: "
مان هتي آهيان."

*2022–2026:

عشق اڃا جوان آهي*
هاڻي 2026 آهي.
دنيا بدلجي وئي آهي، ٽيڪنالاجي بدلجي وئي آهي.
اڄ ويهين صديءَ ۾ ڪو به
ايس ايم ايس پيڪيج کي نٿو ڏسي، سڀ واٽس ايپ ۽ انٽرنيٽ تي آهن.
پر مان اڃا به بنا ضرورت جي يوفون جو سال وارو
ايس ايم ايس پيڪيج لڳائيندو آهيان.
ڇاڪاڻ ته ڪجهه عادتون عادتون نه، نشانيون بڻجي وينديون آهن.

جتي ٻيا نيٽورڪ جاز ۽ زونگ
200-300
روپين ۾ مهيني جو واٽس ايپ پيڪيج ڏين ٿا،
اتي يوفون اڄ به ڏھ. روپين ۾ پوري مهيني لاءِ واٽس ايپ پيڪيج ڏئي ٿي.

---

16 سال ٿي ويا.
نوڪيا بدليو،
ٽچ موبائيل آيو.
ايس ايم ايس جو دور ويو، واٽس ايپ جو دور آيو.
پر يوفون نه بدلي، ۽ منهنجو عشق به نه بدليو.

اسان وفا ڪئي، ۽ يوفون اڄ به اسان سان بيوفائي نه ڪئي.
ڇاڪاڻ ته ڪجهه رشتا سگنل جا نه هوندا آهن،
اهي دل جا هوندا آهن.

۽ منهنجو رشتو — يوفون پاڪستان سان — ابدي آهي.
ڏهہ روپين واري وفا سان شروع ٿيو، ۽ ڏھن روپين واري وفا تي اڄ به قائم آهي.
جيستائين دل ڌڙڪندي، تيستائين يوفون سان ڳنڍيل رهندس.

يوفون پنھنجو نيٽورڪ
پنھنجي ڳالھ

HVC Customer of Ufone 🩵 Pervaiz Hussain Buriro 🩷
15/05/2026

HVC Customer of Ufone 🩵

Pervaiz Hussain Buriro 🩷

Celebrating the connections that bring 7 crore+ people together across Pakistan. 🧡
15/05/2026

Celebrating the connections that bring 7 crore+ people together across Pakistan. 🧡

14/05/2026
HVC Customer of Ufone 🩵 Ghulam Nabi Shaikh  🩷
14/05/2026

HVC Customer of Ufone 🩵

Ghulam Nabi Shaikh 🩷

HVC Customer of Ufone 🩵 Abdul Sattar Malik  🩷
14/05/2026

HVC Customer of Ufone 🩵

Abdul Sattar Malik 🩷

Your monthly social scene is sorted with Ufone Social Plus Offer Enjoy 15GB data and limitless calling minutes.🤩Dial *63...
14/05/2026

Your monthly social scene is sorted with Ufone Social Plus Offer
Enjoy 15GB data and limitless calling minutes.🤩
Dial *6373 # or subscribe via UPTCL now.

HVC Customer of Ufone 🩵 Jaffar Ali Tanwari  🩷
14/05/2026

HVC Customer of Ufone 🩵

Jaffar Ali Tanwari 🩷

HVC Customer of Ufone 🩵 Wajid Ali Tanwari ❤️
14/05/2026

HVC Customer of Ufone 🩵

Wajid Ali Tanwari ❤️

HVC Customer of Ufone 🩵 Fida Hussain Joyo ❤️
11/05/2026

HVC Customer of Ufone 🩵

Fida Hussain Joyo ❤️

Address

GT Road 5 No Naka Opposite Drive Gulsheer Hospital
Ghotki

Telephone

+923350000514

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ufone Franchise Daharki posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Ufone Franchise Daharki:

Share