30/05/2026
شڪارپور ۾ پي ايس ڊي سي جو اجلاس
شڪارپور: ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ پيٽروليم سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽي (پي ايس ڊي سي) جو هڪ اهم اجلاس سڏايو ويو...
اجلاس ۾ پي ايس 09 ڳڙھي ياسين آغا شھباز خان دراني ، ايم اين اي محمد شهريار خان مهر، ايم پي اي امتياز احمد شيخ ،ايم پي اي محمد عارف خان مهر، ذوالفقار خان ڪماريو، ڊپٽي ڪمشنر شڪيل ابڙو، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر، تيل ۽ گئس ڪمپنين جا نمائندا، ۽ مقامي مقامي حڪومت جا نمائندا شرڪت ڪئي...
اجلاس ۾ پيداوار بونس ۽ سماجي ڀلائي جي فنڊ مان شروع ڪيل ترقياتي اسڪيمن جي سڃاڻپ ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ڪيو ويو...
تيل ۽ گئس ڪمپنين پنهنجي ڪمپنين پاران جمع ڪيل پيداوار بونس فنڊ ۽ لاڳاپيل رعايتي علائقن جي تفصيل اجلاس ۾ پيش ڪيا...
اجلاس کي شڪارپور ضلعي ۾ ترقياتي منصوبن ۽ سماجي ڀلائي جي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ اهم سمجهيو ويو.