تعليم دوست پينل ضلع بدين

تعليم دوست پينل ضلع بدين تعليم دوست پينل بدين ضلعي جي سيڪينڊري استادن جي حق ۽ سچ جو ترجمان ❤️❤️👍👍

26/05/2026
26/05/2026

جيئي استاد ✌️
جيئي گسٽا ✊
جيئي تعليم دوست پينل بدين ـ
محترم دوستو، ساٿيو ڀينرو ۽ اسان جي تعليم دوست قافلي جا وفادار سپورٽرو!
گسٽا اليڪشن ۾ نتيجا ڀلي اسان جي اميدن مطابق نه آيا هجن، پر اوهان جو ساٿ، اعتماد، محبت ۽ هر ڏکئي گهڙيءَ ۾ گڏ بيهڻ اسان لاءِ وڏي فتح کان گهٽ ناهي. اوهان جنهن نموني سان ٻانهن ٻيلي ٿي ميدان ۾ ساٿ ڏنو، اها وفاداري ۽ اخلاص هميشه ياد رهندو.
اقتدار اچڻ وڃڻ واري شيءِ آهي، پر رشتا، اعتماد ۽ ساٿ ئي اصل سرمايو هوندو آهي. اسان اوهان سڀني جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، جن بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي وقت، محنت ۽ عزت هن قافلي لاءِ وقف ڪئي.
اسان جو حوصلو اڄ به بلند آهي، ڇو ته اسان وٽ اوهان جهڙا سچا ساٿي موجود آهن. انشاءَالله جدوجهد جاري رهندي، استاد جي حق، عزت ۽ اتحاد لاءِ گڏجي آواز بلند ڪندا رهنداسين.
اوهان سڀني کي سلام، محبت ۽ دل سان شڪريو. 🌹
— اوهان جا ساٿي،
تعليم دوست پينل بدين
توھان جو خير انديش
ڪاشف قادر ميمڻ

23/05/2026

بدين ضلعي جا باشعور استاد سڀاڻي 24 مئي تي تعليم دوست پينل جي انتخابي نشان قلم🖊️ تي فتح جي ٺپو هڻي پنهنجي علم دوست هجڻ جو ثبوت ڏيندا.

صحيح تجزيو ڪرڻ ۽ ڦوڪون ڏيڻ ۾ فرق آهي  !!////////////////////////////////////////////////ھاڻي اٺ پٽانگ ڪندڙ شعوري تنقيد ک...
23/05/2026

صحيح تجزيو ڪرڻ ۽ ڦوڪون ڏيڻ ۾ فرق آهي !!

////////////////////////
////////////////////////
ھاڻي اٺ پٽانگ ڪندڙ شعوري تنقيد کان وانجھيل ماڻهو به تجزيو پيا ڪن , وڏي ڳالهه آهي ـ ھمراھ پاڻ کي مھا ڏاھو ثابت ڪرڻ لاء بنان بريڪ جي تبرا ڪري پيو ـ گسٽا اليڪشن ڪيمپين ۾ لولھاٽيون کائي فوٽ بال وانگر گدون کائي پٽڪاري ڪيفيت ۾ گھوڙا گھوڙا ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته بس !! اسان ته کٽيو بيٺا آھيون ـ ڦوڪن مٿي ڦوڪون ته بس !! کٽيو بيٺا آھيون ـ وغيره وغيره ـ
جناب اعليٰ اليڪشنون ڦوڪون ھڻي تبرا ڪري نٿيون کٽي سگهجن ـ سھڻا اھڙو تيل سستو ھجي ھا ته گدڙ به پڇ مکين ھا ـ ٺلھيون بي بنياد خواهشون جيڪڏهن گھوڙا ھجن ھا ته فقير به مٿن سواريون ڪن ھا ـ
اوھان سمجھي ويا ھوندا ته ھي اھڙو ڪير آهي ؟ ۽ تبرو وغيره ڇا آهي ؟ بحرحال اسان ته وري به کيس محترم سمجھون ٿا ـ پر اھو دوست پاڻ کي خود ساخته چريو سائين ڪري سڏرائي ٿو ـ بحرحال اسان جي صحت تي ڪو به اثر ڪونه ٿو پوي ـ ڀلي ھو پاڻ کي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ عملن نٿو ڪھيري ڇو نه ثابت ڪرائي چڪو ھجي ـ ڪڏهن ڪڏهن ھي نان اسٽاپ ٿي ڪري سوشل ميڊيا تي حرڪتون ٿو ڪري جو سنجيدھ ۽ شعوري ساڃاھ رکندڙ ماڻهو اسان کي اھو چوندا آهن ته سائين ھي آهي اوھان جي شعوري افڪار ؟؟!!
اچ ته سھڻا سائين توکي حقيقت پسايان ـ
پھرين ڳالهه ھي آهي ته ڪاشف قادر ميمڻ ۽ ان جي سٿ جي ساٿين اخلاقي , شعوري ۽ عملي طور تي وڏي فتح حاصل ڪري چڪا آهن ـ اوھان عملي طور بلڪل زيرو زيرو آھيو ـ اوھان ۽ اوھان جي وڏن صرف ۽ صرف استادن کي بليڪ ميلنگ جي آڙ ۾ ڌڪي کين ڊپ ڏيئي ناجائز مفاد حاصل ڪيا آهن ـ
ٻيو ھي ته اسان ان ڏينهن ئي کٽي چڪا ھئاسين جڏهن اوھان پاڻ کي لولھو سمجهي , رٽائرڊ ممين جي بي جان ڪلھن تي چڙهي اليڪشني محاذ تيار ڪيا ۽ انھن رٽائرڊ ممين ئي توهان جا پينل ٺاھي اوھان کي ميدان تي لاٿو ـ اوھان ڏنل بي سھاري ڏڍ تي بيھي رھيا ته استادن کي ڊپ سپ ڏيئي بليڪ ميل ڪري ڪم ٽپائي وينداسين ـ اھا ٻي ڳالهه آهي ته ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ ھنڌن تي اوھان ان ۾ ڪامياب ويا پر ادا سائين !! او سھڻا سائين رٽائرڊ ممين جي ھشي ته نچندڙ اسان جا نادان دوست !! اوھان ڀليل آهيو ـ اوھان ويھ سال پوئتي واري سوچ سان ڏسو پيا !! استاد شعوري سوچ جي حساب سان توهان جي اٽڪلن سٽڪلن کان باخوبي واقف آهن ـ انھن کي ڀلي ڀت پروڙ آهي ته صحيح ڇا آهي ۽ غلط ڇا آهي ؟؟ صحيح ڪير آهن ۽ غلط ڪير آهن ؟؟اسان جو حقيقي رھنما ڪير آهي ؟ اھو توهان کي سيڪنڊري استاد ٻڌائن پيا ۽ وڌيڪ سڀاڻي 24 مئي تي قلم تي ٺپو ھڻي ٻڏائيندا ـ اوھان جون ضمانتون ضبط ٿينديون ـ توهان قلم قلم قلم قلم ..........................جي گھيري ۾ آھيو ـ
ڪاشف قادر ميمڻ اھو روشن سج اٿئو جنھن جي اڀرڻ سان استادن کي روشني ملي آهي ـ زبان ملي آهي ـ ھي جي آء ھڪ گسٽا جو ادنا ڪارڪن اوھان کي للڪاريان ويٺو ان مان ئي اندازو ڪري سگھو ٿا ـ بدين ضلعي جا سڀ سيڪنڊري استاد ڪاشف قادر ميمڻ بنجي توهان سان ميدان تي لھي ٻـ ھٿ ڪندا ـ ھتي سھڻا سائين سوڀون سر گھرن ٿيون ـ اوھان ۽ رٽائرڊ مميون ڪجهه به نٿا ڪري سگھو ـ
ڪاشف قادر ۽ ان جا ساٿي مڪمل طور ڪامياب ويا آهن ـ توهان جو خوف استادن پنهنجن دلين مان ڪڍي ڇڏيو آهي ـ
اوھان جن کي روشني جو سج سمجهي انھن جي آشير واڌ سان سمجھو پي ته بس !! کٽيو بيٺا آھيون سو ادا اھا اوھان جي ڀل آھي ۽ اوھان ايترا غلط آھيو جيترا ڪير غلط ٿي سگھن ٿا !! اوھان جي انھن سجن کي مڪمل گرھڻ لڳي چڪو آهي ـ اھي اوھان کي ھاڻي اوندهه ئي ڏيئي سگهن ٿا ـ اوھان کي صرف دوکو ئي ڏيئي سگهن ٿا ۽ اوھان ؟ اوھان اھي اياڻا پکي آھيو جيڪي ٿيل سج گرھڻ کي رات سمچھي پنهنجن آکيرن ڏي اڏرڻ جي تياري ڪري چڪا ھوندا ـ پر جڏهن ٿانيڪا ٿيندا تڏهن چوندا ته اڙي !! ھي ڇا ؟؟!! ھي ڪھڙو دوکو آهي ؟؟!!
ان ڪري اڃان به وقت اٿئو !! ته اٿو !! آجا ٿيو ھنن سج گرھڻن مان !! اوھان ان روشن سج جي روشني ھيٺ جيئو جنهن کي ڪا به طاقت غير روشن نٿي ڪري سگهي ـ اھو روشن سج اٿئو ڪاشف قادر ميمڻ ـ سرواڻ تعليم دوست پينلس ـ

ڪڪر ڪوٽ برج پرين , جت سڄڻ سحرون ڪن ,
آء مٿان تن , شل ! انڊلٺ ٿي اڀران ـ
جيئي ڪاشف قادر ميمڻ ـ
جيئي مير امتياز ٽالپر ـ
جيئي مير ظفر الله جمالي ـ
جيئي سرمد کوسو ـ
جيئي مير رسول بخش ٽالپر ـ
جيئي ظفر علي رند ـ
جيئي محمد علي جمالي ـ
جيئي علي شير بوھڙ ـ
جيئي سائين علي محمد شاهه ـ
جيئي ملڪ نظاماڻي ـ
جيئي اڪرام خاصخيلي ـ
جيئي صاحب۔ خان جاکرو ـ
جيئي جميل ميمڻ ـ
جيئي اختر نظاماڻي ـ
جيئي آفتاب خاصخيلي ـ
جيئي فھيم تاج جمالي ـ
جيئي اسد الله ميمڻ ـ
جيئي سائين عنايت علي شاھـ
جيئي محمد جمن ھليو ـ
جيئي گل محمد ساند ـ
جيئي حق پرست جدوجهد ـ
جيئي گسٽا ! جيئي سنڌ !
جيئي تعليم دوست پينل ـ

ٺپي پـ ٺپا ـ تير پـ ٺپا ـ
اچو ته قلم تي ٺپا ھڻي , پنهنجي تقدير پاڻ پنهنجن ھٿن سان لکون ـ

14/05/2026

تعليم دوست پينل جي سرواڻ ڪاشف قادر ميمڻ تعلقي تلهار جي تعليم دوست پينل جي استادن کي خطاب ڪندي.

21/04/2026

بدين ضلع جي استادن جو ھڪ ئي آواز آهي ته ڪاشف قادر ميمڻ گسٽا ضلع بدين جو صدر ٿئي.

Address

Badin
72200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when تعليم دوست پينل ضلع بدين posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share