Sindh Association Of Japan

Sindh Association Of Japan Sindh Association of Japan (SAJ) has decided to assist poor people in Sindh and whole Pakistan! Without any government’s support

Where our government can’t reach, (SAJ) will reach there and help people by itself.

جاپان مان لنڊن تائين، سنڌ جي پريت جو نياپو کڻي ويندڙ محترم سائين محمد ايوب مھر صاحب سانا جي هن تاريخي سٿ ۾ اسان جي ڀرپور...
25/04/2026

جاپان مان لنڊن تائين، سنڌ جي پريت جو نياپو کڻي ويندڙ محترم سائين محمد ايوب مھر صاحب
سانا جي هن تاريخي سٿ ۾ اسان جي ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجون، سنڌ جو درد اسان کي هڪ هنڌ ڳنڍي رکي ٿو.
ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ تمنائون!

ڪوبي جي فضا ۾ صوفياڻي سرن جي ورکاجاپان جي سرزمين تي سنڌي ثقافت جي خوشبو مهڪي اٿي، جڏهن نامياري قوال جمشيد صابري ۽ سندس گ...
29/03/2026

ڪوبي جي فضا ۾ صوفياڻي سرن جي ورکا
جاپان جي سرزمين تي سنڌي ثقافت جي خوشبو مهڪي اٿي، جڏهن نامياري قوال جمشيد صابري ۽ سندس گروپ پاران اوساڪا ۾ روح پرور قوالي پيش ڪئي وئي۔
تقريب ۾ سنڌي ڪميونٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جتي صوفياڻي ڪلامن جو سحر ڇانيل رهيو ۽ محفل روحانيت سان سرشار ٿي وئي۔ جمشيد صابري پنهنجي جادوئي آواز سان پرديس ۾ ويٺل سنڌين کي پنهنجي مٽي ۽ روحاني ورثي جي ياد ڏياري ڇڏي۔

29/03/2026

ڪوبي جي فضا ۾ صوفيانه رنگ: جمشيد صابري ۽ گروپ جي شاندار قوالي

29/03/2026
جاپان جي شهر اوساڪا ۾ منعقد ٿيل پهرين "پاڪستان اوساڪا ڪلچرل فيسٽيول" جي ڪامياب پڄاڻيءَ کانپوءِ، سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان ...
28/03/2026

جاپان جي شهر اوساڪا ۾ منعقد ٿيل پهرين "پاڪستان اوساڪا ڪلچرل فيسٽيول" جي ڪامياب پڄاڻيءَ کانپوءِ، سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان (SAJ) جي سٿ پاران سنڌ مان آيل ملهه پهلوانن ۽ وفد جي اعزاز ۾ هڪ خاص نشست ۽ ڪچهري منعقد ڪئي وئي.
هن موقعي تي سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان جي سٿ سنڌي جوانن ۽ پهلوانن سان ملاقات ڪئي ۽ فيسٽيول ۾ سنڌي ثقافت جو نالو روشن ڪرڻ تي کين واڌايون پيش ڪيون. ايسوسيئيشن پاران پهلوان محمد صديق بگٽي، قربان هوٿيپوٽو، ريفري محرم مجيداڻي، گروپ ڪوآرڊينيٽر نامياري سفرنامہ نگار ۽ پبلشر قربان منگي، گروپ ليڊر، مصور ۽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين يونيورسٽي آف سنڌ جو ڊائريڪٽر سعيد منگي
کي سندن بهترين ڪارڪردگي ۽ سنڌي ملاکڙي کي جاپان جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ متعارف ڪرائڻ تي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي "اجرڪون" اوڍايون ويون.
سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان جي سٿ پاران خطاب ڪندي چيو ويو ته:
پاڪستان اوساڪا ڪلچرل فيسٽيول ۾ سنڌي ملهه ۽ جاپاني سومو جو تاريخي مقابلو ڪرائڻ هڪ وڏو ڪارنامو آهي. هن مقابلي سان سنڌي ملهه راند کي عالمي سطح تي تمام گهڻي پزيرائي ملي آهي ۽ اها ثابت ٿي ويو آهي ته اسان جي قديم ثقافت ۾ اڄ به دنيا کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي طاقت آهي."

سنڌ جو قديم راند ملاکڙو بمقابله جاپان جي مشهور راند سومو! ​پھرئين پاڪستان–اوساڪا ڪلچر فيسٽيول 2026 جي موقعي تي دنيا ۾ په...
24/03/2026

سنڌ جو قديم راند ملاکڙو بمقابله جاپان جي مشهور راند سومو!
​پھرئين پاڪستان–اوساڪا ڪلچر فيسٽيول 2026 جي موقعي تي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ٻن قديم تهذيبن جي روايتي راندين جو ميلاپ ٿي رهيو آهي. هن عالمي پليٽ فارم تي سنڌ جي قديم راند "ملاکڙو" ۽ جاپان جي قومي راند "سومو" جا پهلوان آمهون سامهون هوندا.
تاريخ: 28 مارچ 2026
هنڌ:اوھاما پارڪ ،ساڪائي، اوساڪا، جاپان
​🌟 فيسٽيول جون خاص ڳالهيون:
​تاريخي ۽ منفرد مقابلو: تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ملهه پهلوان جاپاني سومو اسٽارز سان مقابلو ڪندا.
​اسان جا هيرو: سنڌ جا ناميارا ملهه پهلوان منٺار علي بگٽي ۽ قربان علي هوٿيپوٽو هن تاريخي مقابلي ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندا
​ثقافتي سفارتڪاري: هي پروگرام پاڪستان ۽ جاپان جي گهري ثقافتي ۽ سفارتي تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي.
​ سهڪار: پاڪستان ايسوسيئيشن ڪانسائي، پاڪستان جاپان ڪلچرل ايسوسيئيشن ۽ اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس کاتو (حڪومت سنڌ)
جاپان ۾ سنڌي ثقافت جو جهنڊو بلند ڪندڙ پاڪستان ايسوسيئيشن ڪانسائي، پاڪستان جاپان ڪلچرل ايسوسيئيشن ۽ اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس کاتو (حڪومت سنڌ) جي سھڪار سان هڪ انتهائي شاندار ۽ تاريخي شروعات ڪرڻ تي سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان طرفان ڀرپور آجيان ڪجي ٿي .
​اچو ته گڏجي پنهنجي پهلوانن جو حوصلا وڌايون ۽ سنڌي ثقافت کي عالمي سطح تي روشناس ڪرايون! 🌏✨

#منٺارعلي #بگٽي
#قربان #علي #هوٿيپوٽو
Sindh Association Of Japan

پرديس ۾ پنهنجن سان گڏ عيد جون خوشيون🌙🌸سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان (SAJ) جي  صدر مهر غلام فاروق جن جي آستاني تي عيدالفطر جي پ...
22/03/2026

پرديس ۾ پنهنجن سان گڏ عيد جون خوشيون🌙🌸
سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان (SAJ) جي صدر مهر غلام فاروق جن جي آستاني تي عيدالفطر جي پرمسرت موقعي تي هڪ شاندار گڏجاڻي ڪئي وئي. کڻي جو اسين پنهنجي وطن کان هزارين ميل پري آهيون، پر جڏهن پنهنجا سنڌي ڀائر ۽ دوست گڏ ٿين ٿا، ته پرديس به پنهنجو ديس لڳڻ محسوس ٿيندو آهي.
اڄوڪي هن محفل ۾ سڀني دوستن گڏجي عيد جون خوشيون ونڊيون، سنڌي ٻوليءَ جي مٺاس سان هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ سنڌ جي عظيم ثقافت جي ياد تازي ڪئي.
هي گروپ تصويرون ان محبت ۽ ٻڌيءَ جو ثبوت آهن، جيڪا اسان کي پنهنجي مٽيءَ سان جوڙي رکي ٿي.
دعا آهي ته:
رب پاڪ اسان جي هن سٿ کي سدائين سلامت رکي، اسان جي سنڌ آباد هجي ۽ پرديس ۾ رهندڙ هر سنڌي شاد هجي.
سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي سنڌ ايسوسيئيشن آف جاپان جي سڄي سٿ پاران عيد جون لک لک واڌايون! 🌹

住所

Osaka, Osaka

電話番号

+818042411072

ウェブサイト

アラート

Sindh Association Of Japanがニュースとプロモを投稿した時に最初に知って当社にメールを送信する最初の人になりましょう。あなたのメールアドレスはその他の目的には使用されず、いつでもサブスクリプションを解除することができます。

共有する

カテゴリー